CSS امتحان جي تياري بابت انٽرويو سرهاڻ اعجاز ابڙو انٽرويو زاهده ابڙو December 2021
همسري تعارف: آئون اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه ٻهراڙي حيدرآباد آهيان، ان سان گڏوگڏ مون وٽ اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو فار ڪمشنر آفيس حيدرآباد جو چارج به آهي. مون سي ايس ايس جو امتحان 2016ع ۾ پاس ڪيو هو ۽ پهرين attempt ۾ منهنجي ايلوڪيشن (PAS) پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ ۾ ٿي هئي. ان کي ڊي ايم جي گروپ به چوندا آهن.
زاهده ابڙو: اسان جي نوجوانن کي اهو ٻڌائيندا ته سي ايس ايس جو امتحان ٻين ڪامپيٽيٽو امتحانن کان ڪيئن مختلف آهي؟ ۽ ان کي اهم امتحان ڇو ٿو سمجهيو وڃي؟
سرهاڻ ابڙو: ڏاڍو سٺو سوال آهي، گهڻو ڪري ته سڀني کي خبر آهي پر وري به آئون ان ڳالهه کي ٻڌائڻ چياهيان ٿي ته هي امتحان ٻين امتحانن کان مختلف ان ڪري آهي جو سال ۾ هڪ دفعو هڪڙي ئي وقت سڄي پاڪستان ۾ اهو امتحان ٿيندو آهي. ان ۾ سڀني صوبن جا ايسپائرنٽ حصو وٺندا آهن، سڀني جي لاءِ سليبس ساڳيو هوندو آهي ۽ امتحان وٺڻ وارا به ساڳيا هوندا آهن ۽ پيپر به ساڳئي طريقي سان چيڪ ٿيندا آهن. هي امتحان هڪڙي لحاظ کان منفرد ان ڪري آهي جو اسان وٽ چار صوبا آهن ۽ هڪڙو امتحان صوبائي سطح تي به ٿيندو آهي جنهن جو سيلبس ۽ امتحان وٺڻ جو طريقو به مختلف هوندو آهي. پيپر کي اپيئر ڪرڻ جو طريقو به مختلف هوندو آهي. PCS جي امتحان ۾ حصو وٺندڙ شاگردن جي ڪئپسٽي به مختلف هوندي آهي. ايئن چئي سگهون ٿا ته CSS ان ڪري مختلف آهي جو اهو وفاقي سطح تي ورتو ٿو وڃي ۽ PCS صوبائي سطح جو امتحان آهي.
زاهده ابڙو: اسان شاگردن کي ڪيئن موٽيويٽ ڪريون ته هن امتحان ۾ حصو وٺن.
سرهاڻ ابڙو: هن امتحان ڏيڻ جي لاءِ موٽيويشن جي ته ڪابه ضرورت ڪونهي. توهان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي چوندا ته هي CSS جو امتحان آهي ۽ هن جا هي گروپ آهن جن ۾ توهان ايلوڪيٽ ٿي سگهو ٿا ۽ ايندڙ پنجٽيهه سالن لاءِ ان گروپ ۾ رهڻ جا هي هي فائدا ٿي سگهن ٿا. منهنجو خيال آهي ته سڀڪو ان شيءِ سان موٽيويٽ ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ اهڙا ايسپائرنٽ به هوندا آهن جيڪي سڄي زندگي ٻاهر پڙهندا آهن انهن جي تعليم ۽ تربيت ٻاهر ٿيل هوندي آهي، پر ان هوندي به اهي واپس پاڪستان ۾ اچي هيءَ سروس يا هيءَ فيلڊ جوائن ڪرڻ چاهيندا آهن. منهنجو خيال آهي ته هن امتحان لاءِ نوجوان اڳ ۾ ئي موٽيويٽڊ آهن. ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته هيءَ سروس انگريزن جي ڪالونيل دور جي سروس آهي ۽ انگريزن جي دور کان اڄ ڏينهن تائين اها سروس هلي پئي، ان جو حصو ٿيڻ به موٽيويشن جو سبب آهي ته ايتري پراڻي لائين جو حصو ٿينداسين، سول سروس جو حصو ٿينداسين، پر اڪثر ماڻهن کي خبر ناهي هوندي ته اهو امتحان ڪيئن ڏجي، ڇا ڪجي ۽ ڪهڙي طريقي سان ان جو حصو ٿي سگهجي ٿو؟ منهنجي خيال ۾ ايسپائرنٽس کي موٽيويشن کان وڌيڪ رهنمائي جي ضرورت آهي. اها ڪيئن ڏجي؟ اڄڪلهه تمام گهڻيون اڪيڊميز کلي ويون آهن ۽ هن دور ۾ هر شيءِ توهان کي گهر ويٺي انٽرنيٽ جي ذريعي آن لائين FPSC جي ويب سائيٽ تي سولائي سان رهنمائي ملي سگهي ٿي. ان کان وڌيڪ جيڪڏهن توهان کي رهنمائي جي ضرورت آهي ته توهان ڪنهن آفيسر سان جڙي وڃو ۽ ان کان رهنمائي حاصل ڪري سگهو ٿا. جيئن مون وٽ ڪافي ايسپائرنٽ ايندا آهن ۽ آئون انهن کي رهنمائي ڏيندي به آهيان جيترو مون کي وقت ملي سگهندو آهي. ان کان علاوه اڪيڊميز کلي ويون آهن. جڏهن توهان اتر سنڌ ۾ ويندا ته توهان کي اتي شايد ايتريون سٺيون اڪيڊميون نه ملن جيڪي توهان کي سٺي طريقي سان رهنمائي ڏيئي سگهن. ان ڪري گهڻو ڪري ايسپائرنٽ حيدرآباد ۽ ڪراچي ويندا آهن ۽ هتي اچي تياري ڪندا آهن. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ تمام سٺيون اڪيڊميون کلي ويون آهن. ان کان علاوه ڇوڪرين جي لاءِ خانگي هاسٽلون به کلي ويون آهن جيڪي محفوظ به آهن اتي رهي ڪري هو پنهنجي تياري ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي مقصد تي توجهه ڏيئي سگهن ٿيون. ان کان علاوه جيڪڏهن توهان کي ڪنهن خاص مضمون جي لاءِ رهنمائي جي ضرورت آهي ته ان لاءِ انٽرنيٽ جي دنيا تمام گهڻي وسيع آهي توهان اتان کان تمام سٺي رهنمائي حاصل ڪري تياري ڪري سگهو ٿا.
زاهده ابڙو: انٽرنيٽ تي ڇا مهيا آهي؟ اتي شاگرد پنهنجا نوٽس ڪيئن ٺاهي سگهن ٿا ۽ گهر ۾ ويهي بنا ڪنهن اڪيڊمي کي جوائن ڪرڻ جي پنهنجو پاڻ ڪيئن سٺي تياري ڪري سگهن ٿا؟
سرهاڻ ابڙو: بلڪل اهو ممڪن آهي جيڪڏهن توهان ڪنهن اڪيڊمي ۾ داخلا نٿا وٺو ۽ توهان گهر ۾ ويهي انٽرنيٽ جي ذريعي تياري ڪرڻ چاهيو ٿا ته اها بلڪل ممڪن آهي، پر منهنجي خيال ۾ اڪيڊمي ان ڪري ضروري آهي ته اتي وقت تي ٽيسٽ ورتا ويندا آهن اتي اصولن تي عمل ڪرايو ويندو آهي، توهان جي جوابدهي پئي ٿيندي آهي، توهان کان ٽيسٽ ورتا ويندا آهن جن تي مارڪون ڏنيون وينديون آهن، توهان کي فيڊ بيڪ ملندو آهي، انهن سڀني شين جي ذريعي توهان پنهنجي اسيسمينٽ ڪري سگهو ٿا ته توهان اڄ ڪٿي بيٺا آهيو ۽ ٻن مهينن جي تياري کانپوءِ ڪٿي بيٺل هوندا. توهان جي ٽيسٽ ۾ مارڪن جو فرق توهان کي ٻڌائيندو آهي ته توهان ڪٿي بيٺل آهيو. انٽرنيٽ جي تياري به توهان بلڪل آرام سان ڪري سگهو ٿا. FPSC جي ويب سائيٽ تي CSS جو نصاب موجود آهي، ان کي ڏسي توهان پنهنجا مضمون چونڊيندا جيڪو ڪنهن به ايسپائرنٽ لاءِ پهريون مرحلو هوندو آهي. ڪل ٻارنهن مضمون هوندا آهن جنهن مان ڇهه لازمي آهن جن ۾ اسلاميات، جرنل ناليج، ڪرنٽ افيئر، پاڪستان افيئر، essay ۽ composition به لازمي سبجيڪٽ طور شامل آهن. هاڻي ڇهه مضمون اسان کي ٻيا چونڊڻا آهن جنهن ۾ توهان اهو فيصلو پاڻ ڪندا ته توهان کي ڪهڙا مضمون کڻڻ کپن جن ۾ توهان آرام سان امتحان ۾ ويهي سگهو. توهان ڪهڙي مضمون ۾ پنهنجي ڪارڪردگي سٺي ڏيکاري سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته توهان اڪائونٽنگ ۾ سٺا آهيو ته توهان اڪائونٽنگ کڻو، پر پهرين توهان سڄي نصاب کي ڏسندا، ان کي چڱيءَ طرح سان پڙهندا ۽ ان ڳالهه جي پرک ڪندا ته جيڪڏهن ان مضمون مان ڪوبه سوال اچي ٿو ته توهان ان کي آرام سان حل ڪري سگهندا يا نه. ايئن نه ٿئي ته توهان ڊاڪٽر آهيو، توهان کي اڪائونٽنگ جي ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ توهان اڪائونٽنگ جو مضمون چونڊيو هجي. ان ۾ لازمي ڳالهه آهي ته توهان کي تياري ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ٽائيم ڏيڻو پوندو ۽ توهان ڇهن اٺن مهينن ۾ شايد ان جي سٺي تياري نه ڪري سگهو. جن مضمونن ۾ توهان گريجوئيشن ڪئي آهي، توهان محسوس ڪريو ته اهي مضمون توهان آسانيءَ سان تيار ڪري سگهو ٿا ته اهي کڻو. ان کانپوءِ توهان گوگل تي وڃي سرچ ڪندا جيڪو به مضمون هوندو ان جي حوالي سان توهان سرچ ڪندا، جيڪا به توهان کي معلومات ملي ٿي ان جا پاڻ نوٽس ٺاهيو، پر اها ڳالهه اهم آهي ته توهان جا نوٽس صحيح ٺهيل آهن يا نه. ان جي خبر توهان کي ڪيئن پوندي، ان جي باري ۾ توهان کي رهنمائي اڪيڊمي ۾ توهان جو ٽيچر يا گائيڊ توهان کي ڏيئي سگهندا. ڇو ته اهو انهن جو ڪم آهي ته هو توهان کي ان جي باري ۾ صحيح رهنمائي ڏين ته توهان صحيح رخ ۾ تياري ڪري رهيا آهيو ۽ توهان جا نوٽس به درست سمت ۾ آهن، توهان جي تياريءَ جي رخ جو تعين ڪرڻ لاءِ اڪيڊمي جو ڪردار اهم آهي.
زاهده ابڙو: منهنجو خيال آهي ته ٽن مهينن ۾ تياري ٿيندي آهي.
سرهاڻ ابڙو: گهڻو ڪري هڪڙي بيچ جي تياري ۾ ٽي کان چار مهينا لڳن ٿا، پر ان کان علاوه توهان پنهنجي تياري ڪيتري وقت ۾ ڪريو ٿا اهو ڪنهن به ايسپائرنٽ تي منحصر آهي.
زاهده ابڙو: اسان کي اسڪورنگ ۽ نان اسڪورنگ مضمونن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو ته اهي ڪهڙآ آهن؟
سرهاڻ ابڙو: اسڪورنگ ۽ نان اسڪورنگ مضمون هڪڙي Myth آهي، اهڙي ڪابه حقيقت ڪونهي. هن سال ڪوبه مضمون اسڪورنگ ٿي سگهي ٿو، ڪينڊيڊيٽس جا نمبر ڪنهن هڪڙي مضمون ۾ سٺا اچي ويا ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڳين سال اهو مضمون هيٺ ٿي وڃي، پر ايسپائرنٽ ان ۾ سٺا نمبر حاصل نه ڪري سگهن. ڪوبه مضمون جنهن ۾ ڪنهن به ڪينڊيڊيٽ جي تياري ٿيل نه هجي ۽ اهو ان ۾ سٺا نمبر کڻي. جيڪڏهن ڪو شاگرد صرف ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي ڪو اهڙو مضمون چونڊي ٿو جنهن ۾ هن جي دلچسپي به ڪونهي ۽ سٺي تياري به ٿيل ڪونهي. صرف ان لاءِ ٿو کڻي ته ٻئي ڪينڊيڊيٽ جون مارڪون ان ۾ سٺيون آيون هيون ته اهو مضمون ان لاءِ اسڪورنگ نه هوندو جنهن ان مضمون جي تياري نه ڪئي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته ڪنهن مضمون ۾ ڪجهه سوال اهڙا اچي ويندا آهن جيڪي ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن، آئوٽ آف سليبس هوندا آهن، پر جيڪڏهن توهان جي تياري تمام Thoroughly ٿيل آهي ته توهان انهن مشڪل سوالن کي به حل ڪري ويندا. ان ڪري اسڪورنگ ۽ نان اسڪورنگ ۾ منهنجو ڪوبه يقين ڪونهي ۽ چئي سگهان ٿي ته اها هڪ Myth آهي.
زاهده ابڙو: هن امتحان ۾ ويهڻ لاءِ عمر، ڪواليفڪيشن ڪهڙي هجڻ کپي يا ايئن چئون ته هن امتحان ۾ ويهڻ جا ڪهڙا شرط آهن ان جي باري ۾ اسان کي ٻڌايو.
سرهاڻ ابڙو: مان توهان کي ٻه ٽي اهم ڪرائيٽيريا ته ٻڌائي سگهان ٿي. ان کان علاوه توهان کي FPSC جي ويب سائيٽ تي ملي ويندا. ان کان علاوه جڏهن CSS جو امتحان ٿيڻ وارو هوندو آهي ته اشتهارن جي ذريعي اهي ڪرائيٽيريا به سرڪيوليٽ ٿيندا آهن. پهريون شرط اهو آهي ته ايسپائرنٽ جي عمر 30 سال يا 30 کان گهٽ هجڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان ڪنهن سرڪاري نوڪري ۾ اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهيا آهيو ته پوءِ توهان کي 32 سالن تائين اهو امتحان ڏيڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي. ٻيو شرط اهو آهي ته ايسپائرنٽ پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪئي هجي، ان جي لاءِ توهان کي ماسٽرز يا PHD جي ضرورت نه آهي بلڪه توهان گريجوئيشن کانپوءِ هن امتحان ۾ ويهي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان جي بيچلرز ٿيل آهي تڏهن به توهان هن امتحان ۾ ويهي سگهو ٿا. هڪ شرط اهو به آهي ته توهان گريجوئيشن فرسٽ يا سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيو هجي ٿرڊ ڊويزن ۾ نه.
زاهده ابڙو: اڪثر نوجوان اهو سوچيندا آهن ته هن امتحان جي تياري ڪرڻ جي لاءِ هڪ سال جو عرصو درڪار هوندو آهي، ڇا اهو ضروري آهي ته هڪ سال لڳائي اها تياري ڪجي يا ان کان گهٽ عرصي ۾ سمارٽ طريقي سان به تياري ٿي سگهي ٿي.
سرهاڻ ابڙو: هڪ دفعو ٻيهر توهان تمام سٺو سوال ڪيو آهي، تياري جي لاءِ وقت جو تعين توهان پاڻ ڪندا آهيو. منهنجو ڪجهه ذاتي تجربو آهي ته ڪجهه ايسپائرنٽس کي مون ڏٺو آهي ته اهي تياري کي ٽي کان چار سال به لڳائي ڇڏيندا آهن. ڪجهه اهڙا بيچ ميٽ اسان سان گڏ هئا جن ٻڌايو ته انهن ٻن مهينن ۾ تياري ڪئي هئي. اهو منحصر ٿو ڪري توهان جي پنهنجي سوچ تي ته توهان پنهنجو پاڻ کي ڪيترو لائق سمجهو ٿا. منهنجو ذاتي تجربو اهو آهي جيڪو آئون هتي ٻين سان ونڊڻ چاهيان ٿي. توهان جيترو وڌيڪ وقت لڳائيندا ۽ وڌيڪ تياري ڪري وڌيڪ سوچيندا ته هن ڀيري نه وري اڳئين سال سٺي تياري ڪري امتحان ۾ ويهندس ته اهو بيڪار آهي. هڪڙي شيءِ کي بار بار سالن تائين پڙهڻ، توهان پنهنجا attempt جيئن جيئن ضايع ڪندا تيئن توهان پريشان ٿيندا ۽ مونجهاري جو شڪار ٿي ويندا. ڇو ته سليبس ايترو وڏو ڪونهي ۽ جيترا ماڻهو توهان سان ملندا، توهان کان سوال ڪندا، توهان کي ٽوڪيندا، توهان جون اميدون پڇندا ۽ توهان کي مختلف صلاحون ڏيندا ان لاءِ ضروري آهي ته توهان جيترو ممڪن ٿي سگهي خاموشيءَ سان امتحان جي تياري ڪريو، ماڻهن کي ان جي باري ۾ جيترو گهٽ ٻڌائي سگهو ٿا اوتري توهان جي سٺي تياري ٿيندي ۽ جيترو توهان هڪ مضبوط ارادي سان تياري ڪري پهرين دفعي ۾ ئي امتحان پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته ان ۾ توهان کي فائدو ٿيندو. ڇو ته توهان وٽ ٽي ڀيرا هن امتحان ۾ ويهڻ جي گنجائش هوندي آهي، پر هر ايسپائرنٽ کي منهنجي صلاح اها آهي ته هو پهريون ڀيرو امتحان ۾ ايئن ويهي، جيئن اهو ان جو آخري attempt آهي. ان ارادي سان جڏهن توهان تياري ڪندا ته توهان جي تياري يقينن سٺي ٿيندي. اهو ڪڏهن به نه سوچيو ته هن ڀيري ته آئون مڙئي ايئن امتحان ۾ ويهان پيو ۽ اڳئين ڀيري سٺي تياري ڪندس. ان جي باوجود پوءِ جيڪو به رزلٽ آيو اهو توهان جو نصيب، پر پهرين ڀيري امتحان ۾ ويهڻ کي آخري ڀيرو ويهڻ جي مطابق سمجهو.
زاهده ابڙو: امتحان جي دوران هڪ شاگرد کي پنهنجو وقت ڪهڙي طريقي سان ورهائڻ گهرجي ته جيئن هو پورو پيپر چڱيءَ طرح سان ڏيئي سگهي ۽ سڀئي سوال مڪمل طرح ڪري سگهي. ڇا ان جي لاءِ ڪو خاص فارمولو آهي؟
سرهاڻ ابڙو: پهرين ته آئون ان ڳالهه تي ٿي اچان جيڪا توهان جي سوال ۾ شامل نه هئي ته تياري ڪيئن ڪجي ۽ ان کانپوءِ ٻڌايان ٿي ته پيپر attempt ڪيئن ڪجي. تياري جي لاءِ ايئن چوندس ته توهان جي پڙهائي تمام سمارٽ هجڻ کپي، جيئن توهان CSS جي تياري شروع ڪندا ته توهان کي هزار ڪتابن جا نالا ٻڌايا ويندا ۽ چوندا ته هي به پڙهو ته هو به پڙهو. توهان کي ايئن ناهي ڪرڻو، ايئن ڪرڻ سان توهان جو ڌيان ورهائجي ويندو، توهان جي سمارٽ اسٽڊي نه رهندي ۽ توهان پنهنجي نصاب تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ توهان دنيا جا مختلف ڪتاب پڙهي وٺندا جنهن جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو. توهان کي سڀ کان پهرين ته پنهنجي انگريزي کي بهتر ڪرڻو آهي، Essay ۽ Composition جي پريڪٽس توهان کي روزانو جي بنياد تي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن توهان جي انگلش ۾ ڪا ڪمي آهي ته پوءِ ايئن سمجهو ته CSS شايد توهان جي لاءِ ناهي. ڇو ته هن امتحان جي لاءِ انگريزيءَ جو سٺو هجڻ تمام اهم آهي. تياري ۾ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته روزانو جي بنياد تي توهان انگريزي اخبار پڙهو، جنهن ۾ اسان ڊان پڙهڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون. مون به ڊان کي پڙهي تياري ڪئي هئي ان ۾ جيڪي نقطهءِ نظر هوندا آهن اهي ڏاڍا غير جانبدار هوندا آهن، ان سان توهان جي انگريزي به تمام سٺي ٿيندي ويندي آهي ۽ منهنجو پهريون نقطو اهو هو ته توهان جي انگريزي سٺي هجڻ کپي. اخبار پڙهڻ سان توهان جي انگريزي سٺي ٿيندي ويندي آهي. اخبار پڙهڻ سان توهان جو ڪرنٽ افيئر ۽ پاڪستان افيئر به گڏ گڏ مڪمل ٿيندو ويندو آهي. ڪرنٽ افيئر جا امتحان ۾ اهي ئي موضوع ايندا آهن جيڪي ان سال ۾ هلي رهيا هوندا آهن. ان لاءِ اخبار پڙهڻ تمام ضروري آهي.
ان کان علاوه توهان جو روز جو معمول به تمام اهميت جوڳو هوندو آهي جيڪڏهن هڪڙو ايسپائرنٽ ننڊ مان اٿي ئي ٻين وڳي ٿو، ٽين وڳي ناشتو ٿو ڪري اهو CSS جو امتحان نه ئي ڏئي ته بهتر آهي. ان امتحان ڏيڻ لاءِ توهان کي پنهنجي وقت کي پابند ڪرڻو پوندو ان ۾ ان ڳالهه جو به تمام گهڻو خيال رکڻو پوندو ته توهان کي مڪمل آرام به ملڻ گهرجي. هڪڙا ايسپائرنٽ اهڙا به هوندا آهن جيڪي ڏينهن رات پڙهندا آهن ۽ آخر ۾ انهن وٽ توانائي نه بچندي آهي جو اهي امتحان ۾ ان قوت سان ويهي سگهن، اهي جلد ئي ٿڪجي پوندا آهن. ضروري آهي ته هڪ ايسپائرنٽ پنهنجي پڙهائي سان گڏوگڏ پنهنجي صحت ۽ آرام کي به پورو وقت ڏي. هڪڙو مڪمل ٽائيم ٽيبل هجڻ کپي جنهن تي توهان کي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي. اسان جڏهن تياري ڪئي هئي ته اسان پنهنجو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو ۽ ان مطابق پنهنجا مضمون ورهايا ته اڄ هي مضمون پڙهڻو آهي سڀاڻي ان جا نوٽس ٺاهڻا آهن، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن توهان اڪيڊمي ٿا وڃو ته ان جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻا آهن ۽ ايئن توهان کي پنهنجي وقت کي سٺي طريقي سان ورهائڻو پوندو آهي. صبح جو اٺين وڳي اٿندا هئاسين ۽ پهرين نيوز پيپر پڙهندا هئاسين، ڏينهن جو ڪوبه حصو توهان کي ضايع ناهي ڪرڻو، ٽائيم ٽيبل ٺاهڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪونهي، پر ان تي عمل ڪرڻ اصل ڳالهه آهي. ان کان علاوه ان ڳالهه کي به يقيني بنائڻو آهي ته توهان نائين ڏهين وڳي سمهي رهو. ڇو ته جڏهن توهان سڄو ڏينهن پنهنجي توانائي پڙهائيءَ ۾ لڳائيندا ته توهان کي اوترو آرام به ڪرڻو پوندو ته جيئن وري ٻئي ڏينهن توهان تازا توانا ٿي پنهنجي معمول کي شروع ڪري سگهو. هاڻي توهان جي سوال طرف ٿا اچون ته امتحان ۾ پيپر attempt ڪيئن ڪجي؟ پيپر attempt ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ٽي ڪلاڪ هوندا آهن ۽ پنج سوال ڪرڻا هوندا آهن. پنجن مان پهريون سوال MCQs جو هوندو آهي، جنهن جي لاءِ اڪثر اڌ ڪلاڪ ڏنل هوندو آهي ته پرچي جو ڊزائين ايئن ٺهيل آهي ته اڌ ڪلاڪ ۾ MCQs مڪمل ڪجن ۽ باقي اڍائي ڪلاڪن ۾ سوالن جا جواب لکڻا هوندا آهن. هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن اڌ ڪلاڪ MCQs جي لاءِ مليل آهي ته ضروري ڪونهي ته توهان اڌ ڪلاڪ MCQs کي ڏيو. اسان ڇا ڪيو جو MCQs کي پنجن منٽن ۾ مڪمل ڪندا هئاسين اهو توهان جي تياري جي منحصر ٿو ڪري ته توهان MCQs ڪيتري وقت ۾ attempt ڪري سگهو ٿا. جنهن جو جواب توهان کي شروع ۾ نٿو اچي ان جو جواب توهان کي آخر تائين نه ايندو. جيڪڏهن توهان ان تي ويهي سوچيندا ۽ پنهنجو ٽائيم لڳائيندا ته ايئن ناهي ته ان جو جواب توهان کي اچي ويندو هاڻي توهان کي ڪونه ڪو ڌڪو لڳائڻو آهي. جيڪو اچي ٿو ان جو جواب صحيح لکو جيڪو نٿو اچي ڌڪو هڻو ۽ پنجن منٽن ۾ MCQs کي پورو ڪريو. هاڻي توهان وٽ 2 ڪلاڪ 55 منٽ پٺيان رهن ٿا جيڪي لڳ ڀڳ ٽي ڪلاڪ آهن هاڻي ان ٽائيم کي توهان چئن سوالن جي اندر ورهايو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته هڪ جواب لکڻ تي توهان کي چاليهه منٽن کان وڌيڪ وقت ناهي ڏيڻو. ڇو ته جواب لکڻ جو به هڪڙو طريقو آهي پهرين ان جو انٽروڊڪشن هوندو، پوءِ ان جي باڊي هوندي، پوءِ توهان reasoning ڏيندا توهان ان سان متفق آهيو يا متفق نه آهيو، توهان سبب ڏيندا ۽ آخر ۾ صلاحون ڏيندا ۽ آخر ۾ نتيجو ڏيندا. اهو سڄو هڪڙي فارميٽ جي تحت لکڻو هوندو آهي. ايئن ناهي ته توهان کي جيئن آيو توهان ايئن لکي ڇڏيندا. توهان جون سرخيون سٺيون هجن ۽ توهان جي هينڊ رائيٽنگ پڙهڻ جي قابل هجي ۽ جيڪو توهان لکيو آهي اهو to the point هجي. سوال کان ٻاهر نڪري فضول ڳالهين ۾ پنهنجو پاڻ کي نه الجهايو. هڪڙي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هي بورڊ جو امتحان ناهي جنهن ۾ توهان اهو ذهن ۾ رکو ٿا ته جيترو توهان وڌيڪ لکندا توهان کي وڌيڪ مارڪون ملنديون. هن ۾ به توهان ڀلي وڌيڪ لکو، پر توهان کي پنهنجي ٽائيم جي اندر to the point لکڻ ضروري آهي. CSS جي امتحان ۾ اهو نه سمجهو ته ايگزامينر پڙهندو ناهي اهو پيپر پڙهندو آهي. جيئن توهان پهرين جواب جو انٽروڊڪشن لکندا اها ئي توهان جي اڳيان جواب جو رخ طئي ڪندي. توهان جي پهرين پيج تي پهريون جواب ئي ايگزامينر کي ٻڌائيندو ته توهان هڪ متاثر ڪندڙ ڪينڊيڊيٽ آهيو. جيڪڏهن توهان جو پهريون جواب ئي متاثر ڪندڙ نه هوندو ته ان جا اثر ابتڙ ٿيندا، ان ڪري توهان کي جيڪو جواب تمام سٺو ايندو هجي اهو توهان پهرين لکو. چوندا آهن ته first impression is the last impression.
زاهده ابڙو: اڪثر CSS ايڪسپائرنٽ اهو سوال ڪندا آهن ته CSS امتحان جي تياري جي لاءِ ڪيترو وقت ڏجي، پر توهان پنهنجي تجربي مان جيڪو نتيجو ڪڍي سگهو ٿا، ان حساب سان اسان کي ٻڌايو ته هڪ ايورج ڪينڊيڊيٽ ڪيترو وقت تياري ۾ صرف ڪري هن امتحان ۾ ويهي سگهي ٿو.
سرهاڻ ابڙو: اهو منحصر ٿو ڪري ان Average ڪينڊيڊيٽ تي ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ٿو ڏسي. جيڪڏهن اهو ڪينڊيڊيٽ تمام گهڻو انٽيليجنٽ آهي ۽ سڄو سليبس به ڏسي ورتو آهي، هاڻي ان کي رڳو نوٽس ٺاهڻا آهن ۽ شين کي سمجهڻو ۽ ياد ڪرڻو آهي. توهان جي انگلش به سٺي آهي، ان تي به توهان کي گهڻي محنت ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي ته ان ڪينڊيڊيٽ کي تياري ڪرڻ جي لاءِ ٻه کان ٽي مهينا ڪافي آهن، پر جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته توهان کي تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي، توهان جي انگلش به سٺي ناهي ان تي به توهان کي محنت ڪرڻي آهي. ڇو ته بدقسمتي سان اها حقيقت آهي ته اسان وٽ سڀئي شاگرد خانگي اسڪولن ۾ پڙهڻ افورڊ نٿا ڪري سگهن، نه ئي او ليول يا اي ليول ڪري سگهن ٿا. گهڻا شاگرد سرڪاري اسڪولن مان پڙهيل هوندا آهن، جڏهن اهي هن امتحان ۾ ويهندا پيا آهن ته انهن کي پنهنجي انگلش کي بهتر ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي. انهن ڪينڊيڊيٽس جي لاءِ اٺ نو مهينا يا هڪ سال جي تياري ڪافي هوندي آهي. هڪڙي ڪينڊيڊيٽ وٽ ٽي ڀيرا امتحان ۾ حصو وٺڻ جو موقعو هوندو آهي جيڪڏهن هو هڪ دفعو ڪامياب نٿو ٿئي ته ٻيهر امتحان ۾ ويهي سگهي ٿو، ٻيهر به جيڪڏهن ڪامياب نٿو ٿئي ته وري محنت ڪري ويهڻ کانپوءِ ٽيون دفعو ڪامياب ٿي سگهي ٿو. باقي توهان ڪيترو پنهنجي صلاحيت کي وڌايو آهي ان جو اندازو ايمانداري سان اهو ڪينڊيڊيٽ پاڻ ئي لڳائي سگهي ٿو.
زاهده ابڙو: يقينن ڪجهه ايسپائرنٽ امتحان جي تياري جي دوران ڪجهه غلطيون به ڪندا هوندا اهي ڪهڙيون غلطيون آهن جيڪي هڪ ڪينڊيڊيٽ کي نه ڪرڻ گهرجن.
سرهاڻ ابڙو: جيڪي Potential mistakes ٿي سگهن ٿيون انهن مان سڀ کان پهرين ته ڪنهن به ڪينڊيڊيٽ جي انگلش سٺي ناهي ۽ اهو امتحان ۾ ويهي ٿو رهي. ٻئي نمبر تي مضمونن جي چونڊ صحيح نه هوندي آهي، اهوئي هو اسڪورنگ ۽ نان اسڪورنگ واري بنياد تي مضمونن جي چونڊ ڪندا آهن، جن جو وڌيڪ مارڪن حاصل ڪرڻ سان يا ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان تعلق نه آهي. ڪنهن به مضمون جي چونڊ جو تعلق توهان جي پسمنظر ۾ تعليم سان هجڻ کپي. توهان جي نصاب جي اسيسمينٽ سان هجڻ کپي. آئون پنهنجي باري ۾ توهان کي ٻڌائيندي هلان ته منهنجا مضمون ڪهڙا هئا. منهنجو تعليمي بيڪ گرائونڊ اڪائونٽنگ سان آهي، آئون ACCA آهيان. ان لاءِ مون وٽ هڪ سبجيڪٽ اڪائونٽنگ هو ۽ ٻيو مون بزنس ايڊمنسٽريشن کي چونڊيو. اهو مون کي پنهنجي تعليمي بيڪ گرائونڊ جي حساب سان بهتر لڳو. ان کان علاوه مون انٽرنيشنل لاء کنيو جڏهن مون ان جو سليبس پڙهيو ته اهو مون کي ڏاڍو دلچسپ لڳو ۽ مون سوچيو ته منهنجي دلچسپي ان ۾ وڌندي ۽ ان کان علاوه مون سوشيالاجي چونڊيو، اهو مون ان ڪري کنيو جو اهو ڪافي آسان هو. ٻيو منهنجو سبجيڪٽ يو ايس هسٽري هو جيڪو تمام گهڻو دلچسپ آهي. اسان کي اڪثر ماڻهو اها صلاح ڏيندا هئا ته اسان برطانيه جي تاريخ کڻون جيڪا ننڍي کنڊ جي تاريخ آهي اها کڻون، پر مون کي اها دلچسپ نه لڳندي هئي ۽ مون آمريڪا جي تاريخ کنئي. ڇو ته مون کي ان ۾ ڪافي دلچسپي محسوس ٿي. مون جيڪي به مضمون چونڊيا اهي ان بنياد تي چونڊيا يا ته اهي منهنجي تعليمي پسمنظر سان تعلق رکندا هجن يا وري ان ۾ منهنجي دلچسپي هجي ۽ مون لاءِ آسان هجن. عام طور تي اهي ئي غلطيون هونديون آهن جيڪي ڪينڊيڊيٽس دهرائيندا آهن. ان کان علاوه ٻي وڏي غلطي اها هوندي آهي جو اهي پنهنجو وقت صحيح طرح سان استعمال نه ڪري سگهندا آهن. تياري جي دوران به ڪڏهن نا مڪمل تياري هوندي آهي يا وري ايتري ته تياري ڪندا آهن جو ان ۾ سليبس کان وڌيڪ ڪتاب پڙهي وٺندا آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو اها اسٽڊي توهان جي فوڪسڊ اسٽڊي ناهي رهندي ۽ اهو ڪينڊيڊيٽ ڪنفيوز ٿي ويندو آهي. گهڻن ماڻهن کان رهنمائي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هڪڙي ڳالهه هتي آئون چوندس ته توهان جيتري وڌيڪ رهنمائي جيترن وڌيڪ ماڻهن کان وٺندا اوترو توهان ڪنفيوز ٿيندا. اهو منهنجو پنهنجو خيال آهي، ان کي توهان انٽرويو کانپوءِ فالو ڪريو ٿا يا نٿا ڪريو اها توهان جي پنهنجي چونڊ آهي. توهان جيترن ماڻهن کان انهن جو خيال وٺڻ جي ڪوشش ڪندا توهان ڪنفيوز ٿيندا. اها غلطي شروع ۾ مون به ڪئي، مون به ڪيترن آفيسرن کان انهن جا رايا ورتا، پر پوءِ مون کي جلد ئي احساس ٿي ويو ته اهو صحيح ناهي. هو جيڪو به چون ٿا آئون شايد ايئن نه ڪري سگهان. پوءِ مون سوچيو ته مون کي پنهنجي تياري جي لاءِ پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي طريقي سان پنهنجو پلان ٺاهڻو پوندو. جيڪڏهن پاس ٿيس ته ٺيڪ آهي جي نه ٿيس تڏهن به ڪا ڳالهه ناهي.
زاهده ابڙو: اڪثر ڪينڊيڊيٽ مون کان اهو سوال ڪندا آهن ته اسان تياري ڪٿان ڪريون ڇا اسان کي حيدرآباد مان تياري ڪرڻ گهرجي يا لاهور ۽ اسلام آباد مان بهتر تياري ٿي سگهي ٿي.
سرهاڻ ابڙو: ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لاهور ۽ اسلام آباد جون اڪيڊميون واقعي سٺيون آهن ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته توهان کي اتي سٺو exposure ملندو، توهان کي پوٽينشل ايسپائرنٽ سان ملڻ جو موقعو به ملي، پر اسان سنڌ مان ئي تياري ڪئي ۽ حيدرآباد مان تياري ڪئي. اسان ڪراچي به ڪونه وياسين. حقيقت اها آهي ته اسان اهڙا به ايسپائرنٽ ڏٺا آهن جيڪي پنجاب ويا ۽ ٽن attempts ۾ به ڪيلئر ڪونه ڪري سگهيا ۽ وري اهڙا ايسپائرنٽ به آهن جن حيدرآباد يا لاڙڪاڻي مان يا وري ٻئي ڪنهن شهر مان تياري ڪئي ۽ پهرين attempt ۾ پاس ٿي ويا، يا انهن ڪا اڪيڊمي به جوائن نه ڪئي گهر ۾ ويهي تياري ڪئي ۽ پاس ٿي ويا. اڪيڊمي سان ڪو گهڻو فرق نٿو پوي جيڪڏهن پوندو به هوندو ته 10 سيڪڙو چئي سگهجي ٿو. حقيقت اها آهي ته اهو سڀ توهان جي پنهنجي محنت ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪيئن اسيس ٿا ڪريو ان تي منحصر آهي. ان کان علاوه توهان کي ڪيتري سٺي رهنمائي ملي ٿي ان سان به فرق پوي ٿو.
زاهده ابڙو: جيئن توهان پنهنجي هڪڙي جواب ۾ چيو ته ايسپائرنٽ جي لاءِ انگلش جو سٺو هجڻ ضروري آهي هاڻي اسان کي ٻڌايو ته هڪ ڪينڊيڊيٽ بنا ڪنهن اڪيڊمي ۾ وڃڻ جي گهر ۾ ويهي پنهنجي انگلش کي ڪيئن بهتر ڪري سگهي ٿو؟
سرهاڻ ابڙو: انگلش کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي طريقا ٿي سگهن ٿا. اڄڪلهه يو ٽيوب تي سڀئي ڪلاسز موجود آهن، انهن کي ڏسو ۽ پوءِ اتان سکڻ جي ڪوشش ڪريو. ان کان علاوه تمام گهڻا ڪتاب موجود آهن جيئن PACC جا ايڪسرسائيز ڪتاب هوندا آهن انهن جي ذريعي انگلش گرامر جي مشق ڪري سگهجي ٿي. ان کان علاوه آڪسفورڊ پريس جا ڪتاب موجود آهن، يا مقامي ليکڪن جا ڪتاب پبلش ٿين ٿا اهي پڙهي سگهجن ٿا، پر ان ڳالهه جو خيال ضرور رکيو وڃي ته اهي ڪتاب سولا هجن، سمجهه ۾ اچڻ جهڙا هجن، گريجوئيٽ ليول تي هجن. هڪڙا ڪتاب ايڊوانس ليول جا هوندا آهن جيڪي TOEFL ۽ IELTS جا هوندا آهن انهن کي پڙهڻ جي ضرورت ڪونهي. ان کان علاوه ان جي مشق ڪرڻ تمام گهڻو اهم آهي. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته توهان انگلش ۾ ڳالهايو. ڇو ته پريڪٽس سان توهان بهتر شين کي سمجهي سگهو ٿا، جيئن توهان ڳالهائيندا توهان جي انگلش سٺي ٿيندي ويندي. اڄڪلهه انٽرنيٽ تي آڊيو بُڪس به موجود آهن، اهي به ٻڌي سگهو ٿا. آئون توهان کي اها صلاح ته ڪونه ڏيندس توهان فلمون ڏسو، ڇو ته اها هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي چونڊ هوندي آهي. آڊيو بُڪس ٻڌڻ سان هڪ ته توهان جي ٻڌڻ جي صلاحيت سٺي ٿيندي. ان کان علاوه توهان جو تخيل بهتر ٿيندو. مغرب ۾ ان ڳالهه جو تمام گهڻو رجحان آهي ڇو ته اتي گهڻو ڪري نوجوان پڙهائي جي سلسلي ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين روزاني جي بنياد تي سفر ڪندا آهن. ان ڪري اهي ٽرين يا بس ۾ پنهنجو وقت گهڻو گذاريندا آهن، اهي وقت گذارڻ لاءِ آڊيو بُڪس ٻڌندا آهن، هنن وٽ آءِ پيڊس هوندا آهن يا سٺا فون هوندا آهن جنهن جي ڪري اهي آڊيو بُڪس ٻڌندا آهن. اهڙي طريقي سان انهن جي ٻڌڻ جي صلاحيت به وڌندي پئي آهي ۽ سوچ ۾ بهتري ايندي آهي ۽ انهن جو وقت به سٺو گذري ويندو آهي.
زاهده ابڙو: اسان جي ايسپائرنٽس کي اهو ٻڌايو ته PCS ۽ CSS امتحان جي تياري ۽ سليبس ۾ ڪهڙو فرق آهي، پيپر attempt ڪيئن ڪبو آهي، مون کي خبر ڪونهي ته توهان کي PCS جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ آهي يا ڪونهي پر جيتري به آهي ان جي باري ۾ اسان کي ٻڌائيندا.
سرهاڻ ابڙو: PCS جي امتحان جي باري ۾ مون کي واقعي به گهڻي خبر ڪونهي ڇو ته مون ڪڏهن atempt نه ڪيو آهي، پر ٻڌو آهي ته PCS ۽ CSS جي امتحان ۾ وڏو فرق ته اهو آهي ته CSS جو امتحان پابندي سان هر سال پنهنجي وقت تي ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻارنهن سروس گروپ هوندا آهن، انهن ۾ ايسپائرنٽ ايلوڪيٽ ڪيا ويندا آهن ۽ پوري پاڪستان مان چونڊيا ويندا آهن، ڇو جو اها وفاق ۾ صوبن جي ڪوٽا جي بنياد تي چونڊ ٿيندي آهي. ان کان علاوه ان سروس جي ٽريننگ به مختلف طريقي سان ٿيندي آهي ۽ ان جو امتحان به وڌيڪ شفاف هوندو آهي، ان کي FPSC وٺندي آهي. جنهن ۾ تمام سخت قدم کنيا ويندا آهن. ڪينڊيڊيٽس جا پيپر سينٽرلي چيڪ ٿيندا آهن ۽ سيلبس به FPSC جي ويب سائيٽ تي موجود هوندو آهي.
PCS ٿورو مختلف آهي مون کي گهڻي خبر ته ڪونهي، پر اهو هر سال ڪنڊيڪٽ ناهي ٿي سگهندو. اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته هڪڙي سال ٿيو وري ٻئي سال نه به ٿي سگهندو آهي. ان ۾ ڪافي Contentions هوندا آهن. ان ۾ شاگردن جا تحفظات هوندا آهن ته اهو امتحان گهڻو ٽرانسپيرنٽ ناهي هوندو، جيئن FPSC تي ڪوبه آڱر نٿو کڻي سگهي. ان کان علاوه سروس گروپ به مختلف آهن. ٻه يا ٽي سروس ڪيڊر آهن جن ۾ ايلوڪيشن ٿيندي آهي. ان کان علاوه هاڻي اسان وٽ PCS ۾ پي ايم ايس ايڪس پي سي ايس، پي ايس ايس شايد ته اهي سروس گروپ مختلف آهن. پراونشل سروس جو جيترو به سسٽم آهي اهو مختلف آهي. سليبس لڳ ڀڳ هڪ جهڙو ئي آهي انهن به FPSC جي سليبس کي کنيو آهي، پر صوبائي سطح تي ٻوليءَ ۾ سنڌي شايد منهنجي خيال کان لازمي آهي. ان کان علاوه ان ۾ امتحان کانپوءِ چيڪنگ جو طريقو ٿورو مختلف آهي، پيپر به ساڳئي طريقي سان اچي ٿو، ٻه ٽي سوال هوندا آهن، هڪ سوال MCQs جو هوندو آهي، شاگردن جو ڪرائيٽيريا به ساڳيو آهي ته اهو گريجوئيٽ هجي، پر عمر ۾ شايد فرق آهي ان جي وڌيڪ انفارميشن سنڌ گورنمينٽ جي PCS ويب سائيٽ تي موجود هوندي اتان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
زاهده ابڙو: نوجوانن جي لاءِ ڪو مختصر پيغام؟
سرهاڻ ابڙو: ايسپائرنٽس کي اهو چوڻ چاهيندس ته اهو ڏکيو امتحان آهي ۽ هن فيلڊ ۾ توهان کي پنهنجي جاب جي سيڪيورٽي آهي، توهان کي سماج ۾ عزت، مان ۽ مرتبو ملي ٿو ۽ مون کي اهو اندازو آهي ته هرڪو اهو چاهي ٿو ته اهو امتحان پاس ڪري، پر جيڪڏهن توهان اهو امتحان پاس نٿا ڪري سگهو ته ان کي دل تي نه کڻو. توهان وٽ ٽي موقعا آهن جيڪڏهن توهان ٽن موقعن ۾ پاس نٿا ٿيو ته اهو نه سمجهو ته توهان جي زندگي ختم ٿي وئي آهي، هاڻي اسان وٽ تمام سٺا ايونيوز اچي ويا آهن، توهان PCS جو امتحان ڏيئي سگهو ٿا. ٿي سگهي ٿو ان ۾ توهان ڪامياب ٿي وڃو. CSS جا پنهنجا چئلينجز به آهن جڏهن توهان ان ۾ اچو ٿا، جڏهن توهان ٻاهران ويهي ان سروس کي ڏسو ٿا ته توهان کي ايئن ٿو لڳي ته شايد توهان جي زندگيءَ جو هر مسئلو حل ٿي ويندو، پر ايئن ڪونهي. جڏهن توهان هن سروس ۾ اچو ٿا ته پوءِ توهان کي خبر پوي ٿي ته هن سروس جا ڊائنامڪس مختلف آهن ۽ انهن کي توهان ان سروس جي اندر ويهي ڪري ان طريقي سان ڊيل ڪندا آهيو ۽ ضروري ڪونهي ته انهن سڀني شين کي توهان ايئن ڊيل ڪري سگهو. ڪيترائي ماڻهو هوندا آهن جيڪي هن سروس ۾ ايندا آهن، پر پوءِ اهي سروس ڇڏي هليا ويندا آهن. ڇو ته انهن ماڻهن کي اهي چئلينجز قبول ناهن هوندا ۽ انهن کي اهي ان طريقي سان ڊيل ناهي ڪري سگهندا. وفاقي سطح تي ٻيون ڪيتريون ئي نوڪريون آهن، آءِ. بي جي جاب آهي، ايف. آءِ. اي جي جاب آهي، ان کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي پرائيوٽ سيڪٽر ۾ نوڪريون آهن جن ۾ توهان اچي سگهو ٿا. انهن ۾ توهان کي سٺا پگهار ملن ٿا ۽ تمام گهڻي عزت ملي ٿي. ان کان علاوه توهان اڳتي پڙهي سگهو ٿا، پنهنجي ماسٽرز ڪريو، ايم. فل ڪريو، پي. ايڇ. ڊي ڪريو. جتي به توهان جي دلچسپي هجي انهن ايوينيوز ۾ توهان پنهنجي لاءِ جاءِ ڳولهيو. جيڪڏهن صرف توهان کي سرڪاري نوڪري کپي ۽ توهان کي CSS ڪرڻي آهي ته پوءِ ان مائينڊ سيٽ مان نڪري اچو ۽ ان سوچ مان نڪري اچو ته ان جا اسان کي پرڪس ۽ پروليجز انجواءِ ڪرڻا آهن ته ان مائينڊ سيٽ مان نڪري اچو. جيڪڏهن توهان کي محسوس ٿو ٿئي ته توهان جي تخليقي صلاحيت ختم ٿي ويندي ته ان کي ٻئي هنڌ ڪٿي استعمال ڪريو ۽ پنهنجي دل کي ننڍو نه ڪريو.
***

