بلاگنئون

ملڪ جي سياسي ڪاروبار ۾ سياسي پارٽين جو “ڪنسورشيئم”

بدقسمتيءَ سان ملڪ جي سياست کي ڪاروبار طور هلايو ويو آهي، جنهن جو فائدو عوام جي بجاءِ ڪاروباري ماڻهن کي پوي ٿو. دنيا ۾ سياست عوام جي بهتري لاءِ ڪئي ويندي آهي. هي علم آهي، جنهن کي پوليٽيڪل سائنس چيو وڃي ٿو. ٿورن لفظن ۾ هن جو مطلب اهو آهي ته عوام جي ووٽ سان عوامي حڪومت ٺاهي ان ذريعي عوام جي خدمت ڪئي وڃي. پوري دنيا سياسي طور قائم جمهوري حڪومتن ذريعي پنهنجن ملڪن کي مضبوط ڪري رهيون آهن. اتان جا سياسي نمائنده عوام جي طاقت سان اچي حڪومتي ايوانن ۾ ويهن ٿا، يا انهن ايوانن ۾ هو عوام جي فائدي لاءِ حڪومت جي مٿان تنقيدي مخالفت ڪن ٿا ته جيئن حڪومت عوام دشمن فيصلا نه ڪري سگهي، انهيءَ سياسي عمل ذريعي دنيا مان بادشاهتن جو خاتمو ٿيو آهي ۽ فوجي آمرن جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي، اسان وٽ اڃا تائين ائين نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته اسان سان گڏ آزاد ٿيندڙ اسانجو پاڙيسري ملڪ پنهنجي جمهوريت جون پاڙون پختيون ڪري چڪو آهي. اسان وٽ سياست کي ڪاروبار طور ورتو ويو آهي، جيڪي سياسي رهنما يا انهن جا ويجها ڪارڪن ڪک پتي هئا، هاڻي ارب پتي ٿي ويا آهن، ڪير به انهن کان پڇڻ وارو نه رهيو ۽ اهو ڪاروبار روز به روز پکڙجي رهيو آهي. هميشه وڏيون سياسي پارٽيون انهن ڪاروباري ماڻهن وانگر لڳنديون آهن، جيڪي مختلف ڪمپنين جا ڪنسورشيئم ٺاهي ڪاروبار ڪندا آهن. هن وقت به اهڙا سياسي (ڪاروباري) ڪنسورشيئم ٺهي رهيا آهن، جيئن ننڍين پارٽين کي پاڻ سان ملائي حڪومت حاصل ڪري سگهجي، گڏجي فائدا حاصل ڪجن، جيڪو پڻ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. اهڙا سياسي رهنما ائين آهن جيئن جوڙيا بازار ڪراچي جا هول سيلر يا انهن جا ايجنٽ (هتي اسين دلال لفظ استعمال نه ٿا ڪريون)، جيڪي هٿراڌو مهانگائي ڪري عوام کي مجبور ڪندا آهن ته مارڪيٽ مان سندن مقرر ڪيل اگهه تي شيون خريد ڪيون وڃن. سياست کي پوري دنيا ۾ عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ سياست لفظ جي معنيٰ منافقي، جوڙ توڙ، ڪوڙ، لالچ، فريب، دوکي طور ورتي وڃي ٿي، جيڪا معنيٰ اسانجي ملڪ جي حد تائين درست آهي. هنن رهنمائن جي اصولي ۽ اخلاقي سياست صرف بيانن جي حد تائين محدود آهي، هي عملي طور سياسي اخلاقيات کان ڪوهين ڏور آهن، آئين ۽ قانون ته اڃا پري ٿيا. سڀ جون سڀ پارٽيون انهيءَ ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ شريڪِ جرم آهن. رهي کهي ڪسر پي ٽي آئي سياست ۾ بدتميزي شامل ڪري پوري ڪري ڇڏي آهي. اهي سياسي ماڻهو جڏهن حڪومت ۾ هوندا آهن ته وس وارن جون تعريفون ڪندي ٿڪبا ناهن، جڏهن اهي وس وارا کين حڪومت مان ڪڍندا آهن ته پوءِ انهن جي لهجي ۾ ڪاوڙ ۽ وسوارن لاءِ سخت قسم جا جملا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، وري جڏهن کين حڪومت ۾ اچڻ جو آسرو ملندو آهي، ته انهن کان اصول ۽ اخلاقيات وسري ويندا آهن. “ڪالهه تائين لوٽن جو مقام باٿ روم ۾ آهي” جهڙن جملن جو اظهار ڪرڻ وارا لوٽن جي خريداريءَ لاءِ سياسي بازار ۾ گهمندي نظر اچن پيا ۽ وري هڪ ٻئي تي تنقيد به ڪن پيا. اهي عوام کي ايترو بيوقوف سمجهن ٿا، شايد عوام کي بيوقوف سمجهڻ ۾ حق بجانب به آهن جو عوام کائن پڇاڻو نه ٿو ڪري. پوري ملڪ ۾ ڏسون ٿا ته سياسي لوٽن جو اگهه هڪ دفعو ٻيهر وڌي ويو آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي هجي، بلوچستان ۾ نون ليگ هجي، ڪي پي ڪي ۾ مولانا فضل الرحمان هجي يا پنجاب ۾ سڀئي پارٽيون، سڀ ان ڪوشش ۾ آهن ته اليڪشنري سياست جا کٽيندڙ گهوڙا سندن پارٽي ۾ شامل ٿين، انهن جي ذريعي هو حڪومت جي ايوانن تائين پهچن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته وري هڪ ٻئي تي ملامتون به ڪن ٿا. سنڌيءَ ۾ پهاڪو هوندو آهي، “هل ڙي هل پُڇ ڪاري”. هو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي نه ٿا ڏسن ته ڪالهه هنن ڇا چيو، اڄ هنن جو ڪردار ڪهڙو آهي. انهيءَ جي ڪري هي سياستدان سياسي طاقت حاصل ڪري نه سگهيا آهن ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ نظر ٿو اچي ته هنن کي ڪا سياسي طاقت ملندي. ملڪ جا سياستدان ميڻ وانگر آهن جن کي طاقتور ڌريون موڙي پنهنجي مرضي مطابق هلائن ٿيون ۽ جيڪو رستو ڏيکارين ٿيون انهي رستي تي هلي پون ٿا. جيڪڏهن سياسي پارٽين جو اهو ڪاروبار آهي ته پوءِ انهي ڪاروبار ۾ سڀني کان وڌيڪ فائدو انهن لوٽن جو آهي، جيڪي ڪنهن به سياسي پارٽي جا نه هوندا آهن، پر طاقتور ڌرين جا هوندا آهن ۽ اهي انهن کي “MOM” يا “BAP” جي روپ ۾ هلائيندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪنهن پارٽي ۾ ته ڪڏهن ڪنهن پارٽي ۾ اصل مزو انهن جو هوندو آهي، شايد اهي سڀني کان سياڻا آهن، هنن کي خبر آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام نه آهي، طاقت جو سرچشمو مخصوص هنڌ آهي. هو انهي مخصوص طاقت جي مرڪز مان فائدو وٺندا رهندا آهن. سندن وار به ونگو نه ٿيندو آهي. سياسي پارٽيون به طاقت عوام وٽ نه ٿيون سمجهن، پر انهي مرڪز کان طاقت حاصل ڪرڻ چاهيون ٿيون، جيڪا سندن ٻانهن مروڙي پنهنجي حساب سان طاقت ڏئي ٿي. انهي راند ۾ سندن فائدو ضرور ٿيندو، پر عوام ۽ ملڪ کي هيستائين ته فائدو نه رسيو آهي ۽ شايد اڳتي به نه رسندو.