قومي اسيمبليءَ ننڍي عمر جي ٻارن جي شادين تي پابندي جي متعلق بل منظور ڪري ورتو آهي. ان بل مطابق هاڻي 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري يا ڇوڪري جو نڪاح پڙهائڻ قانوني جرم ليکيو ويندو. نڪاح رجسٽرار گهٽ عمر جي ٻارن جي شادي جي داخلا نه ڪرڻ جو پابند هوندو. نڪاح پڙهائڻ وارو شخص نڪاح پڙهائڻ يا رجسٽر ڪرڻ کان پهرين ٻنهي ڌرين جي ڪمپيوٽرائزڊ شناختي ڪارڊ جي موجودگي يقيني بڻائيندو. قومي اسيمبلي واضح قانون پاس ڪيو آهي ته جيئن ننڍي عمر جي شادين کي روڪي سگهجي. اهو قانون وقتائتو آهي ۽ اسانجي سماج کي اهڙن قانونن جي ضرورت آهي، جتي بي پهچ ماڻهن جو تحفظ ٿي سگهي. ننڍي عمر ۾ شاديءَ جا ڪيترائي نقصان آهن. هاڻ قومي اسيمبلي مان قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري ۽ ڇوڪري جي شادي غير قانوني قرار ڏني وئي آهي ۽ قابل گرفت جرم به آهي ۽ سٺي ڳالهه اها آهي ته اهو قانون قومي اسيمبليءَ مان پاس ٿي پوري پاڪستان جي لاءِ قانون سازي ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ مان ان قسم جو قانون پاس ٿيل آهي، پر ان تي به پوري طريقي سان عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. ننڍي عمر جي شادي ڪيترائي مسئلا کڻي اچي ٿي ۽ ڌرين لاءِ نقصان جو سبب به بڻجي ٿي. سڀ کان اهم ڳالهه ته ننڍي عمر جي شادي تعليم جي موقعن جو خاتمو ڪريو ڇڏي. شادي کانپوءِ ٻار تعليم جاري رکڻ کان محروم ٿيو وڃن. جنهن سان انهن جي ڄاڻ، علم ۽ ترقي جو سفر رڪجيو وڃي. ننڍي عمر جي شادي صحت لاءِ به ناڪاري اثر کڻيو اچي. ننڍي عمر جون ڇوڪريون جن جي شادي ٿئي ٿي، تڏهن ٻار پيدا ڪرڻ جو عمل ڏکيو ٿيو پئي ۽ حمل جو مرحلو ڏکيو ٿيو وڃي. نتيجي ۾ ٻار ۽ انهيءَ جي ماءُ جون زندگيون ۽ صحت خطري ۾ پئجيو وڃن. اسانجي ملڪ ۾ جيئن ته آباديءَ جي گهڻائي آهي ۽ سهولتون گهٽ آهن. ٻار ۽ ماءُ جي صحت لاءِ غذائيت ۽ دوا جي ضرورت پوي ٿي. اهڙين مائرن کي نه غذائيت فراهم ٿئي ٿي ۽ نه وقت سر صحت جون سهولتون ميسر ٿين ٿيون.
قومي اسيمبلي جو اهو فيصلو هڪ درست سمت ۾ کنيل قدم آهي ته 18 سالن کانپوءِ جيڪڏهن ٻارن جي شادي ٿئي ٿي ته ان عمر ۾ انهن بالغ شخصن جي تعليم جو وڏو حصو مڪمل ٿي چڪو هوندو آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان لاڳاپجي ويا هوندا آهن. نه صرف ايترو، بلڪه شعور جي به ان حد تائين پهتل هوندا آهن جو اهي پنهنجي مستقبل جي باري ۾ صحيح فيصلو ڪرڻ جي لائق هوندا آهن. تعليم ۽ روزگار انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت ۽ ان جون صحت جون سهولتون يقيني هونديون. پاڪستان جي سول سوسائٽي ۽ سڄاڻ ڌرين گهٽ عمر جي شادين خلاف هميشه آواز بلند ڪيو آهي ۽ پنهنجي معاشري کي انهيءَ ڏوهه کان پاڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. والدين، استاد ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن انهيءَ مسئلي جي سنگيني کي سمجهيو ۽ ٻارن جي بهتر مستقبل جي لاءِ سرڪار کان قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو. نتيجي ۾ گهٽ عمر جي شادي تي پابندي پئجي وئي. سول سوسائٽي، والدين، استادن ۽ سڄاڻ ڌرين جن انهيءَ مسئلي کي نشانبر ڪيو. مبارڪن جون مستحق آهن. ڇاڪاڻ جو سندن ڪاوشن جي نتيجي ۾ قومي اسيمبلي انهيءَ مسئلي کي حل ڪري ڇڏيو آهي. ننڍي عمر جي ٻارن جي شادين جو هڪڙو سبب غربت آهي. هتي اسين خاص طرح ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي ڳالهه ڪنداسين جن جي شادي 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ ٿئي ٿي. اهي تعليم کان محروم ٿيو وڃن. انهن کي پنهنجي تعليم جي سلسلي کي وچ ۾ ڇڏڻو پئجي وڃي ٿو. شادي جو گهڻو ڪري لازمي نتيجو حمل جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ ٻار ۽ ماءُ جي صحت ۽ زندگي هڪ طرح داءُ تي لڳل هجي ٿي. قومي اسيمبلي ۾ منظور ٿيل بل ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته 18 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهوءَ جي ننڍي عمر جي ڇوڪري سان شادي تي به سزا مقرر ڪئي وئي آهي.
گهٽ عمر جي ڇوڪري سان شادي تي گهٽ ۾ گهٽ 2 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 3 سال سخت پورهئي سان سزا ڏني ويندي ۽ ڏنڊ الڳ وڌو ويندو. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ ڪنوار يا گهوٽ کي شادي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ترغيب ڏيڻ ۽ زبردستي ڪرڻ وارو شخص به زيادتي جو ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. نابالغ گهوٽ ۽ ڪنوار جي شادي ڪرائڻ تي 5 کان 7 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون گڏ ڏنيون وينديون. قومي اسيمبلي جو ننڍي عمر جي شادين جي متعلق بل اهم آهي. نڪاح جي داخلا لازمي آهي ته اهڙن شخصن جي ٿيندي، جن جي عمر 18 سال يا انهيءَ کان مٿي آهي. اهو بل انساني وقار ۽ اخلاق جي حق ۾ آهي. اميد آهي ته ان بل تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو.