ايڊيٽوريل

18 آڪٽوبر جي وسري ويل شهيدن جي ياد ۾

                اڄ 18 آڪٽوبر 2024 آهي اڄ کان ٺيڪ 17 سال پهرين اڄوڪي تاريخ تي ڪراچيءَ اندر ڪار ساز سانحو ٿيو هو، جنهن ۾ سوين بيگناهه ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ سوين زخمي پڻ ٿيا هئا. انهن جو ڏوهه صرف اهو هو ته هو پنهنجي پارٽيءَ جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جيڪا سالن جي جلاوطني ختم ڪري پنهنجي سر زمين تي اچي رهي هئي. جنهن کي پڻ پوءِ 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ دهشتگردن حملو ڪري شهيد ڪيو هو. اهو مشرف جو دور هو، سنڌ جو سي ايم ارباب غلام رحيم هو، جيڪو ماڻهن جي ايڏي وڏي انگ کي سيڪيورٽي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو هو. ڇو ته جلسن جلوسن ۾ ايندڙ ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي.

                انهيءَ استقبال ۾ پوري پاڪستان جا ماڻهو خاص طور تي سنڌ جا ماڻهو پنهنجو خرچ پاڻ ڪري محترمه شهيد جي استقبال جي لاءِ ڪراچي پهتا هئا. محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي قائداعظم جي مزار جي سامهون تقرير ڪرڻي هئي، جتي بندوبست ڪيو ويو هو. جلوس ۾ ماڻهن جو انگ تمام گهڻو هو انهيءَ ڪري ايئرپورٽ کان ڪار ساز تائين پهچڻ ۾ پنج ڪلاڪ  لڳي ويا هئا. جڏهن ته ايئرپورٽ ۽ ڪار ساز جو فاصلو پڻ 5 ڪلو ميٽر آهي. ماڻهن جو سمنڊ نعرا هڻندو وڌي رهيو هو، جيئن ئي ڪار ساز تي پهتو، محترمه جيڪا هڪ ڪنٽينر تي سوار هئي مسلسل ڪنٽينر جي مٿان بيهڻ ڪري ٿڪاوٽ محسوس ڪئي ۽ ڪنٽينر اندر هلي وئي هئي، اچانڪ اسٽريٽ لائيٽ جي بجلي بند ڪئي وئي، جنهن جي ڪري انڌيرو ٿي ويو ۽ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو. زنده ماڻهن جو وجود رت ۾ ڳاڙهو ٿي روڊن تي مرده بڻجي ويو. ماڻهو خوف جي عالم ۾ جيڏانهن آين اوڏانهن ڀڄڻ شروع ٿي ويا، پر اهي جيالا اهي نوجوان جيڪي محترمه جي حفاظت لاءِ موجود هئا اهي ڪنٽينر جو تحفظ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ڇو ته ان ۾ محترمه شهيد موجود هئي. هڪ منٽ کانپوءِ ٻيو ڌماڪو ٿيو، اهي نوجوان پڻ شهيد ٿي ويا. ان جي باوجود سوين ڪارڪنن محترمه جي ڪنٽينر جو گهيراءُ ڪيو کيس حفاظت سان ڪنٽينر مان جيپ ۾ منتقل ڪيو اوهان کي ياد ڪرايون ته جيپ ۾ منتقل ڪرڻ وارو ذوالفقار مرزا هو، جيڪو اڄ پيپلز پارٽي جي سياسي دشمنن جي صف ۾ شامل آهي، ايئن ڇو ٿيو؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي. انهيءَ حملي ۾ محترمه محفوظ رهي، ڪارڪنن پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي. ڪيترا ته اهڙا لاوارث لاش هئا جن کي ڳڙهي خدا بخش ۾ دفن ڪيو ويو. ڇو ته انهن جي شناخت ٿي نه سگهي. بهادر آباد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي لاءِ ان وقت جي پيپلز پارٽي کي ٽي ڏينهن انتظار ڪرڻو پيو. ڇو ته حڪومت سندن نه هئي، پر انهن شهيدن کي انصاف اڄ تائين نه ملي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ گذريل 16 سالن کان پيپلز پارٽي جي مسلسل حڪومت آهي. افسوس آهي ته 17 سال گذرڻ کانپوءِ به انهيءَ ڪيس جي پوئيواري نه ٿي، اها خبر پئجي نه سگهي ته هڪٻئي جي پويان ٻه ڌماڪا ڪنهن ڪرايا هئا؟ ڪير انهن جو سهولتڪار هو؟ جنهن عظيم اڳواڻ جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ انهن ڪارڪنن پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪيو. ڇا سندن خون جي پوئيواري ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي.

                شايد اهڙو استقبال دنيا ۾ ڪنهن جو ٿيو هجي! گلن جون پتيون، هار، وڏا وڏا بينر، استقبالي ڪئمپ آجيان لاءِ عام هوندا آهن. جان جو نذرانو ۽ رت ڏئي استقبال ڪرڻ ڪيترو مشڪل هوندو آهي اهو ڪير انهن کان پڇي جن جان ڏني يا زخمي ٿيا. انهن ڪارڪنن کي پارٽي وساري ڇڏيو آهي. انهن جي پونئرن کي ڪهڙو فائدو پيو آهي. اڄ جي جلسي ۾ يقينن بلاول ڀٽو عوام کي ٻڌائيندو ۽ اهو به ٻڌائيندو ته انهن شهيدن جو ڪيس سندن مسلسل 17 سالن جي حڪومت هجڻ جي باوجود فائلن ۾ بند ڇو ڪيو ويو آهي؟ انهن جي قاتلن کي گرفتار يا سزا ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي ظاهر به نه ڪيو ويو آهي. شهيدن جا روح يقينن بيچين هوندا ۽ شهيدن جا وارث اڄ به غربت واري زندگي گهاري رهيا آهن، جهڙي غربت واري زندگي پوري سنڌ گهاري رهي آهي. جالب ياد اچي ٿو جنهن چيو هو:

وهي حالات هين فقيرون ڪي

دن ڦري هين فقط وزيرون ڪي

هر بلاول هي ديس کان مقروض

پائون ننگي هين بينظيرون ڪي.