ايڊيٽوريلنئون

ڇا سنڌ هاءِ ڪورٽ صرف ڏوهن جي نشاندهي ڪري سگهي ٿي؟

            سنڌ اندر امن امان جو بگڙيل نظام رياست جي ناڪاميءَ جو کليو اظهار نظر اچي ٿو. اهو بجاءِ سڌرڻ جي ڏينهون ڏينهن خراب کان خراب ٿي رهيو آهي. ايئن لڳي رهيو آهي ته صوبو  سنڌ رياست پاڪستان جو ڄڻ حصو ئي نه هجي، ڪا غير قانوني حد هجي. نه صرف اخبارون، اليڪٽرانڪ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ هاڻي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان به اهو چيو ويو آهي ته سنڌ جي بدامني جو ڪارڻ بڻيل ڌاڙيل صرف انهيءَ ڪري آزاد آهن جو سنڌ جا سردار ڌاڙيلن جا ساٿاري بڻيل آهن. هاڻي اها ڳالهه ڪا ڳجهو راز نه رهي آهي ته اهي سردار انهن ڌاڙيلن جا ٻانهه ٻيلي بڻيل آهن ۽ انهن کي هر قسم جون سهولتون پهچائڻ ۾ ملوث آهن. عام طور تي ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. ڪچي جو ڌاڙيل هٿياربند ٿيو سنڌ جي ڪچي جي مختلف علائقن ۾ پنهنجون حڪومتون ٺاهيو ويٺو آهي، قانون ۽ آئين هوندي  اهي ڪچي جا ڌاڙيل ايترا طاقتور ٿي ويا آهن جو اهي جڏهن ڪنهن ٻار کي اغوا ڪن ٿا ته انهن جون پرتشدد وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏين ٿا ۽ رياست کي پوري طاقت سان للڪارين ٿا، جنهن سان عوام جي اندر خوف جو احساس اڃان وڌيڪ گهرو ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته پڪي جو ڌاڙيل پڻ ڪم ساڳيو ٿو ڪري، پر سندس روپ مٽيل آهي. ڪٿي هو سردار جي روپ ۾ آهي، ڪٿي هو پوليس جي وڏي آفيسر جي روپ ۾ آهي، ڪٿي هو وزير جي روپ ۾ آهي، پر سندس ڪم سنڌ جي عوام کي لٽڻ، ڦرڻ ۽ کيس خوف ۾ مبتلا رکڻ آهي.

            سنڌ اندر ڌاڙيلن جي تاريخ تمام پراڻي آهي، پر انهن کي ان وقت جي سردارن جي يا آفيسرن جي سهولت ميسر نه هوندي هئي، انهيءَ ڪري ڪيترائي نالي وارا ڌاڙيل ڪجهه وقت کانپوءِ پنهنجي انجام تائين پهچي ويندا هئا، پر هن وقت جي ڌاڙيلن کي مختلف طاقتور طبقا پنهنجي طاقت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ڪري رياست جو مذاق اڏائي رهيا آهن، جنهن سان رياست ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اهڙن قانون جي دشمن عناصرن کي گهر ويٺي جديد ترين هٿيار مهيا ٿي رهيا آهن، جن جو پوليس صرف تصور ڪري سگهي ٿي. جڏهن سڀ سهولتون موجود آهن ته پوءِ سندن ڪير به وار ونگو ڪري نٿو سگهي. هر روز سنڌ جي مختلف علائقن مان ماڻهو اغوا ڪيا وڃن ٿا. هاڻي اهو سلسلو سنڌ جي اترئين ضلعن کان ٿيندو سنڌ جي ڏکڻ وارن ضلعن تائين پهچي چڪو آهي. ٻه تازا مثال آهن ڪجهه وقت پهرين هڪ ديوان سيٺ کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن کي پوءِ ڀنگ ڏئي شڪارپور جي نالي واري سياستدان جيڪو هن وقت ايم اين آهي ان جي فارم جي ڀر واري سندس ئي برادري جي ڳوٺ مان آزاد ڪرايو ويو هو ۽ ٻيو واقعو هڪ نظاماڻي جيڪو ٽنڊي ڄام سان واسطو رکندو هو ان کي اغوا ڪيو ويو هو، ان جي مائٽن کان پوليس مبينا طور تي 10 ڪروڙ اهو چئي تاوان طلب ڪيو هو ته اهي پئسا ڌاڙيلن کي ڏئي انهيءَ واپاري کي بازياب ڪرائينداسين، پر اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته پوليس پئسا پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا ۽ ڌاڙيلن واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو. اترئين علائقن ۾ هاڻي جيڪڏهن روزانو جي بنياد تي ڪا اغوا جي واردات نٿي ٿئي ته ان ڏينهن کي سڀاڳو ڏينهن چيو وڃي ٿو، مطلب اتي اغوا معمول بڻجي چڪو آهي. پوليس ڪٿي آهي؟ اهو سوال هاءِ ڪورٽ به پڇيو آهي. هاءِ ڪورٽ اهو به چيو آهي ته پوليس صرف غريب ماڻهن جي لاءِ دهشت جو اهڃاڻ بڻيل آهي، پر سردارن جي ٻانهي بڻيل آهي ۽ لڳي ٿو ته سردارن کي تحفظ ڏيڻ سندس ذميواري آهي. وقت بوقت سردارن طرفان ۽ انهن جي ڪارندن جي اولاد طرفان جيڪا عزت افزائي پوليس جي ٿئي ٿي ان جو تازو مثال قاسم آباد جي پوليس چوڪي جي اي ايس آءِ جو اسان جي سامهون آهي. عدالت طرفان پوليس تي ڪاوڙ ڪرڻ ائين آهي جيئن “ڪانگ جي ڪاوڙ اڪ مڪڙ تي” عدالتن ۾ هڪ ته سردارن خلاف ڪيس نٿا اچن ۽ جيڪڏهن ڪيس اچن ٿا ته عدالتون سردارن کي هڪدم ضمانتون ڏئي ڇڏين ٿيون، انهيءَ طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڌيان ڇو نٿو وڃي؟ ام رباب چانڊيو گذريل ڇهن سالن کان عدالتن اندر ڌڪا کائيندي رهي آهي ان کي انصاف ڏيڻ ڪنهن پوليس آفيسر جو ڪم آهي يا عدالت جي جج جو؟ هن وقت پٺاڻي گڏاڻي جنهن جي پٽ نصرالله گڏاڻي کي لُنڊ سردارن مارايو آهي انهن تي ايف آءِ آر پڻ ڪٽيل آهي انهيءَ ڪيس ۾ عدالت سڳوري پٺاڻي گڏاڻي کي ڪيترو جلد انصاف ڏيندي اهو به ڏسڻو آهي ۽ هن وقت ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي وارثن کي ڪهڙي قسم جو انصاف ڏئي رهي آهي.

            سڀئي وڏا پوليس آفيسر يا ته ضمانتن تي آزاد آهن يا روپوش آهن، پر روپوشي جي باوجود جڏهن هو عدالت ۾ پيش ٿين ٿا ته به انهن کي عدالت گرفتار نٿي ڪرائي سگهي، ان طرف به هاءِ ڪورٽ کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙا ڪيترائي مثال اسان ڏئي سگهون ٿا، اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي بدامني جو ڪارڻ سنڌ سرڪار ۾ ويٺل سردار، سنڌ جي ڪچي ۾ ويٺل ڌاڙيل، سنڌ حڪومت ۾ وڏن عهدن تي ويٺل آفيسر، عدالت ۾ ويٺل جج صاحبان آهن، اهي سڀئي پنهنجي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. هاءِ ڪورٽ کي ان طرف به ضرور ڏسڻو پوندو. سنڌ مان امن جو پکي اڏامي چڪو آهي. ويجهي مستقبل ۾ به بهتري جي اميد نظر نٿي اچي. اهو به يقين آهي ته بهتر ماڻهن جي سنڌ اندر کوٽ نه آهي، پر انهن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي اهڙين ڪرسين کان پري رکيو وڃي ٿو جتي ويهي هو صوبي جي ۽ صوبي جي عوام جي خدمت ڪري سگهن.