يورپي ملڪ البانيه جي وزيراعظم Edi Rama جيڪو سياستدان هجڻ سان گڏوگڏ هڪ فنڪار ۽ هڪ ليکڪ پڻ آهي. هن دنيا کي ٻڌايو ته سندن ملڪ جي پهرين آرٽيفيشل انٽيليجنس وزير حاملا ٿي وئي آهي ۽ هوءَ جلد ئي 83 ٻارن کي جنم ڏيندي. نشرياتي اداري ‘يورو ويزن’ مطابق البانيه جي وزيراعظم اي ڊي راما جرمني جي شهر برلن ۾ منعقد ٿيل گلوبل ڊائيلاگ فورم تي ٻڌايو ته سندن پهرين اي آءِ وزير ‘ڊيئلا’ حاملا آهي ۽ هوءَ جلد ئي 83 اي آءِ اسسٽنٽس کي جنم ڏيندي. البانيه ڏکڻ اوڀر يورپ جو هڪ ملڪ آهي. هن وقت ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبي ۾ تمام تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي. البانيه جي حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته حڪومت جو ڪاروهنوار ٽيڪنالاجيءَ جي جدت سان هلايو وڃي. وزيراعظم اي ڊي راما تازو ئي “معيشت، ثقافت ۽ جدت واري وزارت” قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سندس مطابق هيءَ تبديلي ان نئين ترقياتي مرحلي لاءِ ضروري آهي، ڇو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو البانيه جي وزيراعظم هڪ اي آءِ وزير متعارف ڪرائي آهي، جيڪا پارليامينٽ ميمبرن لاءِ 83 ڊجيٽل اسسٽنٽس جي صورت ۾ ڪم ڪندي. حڪومتي معاملن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ اهو هڪ اهم ۽ منفرد قدم آهي. ڊيئلا جو حاملا ٿيڻ ۽ 83 ٻارن جو مطلب اهو آهي ته ڊيئلا هڪ سافٽ ويئر آهي، جيڪو نيون ڊجيٽل تخليقون يا نوان پروگرام پيدا ڪندو ۽ 83 نوان مصنوعي ذهانت جا اسسٽنٽ ان جي هيٺان ڪم ڪندا، جن جو ڪم رڪارڊنگ ۽ رڪارڊ رکڻ هوندو. اهي پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ ٿيندڙ سمورن بحثن کي رڪارڊ ڪندا ۽ انهن جو رڪارڊ رکندا.
ان کان علاوه ميمبرن کي اجلاس جو خلاصو پيش ڪندا، انهن کي مشورا ڏيندا ۽ کين تربيت ڏيڻ جو ڪم پڻ ڪندا. وزيراعطم اي ڊي راما سيپٽمبر ۾ ڊيئلا کي وزيراعظم جو رتبو ڏيندي ٻڌايو هو ته سندس ذميداري ۾ عوامي ٽينڊرن جو فيصلو ڪرڻ به شامل آهي، جيڪو البانيه کي 100 سيڪڙو ڪرپشن فري ڪري ڇڏيندو. هي ڪنهن به ملڪ جو ٽيڪنالاجي جي استعمال سان کنيل هڪ اهم قدم آهي، جيڪو اتان جي سماج جي اهم سياسي حصي ۾ سياستدانن جي رهنمائي ۽ تربيت ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي جن جا فيصلا سنئون سڌو ملڪ ۽ سماج جي قسمت کي تبديل ڪن ٿا. جيئن ته اي آءِ هڪ ٽيڪنالاجي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو انساني حسد، ڪرپشن ۽ ٻه نمبري شامل نه آهي. هي اهي ئي فيصلا ڪندو آهي جيڪي سندس ڊيٽا ۾ تربيت طور شامل هوندا آهن.
هن وقت ڏٺو وڃي ته پاڪستان کي به ان قسم جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪا اسان جي پارليامينٽ ۾ ويٺل سياستدانن کي تربيت ڏئي شفافيت سان ڪم ڪرڻ سيکاري ۽ ملڪ جي مختلف معاشي معاملن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪري هڪ صاف ۽ شفاف معيشت جو بنياد رکي ته جيئن اسان جو ملڪ درست نموني ترقي ڪري سگهي. پاڪستان البانيه جي مقابلي ۾ تمام وڏو ملڪ آهي. پاڪستان جي آبادي 240 ملين جڏهن ته البانيه جي آبادي 2.8 ملين آهي. جڏهن هڪ ننڍڙو ملڪ پنهنجي آبادي، روزگار ۽ وسيلن جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ان کي وڏو چئلينج سمجهي ٿو ته پاڪستان کي پنهنجي ايتري وڏي آباديءَ جو فڪر ڪندي هن طرف جلد قدم کڻڻ گهرجي. هن وقت پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو معاشي ترقي کانپوءِ سياسي استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني آهي. آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي استعمال سان پاڪستان ۾ انتظامي شفافيت ۽ عوامي شرڪت ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان سرڪاري فائل، زمينن جا رڪارڊ ۽ قانون سازي جا مسودا ڊجيٽل رڪارڊ ۾ تبديل ٿي ويندا. مختلف ادارن جا اوپن ڊيٽا پورٽل شروع ٿيڻ سان سرڪاري خرچن ۽ فنڊن ۾ ڪمي ايندي.
سرڪاري ٺيڪن جي رڪارڊنگ ۽ انتظام خاص طور تي وڏن ترقياتي منصوبن ۾ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي، جنهن ۾ ڊيٽا کي محفوظ ۽ شفاف طريقي سان رڪارڊ ڪرڻ ۽ ان جي ٽريڪنگ ڪرڻ شامل آهي. هڪ دفعو ڊيٽا بلاڪ چين تي رڪارڊ ٿي وئي ته پوءِ ان کي تبديل يا ختم نٿو ڪري سگهجي. ڪابه تبديلي ڪرڻ لاءِ نيٽ ورڪ ۾ شامل گهڻن ماڻهن جي رضامندي ضروري هوندي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي صرف ڪرپٽو ڪرنسي لاءِ ناهي، پر اها ٽيڪنالاجي ادارن جيئن بينڪ يا حڪومت جي ضرورتن کي به شفاف بنائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه اي آءِ سوشل ميڊيا ۽ موبائيل ايپس جي لاءِ شهرين جون شڪايتون رجسٽر ڪرڻ ۾ ۽ پاليسي فيڊ بيڪ گڏ ڪرڻ ۾ استعمال ٿي سگهي ٿي.
اليڪشن دوران ووٽ جي عمل کي خودڪار ۽ تيز ڪرڻ لاءِ اِي ووٽنگ مشينون استعمال ڪرڻ سان اليڪشن جو عمل شفاف ٿي سگهي ٿو. پاڪستاني حڪومت کي هن ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ کان اڳ پنهنجو قانوني فريم ورڪ تيار ڪرڻو پوندو ۽ سڄي ملڪ جي شهري توڙي ڳوٺاڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي رسائي ۽ ڊجيٽل تعليم جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا. ان جي لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ملڪ جي ڪنهن هڪ حصي کي پائليٽ پروجيڪٽ جي طور تي کڻي ان ۾ ان نظام کي مڪمل طور تي لاڳو ڪري ان جي نتيجن مان ان نظام جي ڪمزورين ۽ سٺن نتيجن جا تجزيا ڪري پوءِ پوري ملڪ کي ان نظام سان ڳنڍي ڇڏي. اميد آهي ته پاڪستان به البانيه جهڙي ننڍڙي ملڪ جي ويزن کي مد نظر رکندي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهڙا احسن قدم ضرور کڻندو.