تعليم ڪنهن به سماج جي شهه رڳ آهي ۽ اها نه صرف قابليت ۽ ترقيءَ جو ذريعو آهي، پر هڪ قوم جي مستقبل جو اهم سرمايو پڻ آهي. جڏهن انهيءَ شهه رڳ تي ڪرپشن جو ڪڪر پوي ته نتيجا صرف فرد تائين محدود نه رهندا، بلڪه سڄو سماج، صوبو ۽ ملڪ متاثر ٿيندو آهي. تازوئي ميرپورخاص بورڊ ۾ هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هزارين شاگردن جا نتيجا رشوت، جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ اضافي مارڪن ذريعي تبديل ڪيا ويا. رپورٽن موجب، 2023 کان 2025 تائين لڳ ڀڳ 27,000 شاگرد متاثر ٿيا. ان اسڪينڊل ۾ مني لانڊرنگ ذريعي مالي ڏيتي ليتي جا به انڪشاف سامهون آيا آهن ۽ پوليس عملدارن موجب هن ڪاروبار ۾ اميدوارن کان 50 هزار کان 5 لک رپين تائين وصول ڪيا ويندا هئا. پريس ڪانفرنس دوران پوليس ٻڌايو ته 2021 کان 2025 تائين جاري ڪيل مارڪ شيٽن جو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي ۽ جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته بورڊ پاران هزارين افغانين ۽ پرڏيهي شاگردن کي به ميٽرڪ جا جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن، جن انهن سرٽيفڪيٽن جي بنياد تي پنهنجا ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ پڻ ٺهرايا آهن. جڏهن ته ڪجهه نجي ۽ سرڪاري اسڪولن جي عملدارن جي مبينا ملي ڀڳت پڻ رپورٽ ڪئي وئي آهي. اهو ڪاروبار ڪنٽرولر انور عليم جي سربراهي ۾ هلندو هو، جنهن جي نگراني ۾ اڳوڻو سيڪريٽ برانچ جو سپرنٽينڊنٽ شاهد لطيف، ميٽرڪ پيپرن جو انچارج ارشاد خانزادو، انور عليم جو پي اي معظم ۽ ويريفڪيشن برانچ جو انچارج نعمان راجپوت پڻ شامل هئا. گرفتار ٿيل اعظم خان پٺاڻ ٻڌايو ته اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته بورڊ ۾ وڌيڪ مارڪون ڏئي گريڊ وڌايا ويندا هئا، شاگردن کي اي ون گريڊ ڏنا ويندا هئا، ۽ فيل ٿيل شاگردن کي پاس ڪرڻ لاءِ 50 هزار رپيا وصول ڪيا ويندا هئا، جڏهن ته ميٽرڪ ۽ انٽر جا جعلي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ 4 کان 5 لک رپيا ورتا ويندا هئا. پوليس عملدارن موجب ڪيس ۾ جلد وڌيڪ نوان انڪشاف ٿيڻ جي اميد آهي ۽ وڏي پئماني تي گرفتاريون پڻ عمل ۾ آنديون پيون وڃن.
اهو معاملو محنت ڪندڙ شاگردن لاءِ خاص طور تي تباهه ڪندڙ آهي. اهي شاگرد جيڪي محنت ڪري پنهنجو مستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي جڏهن ڏسن ٿا ته ٻيا شاگرد رشوت ۽ نااهلي ذريعي وڌيڪ مارڪون حاصل ڪري رهيا آهن، ته انهن جو اعتماد ٽٽي پوي ٿو ۽ تعليم مان دلچسپي ختم ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ شاگردن تي ذهني دٻاءُ ۽ مايوسي وڌي ٿي، جڏهن ته حقيقي محنت ڪندڙ شاگردن جي ڪاميابي پوئتي رهجي وڃي ٿي. ڪيترن شاگردن ۾ مايوسي ايتري وڌي ٿي جو اهي پنهنجي حقيقي قابليت ڏيکارڻ کان دستبردار ٿي وڃن ٿا، جيڪو نه صرف انفرادي سطح تي نقصانڪار آهي، پر مستقبل جي سماجي ترقي لاءِ پڻ خطرو بڻجي ٿو. اهو مسئلو صرف فرد تائين محدود ناهي، پر خاص طور تي صوبي سنڌ جي تعليمي نظام لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجي چڪو آهي. بورڊن ۽ اسڪولن تي اعتماد ختم ٿي رهيو آهي، ماڻهو سرڪاري ادارن بدران نجي ادارن کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن ۽ ڪرپشن جو هڪ ثقافتي رجحان جنم وٺي ٿو، جيڪو ٻين ادارن ۾ به ورجائجي ٿو.
اهڙي ناانصافي سبب محنت ڪندڙ شاگردن تي بيحد مايوسي ڇانيل آهي ۽ ڪيترائي خاندان پنهنجن ٻارن کي تعليم ۾ اڳتي وڌڻ کان ئي روڪي ڇڏين ٿا، ڇو ته انهن کي لڳي ٿو ته ايمانداري سان محنت ڪرڻ جي ڪا اهميت ناهي. جڏهن به تعليمي معيار ۾ اهڙي غير قانوني تبديلي اچي ٿي ته نه صرف شاگردن جي مستقبل تي اثر پوي ٿو، پر صوبي جي سماجي ترقي، معيشت جي ڪارڪردگي ۽ عام انصاف جو نظام به ڊگهي مدي لاءِ متاثر ٿئي ٿو. ملڪي سطح تي به اهڙي صورتحال کي سنجيده نقصان پهچندو آهي. جعلي سرٽيفڪيٽ رکندڙ ماڻهو اهم عهدن تي پهچي وڃن ٿا، جنهن سبب حقيقي اهل ماڻهن کي موقعا نه ٿا ملن ۽ معاشي ۽ انتظامي نظام متاثر ٿئي ٿو. پاڪستان جي تعليمي ساک تي به سوال اُڀري ٿو، خاص ڪري جڏهن بين الاقوامي ادارن ۽ ملڪن کي شاگردن ۽ سندن قابليت بابت شڪ پيدا ٿئي ٿو. اهڙي ماحول ۾ بيروزگاري وڌي ٿي، برين ڊرين جو رجحان وڌي ٿو ۽ قوم جي مستقبل لاءِ خطرا پيدا ٿين ٿا. اهڙي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته سرڪاري جاچ ۽ شفاف انڪوائري کي يقيني بڻايو وڃي، بورڊن ۾ سخت ضابطن ۽ نگراني جو نفاذ ٿئي ۽ محنت ڪندڙ شاگردن لاءِ اعتماد بحال ڪيو وڃي. تعليمي ادارن ۾ ايمانداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ والدين، استاد ۽ بورڊ جا اهلڪار گڏجي ڪم ڪن، جيئن مستقبل جي نسلن کي اهڙي ناانصافي کان بچائي سگهجي. تعليم صرف امتحان ۽ سرٽيفڪيٽ تائين محدود ناهي، پر اها هڪ قوم جي مستقبل جي تشڪيل آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ ايمانداري ختم ٿئي ٿي ته نه صرف فرد، پر سڄو سماج ۽ ملڪ ڊگهي عرصي لاءِ متاثر ٿين ٿا. اسان کي هاڻي قدم کڻڻا پوندا ته مستقبل جو نسل مضبوط، شفاف ۽ باوقار ٿي سگهي.