ڦٽي يا ڪاٽن پاڪستان جو هڪ وڏو ناڻي وارو فصل آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي ڪل ڪپهه جي پيداوار ۾ سنڌ جو لڳ ڀڳ 25 کان 30 سيڪڙو رهندو آيو آهي. 2023-2024 جي سيزن ۾ سنڌ جي پيداوار ۾ واڌ آئي آهي ۽ پيداوار ۾ سنڌ جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو رهيو آهي، پر تازو ئي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ڪپهه ۾ ملاوٽ جو هڪ اسڪينڊل سامهون آيو آهي، جتي ٽنڊوآدم جي هڪ جيننگ فيڪٽري تي الزام آهي ته اتي اعليٰ درجي جي ڪپهه (لنٽ) ۾ ڪپهه جو فضلو ملائي هڪ اهڙي مصنوعي پيداوار تيار ڪئي پئي وڃي، جنهن کي صنعتي حلقن ۾ برگر ڪاٽن چيو پيو وڃي.
هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن (PCGA) طرفان غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ هڪ چار رڪني مانيٽرنگ ٽيم تصديق ٿيل اطلاعن تي فيڪٽري تي ڇاپو هنيو. ان واقعي سڄي ملڪ جي جيننگ انڊسٽري ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي. ٽنڊوآدم ۾ ڪپهه جي پيداوار سنڌ جي زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ جو هڪ اهم باب آهي. هن شهر جي تاريخ ۾ ڦٽي جي پيداوار کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. ڪالونيل دور جي شروعات ۾ ڦٽي جي پيداوار کي انگريز راڄ جي دوران گهڻي هٿي ملي. جڏهن ايريگيشن جو نظام بهتر ٿيو ته سنڌ جو هي علائقو ذرخيز زمين، سٺي پاڻي ۽ سٺي ۽ موزون آبهوا جي ڪري ڪپهه جي پيداوار جو حب بڻجي ويو. ريلوي لائين جي وڇڻ کانپوءِ زرعي مال بندرگاهن تائين آسانيءَ سان پهچڻ لڳو. جنهن سبب آزاديءَ کانپوءِ ٽنڊوآدم تيزيءَ سان ڪپهه جي جيننگ فيڪٽرين جو مرڪز بڻجي ويو.
ڦٽي جي پيداوار ۽ فيڪٽرين جي ڪري شهر ۾ واپار، روزگار ۽ مالي خوشحالي وڌي. ڪنهن زماني ۾ ٽنڊوآدم کي سنڌ جو “گم ٿيل پئرس” به سڏيو ويو آهي، جيڪو ان جي معاشي خوشحالي کي ظاهر ڪري ٿو. ٽنڊوآدم جتي ڪپهه، ڪمند، ڪيلو ۽ ٻيون زرعي شيون پيدا ٿين ٿيون. جنهن جو سبب ٽنڊوآدم جي وچولي ڏکڻ ۾ واقع هجڻ سبب اتان جي آبهوا ۽ ذرخيز زمين ۽ سٺو آبپاشيءَ جو نظام آهي. 2025-2026 جي آغاز کان اڳ ئي ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن فيصلو ڪيو هو ته شعبي ۾ موجود اهڙين ڪارين رڍن کي بي نقاب ڪيو ويندو. ان مقصد لاءِ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڌار ڌار مانيٽرنگ ڪميٽيون جوڙيون ويون جن کي فيڪٽرين جي معائني ۽ خلاف ورزي تي ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو.
ماضيءَ ۾ به ڪجهه فيڪٽرين ۾ ملاوٽن جو سلسلو شروع ٿيو هو ۽ پوءِ انهن کي وارننگ ڏني وئي هئي. تحقيقاتي ٽيم جي مطابق ٽن جيننگ يونٽس جي هڪ ئي احاطي ۾ مزدور لنٽ جون ڳنڍيون ان انداز ۾ تيار ڪري رهيا هئا جو ٻاهرين تهه ۾ اعليٰ درجي جي ڪپهه ۽ اندر ڪپهه جو ڪچرو ڀريو پئي ويو ته جيئن ليبارٽري جي ٽيسٽن ۾ معيار درست ظاهر ٿي سگهي. جيننگ انڊسٽري جي نمائندي احسان الحق جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ برگر ڪاٽن بلند قيمتن تي فروخت ٿي رهي آهي ان غير قانوني ڪاروبار ۾ فيڪٽري جا مالڪ، ٽيڪسٽائل ملن جي لاءِ خريداري ڪرڻ وارا ايجنٽ ۽ ليبارٽري جو عملو شامل آهن، جنهن سان انهن سڀني کي فائدو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستاني ڪپهه جي ساک تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آهي. پاڪستان جي ڪپهه ۽ ان مان تيار ٿيل ڌاڳو جيڪو ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ استعمال ٿئي ٿو، ان جا خريدار چائنا، بنگلاديش، آمريڪا، اٽلي، ترڪي آهن.
ان کان علاوه ويٽنام، انڊونيشيا، برطانيه، جرمني، اسپين، برازيل ۽ گڏيل عرب امارات به پاڪستان سان ڪپهه جو واپار ڪن ٿا ۽ ڪپهه کان علاوه ڪپهه مان ٺهيل شيون گهرايون وڃن ٿيون، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جو ايڪسپورٽر وڌيڪ منافعو ڪمائڻ لاءِ پنهنجي لاءِ هميشه جي لاءِ رستا بند ڪري پاڪستان جي ان پيداوار کي ٻين ملڪن ۾ بليڪ لسٽ به ڪرائي سگهي ٿو. جيئن ته ملڪ هن پيداوار مان پنهنجي معاشي ضرورتن جي پورو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿو، ان ڪري اسان کي پنهنجي ڪاروبار کي ايمانداريءَ سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪوالٽي ڪنٽرول تي ڌيان ڏنو وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ مٿي ٻڌايل ملڪن جا پاڪستان سان ڪيل معاهدا ختم ٿي سگهن ٿا. ڪپهه جي خراب ڪوالٽي هجڻ جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني ڪپهه جي قيمت زمين تي ڪري سگهي ٿي. پاڪستان جي مٿان غير معياري مال موڪلڻ تي ڏنڊ پئجي سگهن ٿا، جنهن سان پاڪستان کي مالي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ان کان علاوه اهي ملڪ جيڪي پاڪستان کان ڪپهه خريد ڪن ٿا اهي پاڪستان سان معاهدا ٽوڙي ٻين ملڪن سان معاهدا ڪري سگهن ٿا. اميد آهي ته پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن ان مسئلي کي جلدي حل ڪندي.
ان کان علاوه سنڌ حڪومت به صوبائي سطح تي هڪ عوامي آگاهي مهم جي ذريعي هارين ۽ آبادگارن جي اندر سجاڳي پيدا ڪري سگهي ٿي ته جيئن ڪوالٽي کي بهتر بڻائي سگهجي. ڇو ته اهو نقصان صرف پاڪستان جو نه، پر مقامي سطح تي ڪم ڪندڙ آبادگار کان وٺي سڄي صوبي جو به آهي. ضروري آهي ته ڪپهه پيدا ڪندڙ علائقن ۾ اهڙو انفرااسٽرڪچر، جديد ليبارٽرين جو قيام ۽ فائيبر ٽيسٽنگ ڪرڻ جهڙيون سهولتون آبادگارن کي ڏنيون وڃن، جنهن سان ڪپهه جي معيار کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.