بلاگنئون

22 آڪٽوبر سنڌ جي قومي شاعر سرويچ سجاولي جي ورسي جو ڏهاڙو

سنڌي ادب جي دنيا ۾ سرويچ سجاولي جو نالو اھڙي سج وانگر چمڪندڙ آهي، جيڪو ظلم جي اواندهين ۾ به سچائيءَ جي روشني پکيڙي ويو. ھو سنڌ جي شاعريءَ جو اھو انقلابي آواز آهي، جنھن پنهنجي فن وسيلي نه رڳو مظلومن جي آواز کي ٻولي ڏني، پر سنڌ جي قومي شعور ۾ نئين فڪر جي باھ ڀڙڪائي. سرويچ سجاولي جو نالو جتي به ورتو وڃي ٿو، اتي عشق، بغاوت ۽ مزاحمت سان گڏ اڀري اچي ٿو. ھن شاعر جي زندگي ھڪ تحريڪ، ھڪ فڪر ۽ ھڪ دور جو باب ھو جنھن سنڌ جي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ نئون ساهه وڌو.

سرويچ سجاولي، جنھن جو اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان جت ھو، ١٤ مارچ ١٩٣٧ع تي تعلقي سجاول جي ڳوٺ ابراهيم تارڙو ۾ جنم ورتو. سندس والد خميسو خان سادو ۽ محنتي انسان ھو، جنھن جي گهر جو ماحول سچائي ۽ شرافت تي ٻڌل ھو. سرويچ جو ننڍپڻ عام ڳوٺن جي ٻارن وانگر گذريو، پر سندس دل ۾ هميشه بيچيني رهندي ھئي. ھن پنج درجا سنڌي پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي پڙھيا، پر فطرت سندس اندر ۾ اھڙو شعور رکيو ھو، جيڪو درسي ڪتابن تائين محدود نه ھو. سندس تڙپ ۽ حساس دل کيس سماج جي حقيقتن ڏانھن وٺي وئي.

ننڍپڻ ۾ کيس ملهه وڙھڻ جو شوق ھو، پر قسمت کيس ان رستي تان موٽايو. سندس اندر جي پيڙا کيس نئين راهه ڏيکاري ۽ ائين ھن شاعريءَ جي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس لفظن ۾ احساس، فڪر ۽ جدوجهد جو جيڪو رقص اڀري آيو، سو بعد ۾ هڪ انقلابي سوچ طور سڄي سنڌ ۾ گونجي اٿيو، ان وقت تائين سرويچ مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ کان گهڻو متاثر ٿي چڪو ھو. مولوي احمد ملاح جي ڪلام سندس دل ۾ اھڙو شوق ۽ تحرڪ پيدا ڪيو، جو سرويچ پاڻ به شعر چوڻ شروع ڪيا.

شروعات ۾ ھن ننڍن پروگرامن، ڳوٺن جي مچ ڪچهرين ۾ پنهنجا شعر پڙھڻ شروع ڪيا. اتي ئي سندس آواز ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ لڳو ۽ اھڙيءَ طرح ھڪ ننڍي شوق مان شروع ٿيل سفر، ھڪ انقلابي تحريڪ جي آواز ۾ بدلجي ويو. وقت سان گڏ سرويچ سجاولي قومي شعور ۽ بغاوت جي علامت بڻجي ويو. سندس شاعري لفظن جو شعلو، بغاوت ۽ قوم لاءِ نئون فڪري اعلان بڻجي ويو.

سرويچ سياسي شعور رکندڙ شاعر ھو، ھن جو لاڳاپو صرف لفظن سان نه، پر عمل ۽ ارادي سان به ھو. سنڌ جي تاريخ ۾ جڏھن به حقن جي تحريڪ اڀري، سرويچ جي شاعري ان جو روح بڻجي وئي. خاص طور ١٩٦٠ع، ١٩٧٠ع ۽ ١٩٨٠ع وارن ڏھاڪن ۾، جڏھن سنڌ جي سڃاڻپ، وسيلن ۽ وجود تي وار ٿي رھيا ھئا، تڏھن سرويچ جا شعر قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نعرا بڻجي ويا. سندس شاعريءَ ۾ اھڙو انقلابي جوش ۽ جذبو ھو، جيڪو دلين ۾ باھ ڀڙڪائي ڇڏيندو ھو.

سرويچ چوي ٿو:

ھت جن جن جنگ لڙي ۽ پنھنجو ورتو دنگ دڙي،

جن پنھنجو ورتو ننگ لڙي، سي قومون ٿيون آزاد قلندر،

مارو زنده باد قلندر، مارو زنده باد.

ھي سٽون رڳو شعر نه ھيون، پر قومي شعور جا نعرا ھئا، جنھن سنڌ جي نوجوانن جي دلين ۾ حوصلي جا ڏيئا ٻاريا. سرويچ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي سڳنڌ، مارو ماڻھن جي پيڙا ۽ بغاوت جي باھ ڀڙڪي رھي ھئي. سندس لفظن ۾ محبت جي مٺاس سان گڏ جدوجھد جي تڙپ جي ميلاپ مان جيڪا روشني پيدا ٿي، سا سنڌي ادب جو فخر بڻجي وئي.

سرويچ جي شاعري رڳو فڪر نه، پر درد جي ترجماني ھئي. ھو سنڌ جي پيڙائن کي لفظن ۾ قيد نه ڪندو ھو، پر انھن کي شعوري صدائن ۾ بدلائيندو ھو. سندس ھڪ مشهور شعر سنڌ جي مظلوم سماج جو چٽو عڪس پيش ڪري ٿو:

ھت ماڻھو جو ويو ماس سڪي ۽ رت جي تن ۾ ناھي رتي،

ٿي ڀونگا تن جا ڀينگ ويا ۽ ڌرتي تن لئي تيز تتي،

سڀ چور وڏيرا چورائي ويا، تن جا پوکيل چيٽ ڪَتي،

ھت مسڪينن لئي آھي سائين، ڪاري ڪاري قيام متي.

ھي بيت رڳو سياسي شڪايت نه، پر سماجي احتجاج جو مڪمل منظرنامو ھو، جيڪو وقت جي حڪمرانن جي ضمير کي جنجهوڙي ٿو. سرويچ جي لفظن ۾ ايتري طاقت ھئي، جو حڪومت جا وزير ۽ وڏيرا سندس اسٽيج تي اچڻ سان پريشان ٿي ويندا ھئا. ١٩٧٠ع واري ڏھاڪي ۾ ھڪ وزير سندس نظم ٻڌي ڪاوڙجي پيو ۽ کيس گرفتار ڪرائي ڪيٽي بندر جي لاڪپ ۾ بند ڪرايو، پر سرويچ جھڙي اڙڀنگ شخصيت کي قيد يا جبر جھڪائي نه پئي سگهيو. سندس ويجھو دوست ۽ پ پ اڳواڻ عبدالستار لوھار وڃي کيس آزاد ڪرايو ۽ سرويچ ٻيھر ساڳئي بيباڪيءَ سان اسٽيج ڏانھن موٽيو.

سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جا موضوع سنڌ جو درد، ڌرتيءَ جو عشق، مزدورن ۽ هارين جا ڏک، قومي آزاديءَ جا نعرا ۽ ظالمن جي خلاف بغاوت ھئا. سندس ڪلام سرمائيدارن، جاگيردارن، وڏيرن ۽ سردارن خلاف مسلسل احتجاج ھو. ھو لفظن جو اھڙو گھاڙيٽو ھو، جيڪو هر دور ۾ مظلومن لاءِ تلوار بڻجي بيٺو. سندس شاعريءَ ۾ جتي سوز ھو، اتي بغاوت جو شعلو به ساڳي شدت سان موجود ھو.

سرويچ جو فن لفظن جي عام لڙائي نه، پر شعور جي جنگ ھو. ھو ذھن سازي ڪندي پاڻ ئي ساز بڻجي ويو. سندس ڪلام سنڌي ادب جو فڪري ورثو بڻجي ويو، جيڪو اڄ به پڙھندڙ جي دل ۾ قوميت جا جذبا جاڳائي ٿو. سرويچ سجاولي ٢٢ آڪٽوبر ٢٠٠٧ع تي ھميشه لاءِ سنڌ جي مٽيءَ ۾ وڃي مليو. سندس پٺيان چار پٽ، ھڪ نياڻي فاطمه سرويچ ۽ بيواھ زال سوڳوار ڇڏيا، پر سرويچ جو نالو ۽ سندس آواز ڪڏھن به خاموش نه ٿيو. ھو اڄ به سنڌ جي ڳوٺن، شھرن ۽ ادب جي دنيا ۾ زنده آھي. سندس شعر هر دل ۾ باھ وانگر ڀڙڪي ٿو، هر محفل ۾ نعرن جي صورت ۾ گونجي ٿو ۽ هر شعور ۾ نئين فڪر جو ذرو ڇڏي ٿو.

سرويچ سجاولي جو جسم جدا ٿيو، پر سندس فڪر جي خوشبو سنڌ جي هوائن ۾ اڃان تائين گونجي رهي آھي. سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري حرفن سان لکيل آھي ۽ سندس شاعري قوم جي سچائي ۽ فڪر جي علامت بڻجي چڪي آھي. سرويچ سنڌ جو اھو شاعر ھو، جنھن جي لفظن مان صدين تائين بغاوت ۽ عشق جا نغما گونجندا رھندا ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ تي سندس نالو، فڪر، ۽ مزاحمت جي علامت طور زنده رھندو.