ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ۾ پنجاب فرانزڪ ليب ايجنسي جهڙي سهولت ڇو موجود ناهي؟

تاريخ 17 جنوري 2026ع تي ڪراچيءَ جي هڪ شاپنگ مرڪز گل پلازه جي باهه زميني طور تي ته وسامي چڪي آهي، پر اڃان تائين ان جا شعلا ملڪ جي مختلف حصن ۾ سياسي بيانن جي ذريعي ولاگرن جي ولاگن، تجزيه نگارن جي تجزين، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي سنڌ دشمن سياسي بيانن جي ذريعي ڀڙڪي رهيا آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ حڪومت وٽ جيترو اختيار آهي اوتري جيڪڏهن سٺي گورننس هجي ها ته شايد هن وقت هيءَ پارٽي پوري پاڪستان تي راڄ ڪرڻ جي قابل هجي ها. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ايڏي سٺي پارٽي جنهن جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو هن پارٽيءَ جي قيادت ڪندي عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي، پر هن وقت سنڌ حڪومت جي گورننس مٿان آڱريون کڄي رهيون آهن، جيڪو هن پارٽيءَ لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. بار بار عوام جي اها گهر رهي آهي ته پيپلزپارٽي کي پنهنجي اندر ويٺل انهن ماڻهن کي سڃاڻڻ گهرجي جيڪي هن پارٽيءَ جي بنيادن کي کوکلو ڪري رهيا آهن ۽ عوام کي ڊليور ڪرڻ جي بجاءِ عوام جي تڪليفن ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿا. هن وقت پنجاب ۾ مريم نواز پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهي آهي ۽ هوءَ پي ٽي آءِ دور جون غلطيون سڌارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اين ايف سي ايوارڊ جو هڪ وڏو حصو پنجاب کي وڃي ٿو، پر اهو حصو پنجاب پنهنجو پاڻ کي تعمير ڪرڻ لاءِ لڳائي رهيو آهي.

هن وقت پنجاب ۾، پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي (PFSA) موجود آهي، جيڪا 2012ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو بنيادي مقصد ڏوهن جي سائنسي جاچ، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد، عدالتن کي معتبر ۽ غير جانبدار سائنسي شاهديون فراهم ڪرڻ، ڊي اين اي ۽ بايولاجي جي جاچ ڪرڻ، فنگر پرنٽ ۽ پام پرنٽ، هٿيارن ۽ گولين جي جاچ، زهر ۽ منشيات، ڊجيٽل فرانزڪ، جعلي دستاويزن جي سڃاڻپ. ان کان علاوه ڪرائيم سين انويسٽيگيشن يونٽ جون سهولتون موجود آهن. اهي سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ اتي جديد مشينري ۽ تربيت يافته ماهر موجود آهن ۽ نتيجن جي چين آف ڪسٽڊي کي سختيءَ سان برقرار رکيو وڃي ٿو. هي ادارو پنجاب جي گڊ گورننس جو هڪ اعليٰ مثال آهي. ڇو ته هن اداري جي قانوني حيثيت هڪ خود مختيار اداري جي آهي. جيڪو پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي ايڪٽ 2007ع تحت ڪم ڪري ٿو. جنهن کي پوليس کان انتظامي طور الڳ ڪيو ويو آهي، پر ان سان تعاون ۾ رهندو آهي. هن اداري کي مجموعي طور تي پاڪستان ۾ فرانزڪ ثبوتن جي معيار بلند ڪرڻ ۾ هڪ سنگ ميل سمجهيو وڃي ٿو. چوڻ کان ته سنڌ ۾ به هڪ فرانزڪ ليب موجود آهي، جتي ڪيتريون ئي بنيادي سهولتون موجود آهن، پر ان جي مٿان اهو سوال اٿي ٿو ته نه ان وٽ پنجاب جي اداري جهڙي خود مختياري ۽ جامع پاليسي موجود آهي ۽ نه ئي اتي پنجاب جهڙي اداري جيتريون سهولتون موجود آهن. هتي ڊي اين اي، هٿيارن جي جاچ، ڊجيٽل ڊيٽا ۽ فنگر پرنٽ جي جاچ ڪرڻ جون سهولتون موجود ناهن ۽ جديد سامان جي به کوٽ آهي.

اهو ئي سبب آهي جو اسان کي ڪيترن ئي حادثن جي جاچ جي لاءِ پنجاب جي ان ليب طرف رخ ڪرڻو پوي ٿو. ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ حڪومت کي ان قسم جي هڪ خود مختيار ۽ آزاد فرانزڪ ليب ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جيڪا اڃان تائين نه ٺاهي وئي آهي. هتي صرف حڪومت جي Will جي ضرورت نظر اچي ٿي. جيڪڏهن حڪومت ڪم ڪرڻ چاهي ته چند سالن ۾ ان قسم جي ليب تعمير ٿي فنڪشنل ٿي سگهي ٿي. هن وقت سنڌ حڪومت تي مختلف ڌرين کان اها تنقيد ٿي رهي آهي ته جيڪي رپورٽون اچي رهيون آهن انهن جي صحيح طريقي سان فرانزڪ نه ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت وٽ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ جي لاءِ فرانزڪ ٽيسٽ ڪرڻ جون سهولتون موجود ناهن، جيڪا سنڌ جي عوام لاءِ شرمندگيءَ جو سبب آهي. جيئن جيئن وقت تبديل ٿي رهيو آهي ان سان گڏ حالتن، واقعن ۽ انساني ضرورتن ۾ تمام گهڻي تيزي سان تبديلي اچي رهي آهي، جنهن سبب اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سهاري جي ضرورت پوي ٿي. ترقي يافته ملڪن ۾ ايتريون سهولتون موجود آهن جو پوليس پيٽرولنگ گاڏين جي ذريعي هڪ خاص ٽيڪنيڪ جو استعمال ڪندي رستي ويندڙ ڪنهن به ماڻهو جي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي ته ڪهڙو ماڻهو اتي قانوني طور رهيل آهي ۽ ڪهڙو غير قانوني طور. جڏهن ته  اسان اڃان سترهين ارڙهين صديءَ جي ڪيترن ئي اونداهي غارن ۾ ڀٽڪي رهيا آهيون. تعليم جو نظام درست نه ڪري سگهيا آهيون، اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون فراهم نه ڪري سگهيا آهيون ۽ ڏوهن جي صورت ۾ انهن جا ثبوت حاصل ڪرڻ لاءِ ڏوهارين کي عدالتن ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ فرانزڪ ليب موجود ناهن، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته ڏوهاري بچي ٿو وڃي ۽ مظلوم زندگي ڀر روئيندو ٿو رهي. اميد ته سنڌ حڪومت جلد کان جلد پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جهڙي هڪ خود مختيار ايجنسي جنهن جون ذيلي شاخون هر ضلعي ۾ هجڻ گهرجن ۽ جنهن جي مٿان ڪنهن به حڪمران ڌر جو ڪنٽرول نه هجي تعمير ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي. اها نه صرف عوام لاءِ بلڪه حڪمران پارٽيءَ لاءِ به عوام ۾ مثبت بيانيو جوڙيندي. ڇو ته هن وقت به گل پلازه ۾ لڳل باهه تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن ۽ هن وقت جيڪا رپورٽ آئي آهي ان کي ڪوبه مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. حڪومت کي هڪدم خود مختيار فرانزڪ ليبارٽري جي تعمير لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان کان علاوه فائر برگيڊ جي شعبي کي جديد سهولتن سان آراسته ڪري هر ضلعي ۽ تعلقي سطح تي متعارف ڪرايو وڃي.