اداڪاري: جڏھن آئون 1970ع جي ڏھاڪي جي شروع ۾ ڪنھن ڪردار لاءِ بي آر چوپڙا سان ملڻ لاءِ سندس آفيس ويس ته خبر پئي ھو موھن سھيگل جي گھر ويو ھو. آئون اتان مايوس ٿي موھن سھيگل جي گھر آيس ته چوڪيدار مون کي گيٽ تي ئي روڪي ڇڏيو ۽ ٻاھر بيٺي بي آر چوپڙا جو انتظار ڪرڻ لڳس. انتظار ڪندي ھڪ ڪلاڪ ٿي ويو. پنجن سالن کانپوءِ بي آر چوپڙا جي فلم “ضمير” ۾ مون کي ھيرو جو ڪردار ڏنو ويو. مون فلم انڊسٽري ۾ طويل جدوجهد ڪئي آهي. شروعات ۾ پروڊيوسرن جو خيال هو ته مون کي فقط سنجيده ڪردار ڪرڻ گھرجن. انھن مان ڪجھه جو خيال هو ته مون کي ‘ڌوتي وارو ڪردار’ نه ڪرڻ گھرجي. محمود مون کي فلم “بمبئي ٽو گووا” ۾ رومانٽڪ ڪردار طور کنيو. پر فلم ڏسندڙن مون کي انھيءَ روپ ۾ گھڻو پسند نه ڪيو. پرڪاش مھرا جي فلم “زنجير” ۾ مون کي گھڻو پسند ڪيو ويو ۽ پوءِ سليم جاويد (ليکڪن جي جوڙي) مون کي يش چوپڙا سان متعارف ڪرايو. يش چوپڙا مون کي پنھنجي فلم “ديوار” ۾ ڪم ڏنو. اداڪاري ڪرڻ وقت آئون ننڍپڻ کان ئي پنھنجي پاڻ تي ڀاڙيندو آھيان، ھاڻي جڏھن پوڙھو ٿي ويو آھيان، تڏھن به چوندو آھيان ته منھنجي عادت منھنجي وڏي وصف آھي. جڏھن ڪو غلط مڪالمو ٻڌندو آھيان ته وڏي تڪليف ٿيندي آهي، اداڪاري به موسيقي وانگر ھجڻ گھرجي. مون کي جڏھن به ڪنھن فلم ۾ ڪم ملندو آهي ته آئون سڀ کان پھرين فلم جي ڪھاڻي، منھنجي ڪردار ۽ فلم ٺاھيندڙ ڪمپني متعلق ضروري معلومات وٺندو آھيان، فلم سٺي ھوندي آھي ته ڪم ڪرڻ جي حامي ڀريندو آھيان ٻي صورت ۾ جواب ڏيئي ڇڏيندو آھيان. آئون ڪنھن به فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ان صورت ۾ ڪندو آھيان، جڏھن مون وٽ اڳ ۾ ئي گھڻو ڪم ھجي يا مون کي پنھنجو ڪردار پسند نه اچي. ھندستاني فلم ۾ ڪم ڪرڻ ھڪ الڳ ئي معاملو ھوندو آھي، ھڪ ته پنھنجي ڪردار تي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ناھي ڏنو ويندو، ٻيو اسڪرين پلي مڪمل ناھي ھوندو ۽ اسڪرپٽ به مڪمل ناھي ڏنو ويندو. سليم جاويد جو اسڪرپٽ مڪمل ھوندو ھو، جڏھن مون کي اسڪرپٽ ڏنو ويندو آهي ته آئون سڀ کان پھرين پورو پڙھي ۽ پوءِ نوٽس وٺندو آھيان. اسڪرپٽ پڙھڻ کانپوءِ جيڪي ڳالھيون ذھن ۾ اينديون آهن، اھي نوٽ ڪندو ويندو آھيان، ان کانسواءِ جن ڳالھين تي متفق يا مطمئن نه ھوندو آھيان، اھي پڻ نوٽ ڪري ڊائريڪٽر سان ڳالھائيندو آھيان. ايئن به ٿيندو آهي ته جيڪو ڪردار مون کي ڏنو ويندو آهي، انھيءَ متعلق ڊائريڪٽر مون کي ھدايتون ڏيندو آهي. ھري شڪيش مکرجي پنھنجي ھر فلم ۾ مون کي شروع کان آخر تائين ھدايتون ڏيندو آهي، پر ھن ڪڏھن به پنھنجي مرضي مون تي نه مڙھي آھي. پرڪاش مھرا، سليم جاويد ۽ من موھن ڊيسائي به ايئن ئي آھن، مون کانئن ڪڏھن سوال جواب نه ڪيا آھن. ھو مون کي ھڪ شخص ۽ اداڪار طور چڱي طرح سڄاڻن ٿا. سليم جاويد جڏهن به مون کي ڪنھن ڪردار لاءِ فون ڪندو ھو ته آئون کانئس ڪھاڻي بابت پڇندو ھئس. اھو صرف تجسس خاطر پڇندو ھئس، ايئن ناھي ته ڪو آئون پنھنجي ڪردار متعلق ٻڌڻ کانپوءِ حامي ڀريندو ھئس. توھان حيران ٿيندئو ته ڪنهن شخص پنهنجو ٽيھن سالن جو ڪامياب ڪيريئر ٻين جي فيصلن تحت گذاريو آهي. مون پنھنجي ڪردار ۾ ھميشه ديانتداري ڪئي آهي، سيٽ تي ڪردار ادا ڪرڻ وقت منھنجي ڪا رٿابندي نه ھوندي آھي، جيئن چيو ويندو آهي تيئن ڪندو آھيان. مان ڪڏھن پنھنجي مطالعي تي يا ڪنھن ٻي ڪنھن شيءِ تي نه ڀاڙيو آھي، منھنجي ذاتي راءِ مطابق ھڪ اداڪار کي مطالعو ضرور ڪرڻ گھرجي. ڪنھن ڪردار ادا ڪرڻ کان پھرين منھنجي راتين جي ننڊ ڦٽي ويندي آهي، مون کي ھميشه اھو ڊپ رھندو آھي ته ڏنل ڪردار صحيح طريقي سان پرفارم ڪري سگھندس الائي نه، ڪنھن جھيڙي يا جذباتي سين ۾ سٺو نڀائي سگھندس يا نه. اڄ به تمام گھڻو تجربو ھجڻ باوجود پنھنجي ڪردار متعلق پريشان ھوندو آھيان. منھنجي دوستن ۽ صحافين مون کي ٻڌايو آھي ته، منھنجا ساٿي اداڪار مون کي تڪميل پسند يا ڪامليت پسند سڏيندا آهن. منھنجو خيال آھي ته ڪنھن سين جو فيصلو اداڪار تي ڇڏڻ گھرجي، ان کي ئي خبر پوندي آهي ته سين بھتر ٿيو يا نه. ڪيترائي ڊائريڪٽر اھڙا آھن، جيڪي اداڪارن کي ري ٽيڪس جي آزادي نٿا ڏين. من موھن ڊيسائي پڻ ايئن ئي ڪندو ھو. منھنجي لاءِ ھر سين مشڪل ھوندو آھي، آئون اڄ به پنھنجي حلئي متعلق فڪرمند ھوندو آھيان، وار صحيح آھن يا نه، ڪپڙا ڪيئن آھن. سين رڪارڊ ٿيڻ کانپوءِ به انھيءَ فڪر ۾ ھوندو آھيان، الائي صحيح ٿيو يا نه! اھڙا ڪيترائي واقعا آھن، جن ۾ آئون پنھنجي ڪارڪردگي مان مطمئن نه ٿيو آھيان، پر ڏسندڙن منھنجي ڪم کي ھميشه پسند ڪيو آهي. فلم “آنند” ۾ راجيش کنا جي موت جو سين انھيءَ ڳالھه جو مثال آھي، منھنجي اصرار تي ھريشي مون کي اھو سين ڏنو، مون اھو سين پنھنجي پوري ڪوشش سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون ان سين بابت ادا محمود سان به صلاح ڪئي، ادا محمود جو به سين متعلق خيال ھو ته اھو فلم جو سڀ کان وڌيڪ ڊرامائي سين آھي. سندس اھڙي راءِ تي منھنجي بيچيني وڌي وئي، ايستائين جو شوٽنگ وارو ڏينهن به اچي ويو. ان ڏينهن آئون جھڙوڪر چريو ٿي چڪو ھئس، ان ڏينهن نه ماني کاڌم ۽ نه ئي آرام ڪيم. صبح سوير سيٽ تي پھچي ويس. شاٽ فلمبند ڪرائڻ لاءِ ڏاڍو بيچين ھئس، پر قسمت ڏسو شاٽ وري رات جو دير سان فلمايو ويو. ان ڏينهن آئون تمام گھڻو ٿڪي چڪو ھئس، بک به ڏاڍي لڳي ھئي، پر آئون پنھنجي تياري ۾ مصروف رھيس. اوچتو مون کي سڏيو ويو ۽ سين فلمبند ڪرڻ جي تياري شروع ٿي، ايڪشن… مون جيتري به تياري ڪئي، ان مطابق اداڪاري ڪرڻ شروع ڪيم. آئون سوچي رھيو ھئس ته، ڇا ته شاندار شاٽ آھي، پر ھريشي جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيو ۽ چيائين، مون کي اداڪاري جي فن جي ماھرن جي ضرورت ناھي، آئون چاھيان ٿو ته تون پنھنجون لائينون فطري انداز سان ڳالھائي. ان ڪري ٻيھر شاٽ ورتو ويو، ھن دفعي مون سندس ٻڌايل انداز مطابق مڪالما ادا ڪيا ۽ اھي ئي فائنل ڪيا ويا. ڪنھن به تخليقي اداڪار جي ڪارڪردگي جي باري ۾ آخري راءِ ھميشه ماڻھن جي ئي ھوندي آھي. آئون سمجھان ٿو ته فلم “ايمان ڌرم” ۾ مون بھترين اداڪاري ڪئي ھئي. جڏھن ڊاڪٽر کي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ چوان ٿو، ھي سين ڪرڻ لاءِ مون پنھنجي پاڻ تي جنون طاري ڪيو ھو. اھو سين ڪرڻ کانپوءِ مون سوچيو ھو ته ڇا ته شاندار ڪم ڪيو اٿم، پر ستم ظريفي اھا ايترا سال گذرڻ باوجود، ڪنھن به اڄ ڏينهن تائين ان سين بابت ذڪر نه ڪيو آھي. ان مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته اداڪار پنھنجي ڪم بابت جج نٿو ڪري سگھي. آئون پنھنجي پاڻ کي وڏو اداڪار نٿو سمجھان، منھنجي ان راءِ تي ڪافي دوست چون ٿا ته اھو آئون انڪساري مان چوان ٿو. ماڻھو جيڪڏهن مون کي وڏو اداڪار سمجھن ٿا ته اھا سندن مھرباني آھي. آئون ته ھر وقت پنھنجي پاڻ کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھيان. ھڪ وقت اھڙو به ھو جڏھن آئون پنھنجي سنھڙين ۽ ڊگھين ٽنگن ۽ ٻانھن جي ڪري پريشان رھندو ھئس، شروع ۾ آئون مڪالما صحيح ادا ڪري نه سگھندو ھئس. مون ڪڏھن باقاعده ورزش نه ڪئي آھي، ھڪ اداڪار جي حيثيت ۾ منھنجو جسم منھنجي سڃاڻپ آھي ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ مون تي فرض آھي. منھنجا ھن وقت تائين ڪيترائي ايڪسيڊنٽ ٿيا آهن، ان ڪري مون کي ورزش ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. آئون کائڻ پيئڻ ۾ به گھڻو احتياط ڪندو آھيان، پاڻي جي معاملي ۾ ته آئون ھيڪاري گھڻو احتياط ڪندو آھيان، شوٽنگ تي مان پنھنجو پاڻي الڳ سان کڻي ويندو آھيان. فلمي نقاد چون ٿا ته ڪاوڙيل ماڻھو وارا ڪردار بھترين ڪندو آھيان، آئون سمجھان ٿو اھا صفت مون کي پنھنجي والدين کان ملي آھي. بابا ھڪ باغي ھو، ھن پنھنجي تحريرن ۾ قاعدن ۽ قانونن تي به لکيو آهي، ان ڪري بابا تي تنقيد به ڪئي وئي آهي. منھنجو نانو 1920ع کان پھرين انگلينڊ مان بيريسٽري جي تعليم حاصل ڪئي ھئي، ڪاوڙ مون کي ورثي ۾ ملي آھي ۽ جدوجهد ۾ يقين رکان ٿو. منھنجي والد صاحب شروعات ۾ مون کي ٽي نصيحتون ڪيون ھيون، پھرين ھي ته هميشه پنھنجو قول پاڙڻ گھرجي، ٻي ھي ته، شريف ماڻھو ڪڏھن به ڪنھن جي ڄاڻي واڻي بيعزتي نه ڪندو ۽ ٽئين نصيحت ھي ھئي ته ڪڏھن به ڪنھن سان وڙھڻ نه گھرجي، پر جيڪڏھن ڪنھن سان جھيڙو ٿي پوي ته ان ۾ لازمي طور تي سوڀارو ٿجي. مون پنھنجي سڄي زندگي ھنن نصيحتن تي عمل ڪيو آھي. چيو وڃي ٿو ته ذھين ماڻھو سٺا اداڪار ٿي سگھن ٿا، پر آئون سمجھان ٿو ته سٺو مشاھدو ماڻڻ وارو ماڻھو به سٺو اداڪار ٿي سگھي ٿو. اداڪار تمام گھڻا حساس ھوندا آھن، بلڪه فلمي لائين جو ھر ماڻھو حساس ھوندو آھي، ڇو ته اھي جذباتي صورتحال مان گذرندا رھندا آھن، ان ڪري اھي ڪيفيتون سندن ذھنن تي اثرانداز ٿينديون آھن. منھنجي زندگي ۾ اھڙو وقت به آيو، جڏھن فلمي نقادن منھنجي ڪارڪردگي کي ٻن مرحلن ۾ ورھايو، انھن ھڪ مرحلي جو آغاز فلم “سات ھندستاني” کان ڪيو ۽ پڄاڻي “آخري راستي” تي. ٻيو مرحلو “شھنشاهه” کان “مين آزاد هون” تائين آھي. ھو چوندا ھئا ته پھرين مرحلو ڪاميابي وارو آھي ۽ ٻيو ناڪامي وارو آھي. اصل ڳالھه اھا آھي ته حقيقت کي مڃڻ گھرجي، ھر عروج کي زوال اچڻو آهي. منھنجن ڪاميابين ۽ ناڪامين جو ذميوار آئون پاڻ آھيان. آئون سمجھان ٿو ته انسان کي ھر وقت پنھنجي زندگي جو جائزو وٺڻ گھرجي، خصوصن پنجاھ سالن کانپوءِ، ھي زندگي جو اھم مرحلو ھوندو آھي. ماڻھو منھنجي ڪنھن به فلم جي ڪاميابي يا ناڪامي مان خوش يا مايوس ان ڪري ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اھي مون ۾ وڏيون اميدون رکندا آهن. 1970ع جي شروعات ۾ فلم “سات ھندستاني” ۾ بھترين اداڪاري ڪرڻ تي مون کي نيشنل ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو منھنجي لاءِ وڏو اعزاز ھو، پر سچي ڳالهه اها آهي ته ايوارڊ منھنجي لاءِ ڪابه معنيٰ نٿا رکن ۽ آئون ڪڏھن به ايوارڊن جي پويان نه ويو آھيان. مون کي مڃتا طور جيڪي به ايوارڊ مليا، مون خوشي سان قبول ڪيا ۽ نه مليا ان تي ارھو به نه ٿيس. ڪيترن ئي وڏن ۽ عظيم اداڪارن کي به ايوارڊ نه ڏنا ويا. دليپ ڪمار، راج ڪپور ۽ موتي لال جھڙن وڏن اداڪارن کي به نيشنل ايوارڊ نه ڏنو ويو. ھتي ھڪڙي ڳالھه ضرور ڪندس ته ماڻھن جي ڏنل راءِ ۽ پسند کي بھترين ايوارڊ سمجھان ٿو. نوان اداڪار خوشقسمت آھن، ان ڪري جو کين بھترين سهولتون ميسر آهن. ان جي ابتڙ اسان عوام جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وڏي محنت ڪندا ھئاسين ۽ ھڪ حوالي سان اسان به وڌيڪ خوش قسمت ھئاسين جو پنھنجين غلطين سڌارڻ لاءِ گھڻو وقت ملي ويندو ھو ۽ نون اداڪارن کي اھڙو موقعو ناھي ملندو، ھڪ ئي غلطي تي کين فلمي دنيا مان ٻاھر ڪيو ويندو آهي. اسان ته ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون، پر اسان جا پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر درگذر ڪرڻ وارا ھئا. بھرحال اڄ جو دور بدلجي ويو آهي.