بلاگنئون

ناول قسط ٽئين: اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا

اداڪاري: جڏھن آئون 1970ع جي ڏھاڪي جي شروع ۾ ڪنھن ڪردار لاءِ بي آر چوپڙا سان ملڻ لاءِ سندس آفيس ويس ته خبر پئي ھو موھن سھيگل جي گھر ويو ھو. آئون اتان مايوس ٿي موھن سھيگل جي گھر آيس ته چوڪيدار مون کي گيٽ تي ئي روڪي ڇڏيو ۽ ٻاھر بيٺي بي آر چوپڙا جو انتظار ڪرڻ لڳس. انتظار ڪندي ھڪ ڪلاڪ ٿي ويو. پنجن سالن کانپوءِ بي آر چوپڙا جي فلم “ضمير” ۾ مون کي ھيرو جو ڪردار ڏنو ويو. مون فلم انڊسٽري ۾ طويل جدوجهد ڪئي آهي. شروعات ۾ پروڊيوسرن جو خيال هو ته مون کي فقط سنجيده ڪردار ڪرڻ گھرجن. انھن مان ڪجھه جو خيال هو ته مون کي ‘ڌوتي وارو ڪردار’  نه ڪرڻ گھرجي. محمود مون کي فلم “بمبئي ٽو گووا” ۾ رومانٽڪ ڪردار طور کنيو. پر فلم ڏسندڙن مون کي انھيءَ روپ ۾ گھڻو پسند نه ڪيو. پرڪاش مھرا جي فلم “زنجير” ۾ مون کي گھڻو پسند ڪيو ويو ۽ پوءِ سليم جاويد (ليکڪن جي جوڙي) مون کي يش چوپڙا سان متعارف ڪرايو. يش چوپڙا مون کي پنھنجي فلم “ديوار” ۾ ڪم ڏنو. اداڪاري ڪرڻ وقت آئون ننڍپڻ کان ئي پنھنجي پاڻ تي ڀاڙيندو آھيان، ھاڻي جڏھن پوڙھو ٿي ويو آھيان، تڏھن به چوندو آھيان ته منھنجي عادت منھنجي وڏي وصف آھي. جڏھن ڪو غلط مڪالمو ٻڌندو آھيان ته وڏي تڪليف ٿيندي آهي، اداڪاري به موسيقي وانگر ھجڻ گھرجي. مون کي جڏھن به ڪنھن فلم ۾ ڪم ملندو آهي ته آئون سڀ کان پھرين فلم جي ڪھاڻي، منھنجي ڪردار ۽ فلم ٺاھيندڙ ڪمپني متعلق ضروري معلومات وٺندو آھيان، فلم سٺي ھوندي آھي ته ڪم ڪرڻ جي حامي ڀريندو آھيان ٻي صورت ۾ جواب ڏيئي ڇڏيندو آھيان. آئون ڪنھن به فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ان صورت ۾ ڪندو آھيان، جڏھن مون وٽ اڳ ۾ ئي گھڻو ڪم ھجي يا مون کي پنھنجو ڪردار پسند نه اچي. ھندستاني فلم ۾ ڪم ڪرڻ ھڪ الڳ ئي معاملو ھوندو آھي، ھڪ ته پنھنجي ڪردار تي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ناھي ڏنو ويندو، ٻيو اسڪرين پلي مڪمل ناھي ھوندو ۽ اسڪرپٽ به مڪمل ناھي ڏنو ويندو. سليم جاويد جو اسڪرپٽ مڪمل ھوندو ھو، جڏھن مون کي اسڪرپٽ ڏنو ويندو آهي ته آئون سڀ کان پھرين پورو پڙھي ۽ پوءِ نوٽس وٺندو آھيان. اسڪرپٽ پڙھڻ کانپوءِ جيڪي ڳالھيون ذھن ۾ اينديون آهن، اھي نوٽ ڪندو ويندو آھيان، ان کانسواءِ جن ڳالھين تي متفق يا مطمئن نه  ھوندو آھيان، اھي پڻ نوٽ ڪري ڊائريڪٽر سان ڳالھائيندو آھيان. ايئن به ٿيندو آهي ته جيڪو ڪردار مون کي ڏنو ويندو آهي، انھيءَ متعلق ڊائريڪٽر مون کي ھدايتون ڏيندو آهي. ھري شڪيش مکرجي پنھنجي ھر فلم ۾ مون کي شروع کان آخر تائين ھدايتون ڏيندو آهي، پر ھن ڪڏھن به پنھنجي مرضي مون تي نه مڙھي آھي. پرڪاش مھرا، سليم جاويد ۽ من موھن ڊيسائي به ايئن ئي آھن، مون کانئن ڪڏھن سوال جواب نه ڪيا آھن. ھو مون کي ھڪ شخص ۽ اداڪار طور چڱي طرح سڄاڻن ٿا. سليم جاويد جڏهن به مون کي ڪنھن ڪردار لاءِ فون ڪندو ھو ته آئون کانئس ڪھاڻي بابت پڇندو ھئس. اھو صرف تجسس خاطر پڇندو ھئس، ايئن ناھي ته ڪو آئون پنھنجي ڪردار متعلق ٻڌڻ کانپوءِ حامي ڀريندو ھئس. توھان حيران ٿيندئو ته ڪنهن شخص پنهنجو ٽيھن سالن جو ڪامياب ڪيريئر ٻين جي فيصلن تحت گذاريو آهي. مون پنھنجي ڪردار ۾ ھميشه ديانتداري ڪئي آهي، سيٽ تي ڪردار ادا ڪرڻ وقت منھنجي ڪا رٿابندي نه ھوندي آھي، جيئن چيو ويندو آهي تيئن ڪندو آھيان. مان ڪڏھن  پنھنجي مطالعي تي يا ڪنھن ٻي ڪنھن شيءِ تي نه ڀاڙيو آھي، منھنجي ذاتي راءِ مطابق ھڪ اداڪار کي مطالعو ضرور ڪرڻ گھرجي. ڪنھن ڪردار ادا ڪرڻ کان پھرين منھنجي راتين جي ننڊ ڦٽي ويندي آهي، مون کي ھميشه اھو ڊپ رھندو آھي ته ڏنل ڪردار صحيح طريقي سان پرفارم ڪري سگھندس الائي نه، ڪنھن جھيڙي يا جذباتي سين ۾ سٺو نڀائي سگھندس يا نه. اڄ به تمام گھڻو تجربو ھجڻ باوجود پنھنجي ڪردار متعلق پريشان ھوندو آھيان. منھنجي دوستن ۽ صحافين مون کي ٻڌايو آھي ته، منھنجا ساٿي اداڪار مون کي تڪميل پسند يا ڪامليت پسند سڏيندا آهن. منھنجو خيال آھي ته ڪنھن سين جو فيصلو اداڪار تي ڇڏڻ گھرجي، ان کي ئي خبر پوندي آهي ته سين بھتر ٿيو يا نه. ڪيترائي ڊائريڪٽر اھڙا آھن، جيڪي اداڪارن کي ري ٽيڪس جي آزادي نٿا ڏين. من موھن ڊيسائي پڻ ايئن ئي ڪندو ھو. منھنجي لاءِ ھر سين مشڪل ھوندو آھي، آئون اڄ به پنھنجي حلئي متعلق فڪرمند ھوندو آھيان، وار صحيح آھن يا نه، ڪپڙا ڪيئن آھن. سين رڪارڊ ٿيڻ کانپوءِ به انھيءَ فڪر ۾ ھوندو آھيان، الائي صحيح ٿيو يا نه! اھڙا ڪيترائي واقعا آھن، جن ۾ آئون پنھنجي ڪارڪردگي مان مطمئن نه ٿيو آھيان، پر ڏسندڙن منھنجي ڪم کي ھميشه پسند ڪيو آهي. فلم “آنند” ۾ راجيش کنا جي موت جو سين انھيءَ ڳالھه جو مثال آھي، منھنجي اصرار تي ھريشي مون کي اھو سين ڏنو، مون اھو سين پنھنجي پوري ڪوشش سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون ان سين بابت ادا محمود سان به صلاح ڪئي، ادا محمود جو به سين متعلق خيال ھو ته اھو فلم جو سڀ کان وڌيڪ ڊرامائي سين آھي. سندس اھڙي راءِ تي منھنجي بيچيني وڌي وئي، ايستائين جو شوٽنگ وارو ڏينهن به اچي ويو. ان ڏينهن آئون جھڙوڪر چريو ٿي چڪو ھئس، ان ڏينهن نه ماني کاڌم ۽ نه ئي آرام ڪيم. صبح سوير سيٽ تي پھچي ويس. شاٽ فلمبند ڪرائڻ لاءِ ڏاڍو بيچين ھئس، پر قسمت ڏسو شاٽ وري رات جو دير سان فلمايو ويو. ان ڏينهن آئون تمام گھڻو ٿڪي چڪو ھئس، بک به ڏاڍي لڳي ھئي، پر آئون  پنھنجي تياري ۾ مصروف رھيس. اوچتو مون کي سڏيو ويو ۽ سين فلمبند ڪرڻ جي تياري شروع ٿي، ايڪشن… مون جيتري به تياري ڪئي، ان مطابق اداڪاري ڪرڻ شروع ڪيم. آئون سوچي رھيو ھئس ته، ڇا ته شاندار شاٽ آھي، پر ھريشي جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيو ۽ چيائين، مون کي اداڪاري جي فن جي ماھرن جي ضرورت ناھي، آئون چاھيان ٿو ته تون پنھنجون لائينون فطري انداز سان ڳالھائي. ان ڪري ٻيھر شاٽ ورتو ويو، ھن دفعي مون سندس ٻڌايل انداز مطابق مڪالما ادا ڪيا ۽ اھي ئي فائنل ڪيا ويا.  ڪنھن به تخليقي اداڪار جي ڪارڪردگي جي باري ۾ آخري راءِ ھميشه ماڻھن جي ئي ھوندي آھي. آئون سمجھان ٿو ته فلم “ايمان ڌرم” ۾ مون بھترين اداڪاري ڪئي ھئي. جڏھن ڊاڪٽر کي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ چوان ٿو، ھي سين ڪرڻ لاءِ مون پنھنجي پاڻ تي جنون طاري ڪيو ھو. اھو سين ڪرڻ کانپوءِ مون سوچيو ھو ته ڇا ته شاندار ڪم ڪيو اٿم، پر ستم ظريفي اھا ايترا سال گذرڻ باوجود، ڪنھن به اڄ ڏينهن تائين ان سين بابت ذڪر نه ڪيو آھي. ان مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته اداڪار پنھنجي ڪم بابت جج نٿو ڪري سگھي. آئون پنھنجي پاڻ کي وڏو اداڪار نٿو سمجھان، منھنجي ان راءِ تي ڪافي دوست چون ٿا ته اھو آئون انڪساري مان چوان ٿو. ماڻھو جيڪڏهن مون کي وڏو اداڪار سمجھن ٿا ته اھا سندن مھرباني آھي. آئون ته ھر وقت پنھنجي پاڻ کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھيان. ھڪ وقت اھڙو به ھو جڏھن آئون پنھنجي سنھڙين ۽ ڊگھين ٽنگن ۽ ٻانھن جي ڪري پريشان رھندو ھئس، شروع ۾ آئون مڪالما صحيح ادا ڪري نه سگھندو ھئس. مون ڪڏھن باقاعده ورزش نه ڪئي آھي، ھڪ اداڪار جي حيثيت ۾ منھنجو جسم منھنجي سڃاڻپ آھي ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ مون تي فرض آھي. منھنجا ھن وقت تائين ڪيترائي ايڪسيڊنٽ ٿيا آهن، ان ڪري مون کي ورزش ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. آئون کائڻ پيئڻ ۾ به گھڻو احتياط ڪندو آھيان، پاڻي جي معاملي ۾ ته آئون ھيڪاري گھڻو احتياط ڪندو آھيان، شوٽنگ تي مان پنھنجو پاڻي الڳ سان کڻي ويندو آھيان. فلمي نقاد چون ٿا ته ڪاوڙيل ماڻھو وارا ڪردار بھترين ڪندو آھيان، آئون سمجھان ٿو اھا صفت مون کي پنھنجي والدين کان ملي آھي. بابا ھڪ باغي ھو، ھن پنھنجي تحريرن ۾ قاعدن ۽ قانونن تي به لکيو آهي، ان ڪري بابا تي تنقيد به ڪئي وئي آهي. منھنجو نانو 1920ع کان پھرين انگلينڊ مان بيريسٽري جي تعليم حاصل ڪئي ھئي، ڪاوڙ مون کي ورثي ۾ ملي آھي ۽ جدوجهد ۾ يقين رکان ٿو. منھنجي والد صاحب شروعات ۾ مون کي ٽي نصيحتون ڪيون ھيون، پھرين ھي ته هميشه پنھنجو قول پاڙڻ گھرجي، ٻي ھي ته، شريف ماڻھو ڪڏھن به ڪنھن جي ڄاڻي واڻي بيعزتي نه ڪندو ۽ ٽئين نصيحت ھي ھئي ته ڪڏھن به ڪنھن سان وڙھڻ نه گھرجي، پر جيڪڏھن ڪنھن سان جھيڙو ٿي پوي ته ان ۾ لازمي طور تي سوڀارو ٿجي. مون پنھنجي سڄي زندگي ھنن نصيحتن تي عمل ڪيو آھي. چيو وڃي ٿو ته ذھين ماڻھو سٺا اداڪار ٿي سگھن ٿا، پر آئون سمجھان ٿو ته سٺو مشاھدو ماڻڻ وارو ماڻھو به سٺو اداڪار ٿي سگھي ٿو. اداڪار تمام گھڻا حساس ھوندا آھن، بلڪه فلمي لائين جو ھر ماڻھو حساس ھوندو آھي، ڇو ته اھي جذباتي صورتحال مان گذرندا رھندا آھن، ان ڪري اھي ڪيفيتون سندن ذھنن تي اثرانداز ٿينديون آھن. منھنجي زندگي ۾ اھڙو وقت به آيو، جڏھن فلمي نقادن منھنجي ڪارڪردگي کي ٻن مرحلن ۾ ورھايو، انھن ھڪ مرحلي جو آغاز فلم “سات ھندستاني” کان ڪيو ۽ پڄاڻي “آخري راستي” تي. ٻيو مرحلو “شھنشاهه” کان “مين آزاد هون” تائين آھي. ھو چوندا ھئا ته پھرين مرحلو ڪاميابي وارو آھي ۽ ٻيو ناڪامي وارو آھي. اصل ڳالھه اھا آھي ته حقيقت کي مڃڻ گھرجي، ھر عروج کي زوال اچڻو آهي. منھنجن ڪاميابين ۽ ناڪامين جو ذميوار آئون پاڻ آھيان. آئون سمجھان ٿو ته انسان کي ھر وقت پنھنجي زندگي جو جائزو وٺڻ گھرجي، خصوصن پنجاھ سالن کانپوءِ، ھي زندگي جو اھم مرحلو ھوندو آھي. ماڻھو منھنجي ڪنھن به فلم جي ڪاميابي يا ناڪامي مان خوش يا مايوس ان ڪري ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اھي مون ۾ وڏيون اميدون رکندا آهن. 1970ع جي شروعات ۾ فلم “سات ھندستاني” ۾ بھترين اداڪاري ڪرڻ تي مون کي نيشنل ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو منھنجي لاءِ وڏو اعزاز ھو، پر سچي ڳالهه اها آهي ته ايوارڊ منھنجي لاءِ ڪابه معنيٰ نٿا رکن ۽ آئون ڪڏھن به ايوارڊن جي پويان نه ويو آھيان. مون کي مڃتا طور جيڪي به ايوارڊ مليا، مون خوشي سان قبول ڪيا ۽ نه مليا ان تي ارھو به نه ٿيس. ڪيترن ئي وڏن ۽ عظيم اداڪارن کي به ايوارڊ نه ڏنا ويا. دليپ ڪمار، راج ڪپور ۽ موتي لال جھڙن وڏن اداڪارن کي به نيشنل ايوارڊ نه ڏنو ويو. ھتي ھڪڙي ڳالھه ضرور ڪندس ته ماڻھن جي ڏنل راءِ ۽ پسند کي بھترين ايوارڊ سمجھان ٿو. نوان اداڪار خوشقسمت آھن، ان ڪري جو کين بھترين سهولتون ميسر آهن. ان جي ابتڙ اسان عوام جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وڏي محنت ڪندا ھئاسين ۽ ھڪ حوالي سان اسان به  وڌيڪ خوش قسمت ھئاسين جو پنھنجين غلطين سڌارڻ لاءِ گھڻو وقت ملي ويندو ھو ۽ نون اداڪارن کي اھڙو موقعو ناھي ملندو، ھڪ ئي غلطي تي کين فلمي دنيا مان ٻاھر ڪيو ويندو آهي. اسان ته ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون، پر اسان جا پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر درگذر ڪرڻ وارا ھئا. بھرحال اڄ جو دور بدلجي ويو آهي.

6- موت جي منهن مان واپسي:

1982ع وارو سال منھنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھو، ھڪ حادثي مونکي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو ھو. منھنجي گھر وارا اڄ به ان واقعي کي ياد ڪن ٿا. منھنجي دوستن جو خيال آهي ته ان حادثي کانپوءِ منھنجي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو. ان حادثي کانپوءِ سياست ۾ آيس ته مون تي مختلف الزام ھنيا ويا، پارٽي جي ماڻهن به مون تي تنقيد ڪئي. سياست جي حوالي سان مونکي اھو تجربو ٿيو ته، انصاف ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي به ٿوري آھي. سياست جو ذڪر ھتي اجايو اچي ويو، آئون ھونئن به سياست جي موضوع تي ڳالھائڻ نٿو چاھيان. 1982ع وارو حادثو فلم “قلي” جي سيٽ تي پيش آيو، ھن حادثي کانپوءِ آئون ڪافي عرصو اسپتال ۾ علاج هيٺ رھيس، ان دوران منھنجي بچڻ جا تمام گھٽ چانس ھئا ۽ آئون گھڻو وقت بيھوش ھوندو ھئس. ان حوالي سان جيا گھڻو ڪجھه ٻڌائي سگھي ٿي، منھنجي خاندان لاءِ اھو ڏاڍو ڏکيو وقت ھو. جڏھن آئون اسپتال مان گھر آيس ته سڄو واقعو منھنجي اکين اڳيان اچي ويو. ھي واقعو جھيڙي واري سين فلم بند دوران پيش آيو. جھيڙي وارا سين منھنجي لاءِ آسان ھوندا ھئا، ڇو ته اھڙي قسم جا سين اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو ھئس. ھن واقعي کان ڪجھه ڏينھن پھرين خطرناڪ سين فلمبند ڪرائي چڪو ھئس. اھو سين ھلندڙ ريل تي ڊوڙڻ کانسواءِ 40 فوٽن جي اوچائي تان ريل جي ڇت تي ٽپ ڏيڻ وارو ھو، پر حادثي جي متعلق اھوئي چئي سگھان ٿو ته لکيو منجھه نراڙ قلم ڪياڙي نه وھي. حادثي کانپوءِ ماڻھن منھنجي لاءِ تمام گھڻيون دعائون ڪيون. شروع ۾ آئون اخبار وسيلي ماڻھن سان ڳنڍيل رھيس، پر پوءِ اسپتال انتظاميا سوچو ته اھو عمل منھنجي لاءِ نقصانڪار ٿي سگھي ٿو ۽ پوءِ منھنجي اخبار پڙھڻ تي پابندي لڳائي وئي. گھڻن ڳالھين جي خبر مون کي ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ پئي. مونکي ٻڌايو ويو ته ماڻھن منھنجي لاءِ مندرن، مسجدن ۽ گرجا گهرن ۾ دعائون گهريون. منھنجا مداح منھنجي لاءِ تعويذ موڪليندا رھندا ھئا، ڪنھن عيسائي مداح “آور ليڊي آف لارڊز” مان مقدس پاڻي جي بوتل موڪلي ھئي. حادثي کانپوءِ مون سان ڇا ٿيو، مونکي ڪا به خبر ناھي. بعد ۾ منھنجي حالت بابت ٻڌايو ويو ته 2 آگسٽ 1982ع تي مونکي مئل قرار ڏنو ويو، ٻئي ڀيري منھنجي سالگره واري ڏينھن تي پڻ مونکي مئل قرار ڏنو ويو. ڊاڪٽرن منھنجو بچڻ  ھڪ وڏو معجزو قرار ڏنو ھو. حادثي کان پھرين مون ڪيتري ئي عرصي تائين پنھنجي گھر وارن کي نه ڏٺو هو. شوٽنگ دوران ھڪ ويڪ اينڊ تي مون پنھنجي زال ۽ ٻارن کي بينگلور گھرايو، جتي شوٽنگ ٿي رھي ھئي، اسان جمعو ۽ ڇنڇر گڏ ھئاسين ۽ پوءِ حادثو پيش آيو. اسپتال جي آئي سي يو ۾ منھنجي ٻارن کي اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ڊاڪٽرن جو خيال هو ته ٻار مونکي ٽيوبن ۽ سوين ۾ گھيريل ڏسندا ته ڊڄي ويندا. منھنجا ٻار جڏھن مون سان ملڻ آيا، مون کين مذاق ڪندي چيو، آئون بوتلن مان شربت پئي رھيو آھيان، خبر ناهي انھن کي منھنجي ڳالھه تي يقين آيو يا نه، پر منھنجا ٻار بھادر آھن، ھو مونکي ڏسي ڊنا نه ھئا. آئون ذاتي طور تي پنھنجي مداحن ۽ گھڻگھرن جو شڪر گذار آهيان، جن منھنجي صحتيابي لاءِ تمام گھڻيون دعائون ڪيون، عبادتون ڪيون ۽ روزا رکيا، آئون انھن جا ٿورا نٿو لاھي سگھان. ھن حادثي مان مون ٻه شيون سکيون، پھرين اھو ته مونکي پنھنجي پالڻھار تي يقين ٿي ويو، اسان جو گھراڻو مذھبي آھي، اسان جا پنھنجا مندر آھن، آئون پھرين ئي مذھبي ھئس، پر حادثي کانپوءِ وڌيڪ مذھبي ٿي ويس. ٻي ڳالهه ته ميڊيڪل لاءِ منھنجي دل ۾ بي انتھا احترام پيدا ٿيو آھي. حادثي کانپوءِ منھنجي گھر وارن منھنجو تمام گهڻو خيال رکيو. ھن حادثي کانپوءِ 50 سيڪڙو منھنجي صحت ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته منھنجي جسم جو نظام ھڪ بيماري جو شڪار ٿي ويو آهي، ان ڪري مونکي مسلسل دوائون کائڻيون پوندون آھن.

7- بوفورس اسڪينڊل:

سياست ۾ اچڻ جو صلو مونکي بورفوس اسڪينڊل جي صورت ۾ ڏنو ويو، ان حوالي سان اخبارن ۾ منھنجي ڪردار ڪشي ڪئي وئي. منھنجي والدين جيڪڏھن منھنجي تربيت نه ڪن ھا ته آئون ھن مصيبت مان نه نڪري سگھان ھا. مون ۽ منھنجي ڀاءُ پنھنجي بقا جي جنگ گڏجي وڙھي آھي، اسان اھو پڪو پھه ڪيو ته جنگ ايئن وڙھنداسين جيئن اسڪول جي زماني ۾ باڪسنگ جي مئچن ۾ وڙھندا ھئاسين. اسان ترتيب يافته ايٿليٽ آھيون، اسان کي خبر آهي ته جڏهن باڪسنگ رنگ ۾ ھوندا آھيون ته ٻاھر لکين ماڻھو تاڙيون وڄائي رھيا ھوندا آھن، پر مقابلو اسان کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. اسان اھو پڪو ارادو ڪيو ته ھي جنگ ھمت ۽ حوصلي سان وڙھنداسين. بورفوس وارو معاملو اسان لاءِ انتھائي ڳنڀير ھو، مونکي رات جو ننڊ به نه ايندي هئي. جڏھن به حالتون اسان جي خلاف ٿينديون آهن ته آئون ۽ منھنجو ڀاءُ گڏجي ويھي حڪمت عملي ٺاھيندا آھيون. اسان ڪڏھن به ٻئي کان مدد نه وٺندا آھيون، اسان کي يقين ھوندو آھي ته متحد ٿي وڙھنداسين ته يقينن کٽينداسين ۽ ٻيو ته اسان سان پنھنجن وڏڙن جون دعائون به گڏ ھونديون آھن. اسان جو خاندان ھر ڏکي گھڙي ۾ متحد ھوندو آھي، منھنجي ڀاءُ جا چار ۽ منھنجا ٻه ٻار گڏجي ويھي صلاح مصلحت ڪندا آھيون. اسان کي خبر ھئي ته اسان بي ڏوھي آھيون، انڊيا ايبورڊ جي ڪري اسان جي ساک متاثر ٿي، ھن اخبار ۾ اسان جي خلاف ھڪ مضمون ڇاپيو ۽ ان کانپوءِ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۾ ساڳيو مضمون ڇاپيو ويو. منھنجي دوستن به ھن ڏکي گھڙي ۾ منھنجو ساٿ ڏنو. ڪيس جي فيصلو منھنجي حق ۾ آيو، پر فيصلي اچڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ منھنجي ننڍپڻ جي دوست راجيو گانڌي کي قتل ڪيو ويو، جيڪڏهن ھو زنده ھجي ھا منھنجي ڪاميابي تي ڏاڍو خوش ٿئي ھا. ايئن الائي ڇو آھي، اسان ماڻھو جي اھميت جو اندازو سندس وڃڻ کان پوءِ ڪندا آھيون. جڏھن ماڻھو راجيو گانڌي جي تعريف ڪندا آهن ته مون کي الائي ڇو اھڙي منافقت تي چڙ ايندي آھي، حالانڪه جڏھن راجيو زنده ھو تڏھن ان تي تنقيد ڪئي ويندي ھئي. جڏھن مان سياست ۾ ھئس ته مون تي سخت تنقيد ڪئي ويندي ھئي، ماڻھن چيو ته، مون پنھنجي تڪ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا آهن، حالانڪه مون وٽ مڪمل فهرست موجود آهي، جن ۾ ترقياتي ڪمن جا تفصيل موجود آهن.

8- اسٽيج شوز:

اسٽيج شوز جي ميزباني ڪرڻ ھڪ اتفاق ھو، مون فلم لاوارث لاءِ ھڪ گيت رڪارڊ ڪرايو ھو. ڪليان جي آنند اصرار ڪيو ته لتا منگيشڪر جي شو ۾ اھو گيت اسٽيج تي ڳايان. اھو گيت مشھور ٿيو ۽ منتظمين پاران مون تي دٻاءُ وڌو ويو ته ڌار ھڪ اسٽيج شو منعقد ڪيان. شرميلي طبيعت جي ڪري پھرين ته انڪار ڪيم، پر پوءِ جڏھن گھڻيون منٿون ڪيون ويون ته راضي ٿيس. منھنجي ڀاءُ اجيٿاب ميڊونا ۽ مائيڪل جيڪسن جي اسٽيج شوز جي طرز تي منھنجي لاءِ عظيم الشان اسٽيج شوز منعقد ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ ايئن آئون پھريون ايشيائي بڻيس، جنھن ميڊيسن اسڪوائر گارڊن ۾ شو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا جي آزادي جي خوشي ۾ نڪرندڙ عوام کانپوءِ منھنجي شو ۾ گھڻا ماڻھو آيا ھئا، ھن شو ۾ 40 ھزار کان وڌيڪ ڏکڻ آفريڪا جي ماڻھن شرڪت ڪئي ھئي، ماڻھن مونکي چيو، 15 سالن کان توھان جا منتظر ھئاسين. جمھوريت، برابري ۽ آزادي جي علمبردار نيلسن منڊيلا جي ملڪ ۾ شو ڪرڻ منھنجي لاءِ ھڪ يادگار آھي. 30 ڊسمبر 1990ع ۾ مون پنھنجي زال جيا، پٽ اڀيشيڪ ۽ ڌيءَ شويتا سان گڏ رات جو ھڪ لڳي ٻاويھه منٽن تي برٽش ايئرويز جي فلائيٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا روانا ٿياسين. نئين سال جي شروعات سفر کان ڪئيسين، پهرين جنوري 1991ع تي شام پوڻين پنجين وڳي اسان جوهانسبرگ روانا ٿياسين، جھاز جو سفر 17 ڪلاڪن جو ھو. جيا ۽ ٻار سمھي پيا ھئا، پر آئون جاڳي رھيو ھئس، مون ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسٽيج شو ڪيا ھئا، پر ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ ھي منھنجو پھريون تجربو ھجي. 2 جنوري 1991ع تي يارھين وڳي ايئرپورٽ تي منتظمين طرفان اسان کي خوش آمديد چيو ويو. ھتان کان اسان کي ڊربن وڃڻو ھو. ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسان ڊربن پھتاسين، اسان ڏاڍو ٿڪي چڪا ھئاسين، ايئرپورٽ تي ھزارين ماڻھو پھچي چڪا ھئا، جڏھن اسان ڪار ۾ ويھي ھوٽل مھاراڻي روانا ٿياسين ته ڪيترائي ماڻھو اسان جي ڪار جي چوڌاري ڦري ويا ھئا، ڪي تي بانٽ تي ويھي رھيا ھئا ۽ ڪي ڪار جي پاسن وارن شيشن کان چھٽا پيا ھئا. اھو مختصر سفر اسان ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو ھو. ھوٽل جي ٻاھران به ھزارين ماڻھو بيٺل ھئا، منتظمين طرفان مونکي ماڻھن ڏي وڃي ديدار ڪرائڻ لاءِ چيو ويو. آئون ھوٽل جي بالڪوني ۾ پھتس ۽ پنھنجي مداحن کي ھٿ لوڏي سلام ڪيم، ماڻھن مون کي ھٿن تي چميون ڏئي موڪليون، ماڻھن جي ھٿن ۾ ڪارڊ ھئا، جن تيI love you   لکيل ھو. ڪجھه وقت آرام کانپوءِ پريس ڪانفرنس، ٽي وي انٽرويو ۽ ڪاسٽيوم جو جائزو ۽ پيپر ورڪ جي ڪمن ۾ وقت گذريو. شو جا ٻيا آرٽسٽ ۽ موسيقار شام جو ڊربن پھتا، رات جو اسان جي اعزاز ۾ پروگرام ڪيو ويو. 3 جنوري 1991ع تي پروگرام لاءِ ريھرسل ڪئيسين. انتظاميه 15000 ماڻھن جي اندازي مطابق انتظام ڪيا ھئا، مونکي ٻڌايو ويو ته سڀ روڊ رستا بند آھن ۽ چاليھه هزار کان وڌيڪ ماڻھو پھچي چڪا آهن. ان ڪري شو ۾ ڪار ۾ وڃڻ وارو ارادو ملتوي ڪري ھيليڪاپٽر ڀاڙي تي ڪيو ويو. اسان جو ھيليڪاپٽر ھوٽل جي ڇت تي لٿو ۽ ھوٽل جي ھيٺ ھزارين ماڻھو گڏ ٿيا هئا. نوجوان ڇوڪريون، ڇوڪرا، پوڙھا پڪا سڀئي منھنجي تصويرن واريون شرٽون پائي آيا ھئا. رات جو مونکي پوڙھن ۽ معذرون جي فلاحي مرڪز The Aryan Benevolent Home جو دورو ڪرڻو هو، ھڪ شو جي آمدني ھن اداري کي عطيو پڻ ڏيڻو ھو. جڏھن آئون ھن اداري ۾ داخل ٿيس ته ڪيترائي پيرسن مرد توڙي پنھنجي ڪمرن مان نڪري آيا، انھن مان گھڻا ويل چيئر تي ھئا. اھي معزور ۽ پوڙھا مون سان ڀاڪر پائي مليا. جڏھن اتان موٽڻ لڳس ته ھڪ نوي سالن جي پيرسن عورت مون کي ھٿ مان جھلي چيو، ھي منھنجو پٽ آھي ۽ ڏھن سالن کان پوءِ مون سان ملڻ آيو آھي، ھن کي جلدي ڪانه ڇڏينديس. 4 جنوري 1991ع واري ڏينھن جي شروعات ھوٽل جي بالڪوني مان ديدار ڪرائڻ کان ٿي، مون کي پنھنجي مداحن کي سلام ڪرڻ لاءِ پنج دفعا بالڪوني ۾ وڃڻو پيو، ھر دفعي پنج منٽ بالڪوني ۾ بيٺو رھيس. 11 کان 2 وڳي تائين ريھرسل ھئي، ريھرسل ۾ شو جي سڀني ٽيڪنيڪل معاملن تي تياري ڪرڻي ھئي. ڊائس تائين وڃڻ ۽ ڪھڙي وقت ڪھڙو گيت شروع ڪرڻو آھي، جي به ريھرسل ڪئي وئي. ساڍي ست وڳي ڊريس جي ريھرسل ڪئي وئي، جنھن ۾ ٽيڪنيڪل ڳالھين کي ورجايو ويو. ان ڏينھن پروڊڪشن جي عملي سان ملاقات ٿي ۽ وجو شاھ ۽ آنند جي سان گڏ فائنل ريھرسل ٿي. ٻئي ڏينهن يعني 5 جنوري 1991ع تي آرام ڪرڻو ھو، شو شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿيڻو ھو، پر ماڻھو ڏھين وڳي کان اچڻ شروع ٿي ويا ھئا. شو شروع ٿيڻ کان پھريان آڊيٽوريم ھزارين ماڻھن سان ڀرجي ويو. شو ۾ ٽڪيٽ 80 کان 200 رپين تائين ھئا. ڪنگز روي اسٽيڊيم ۾ 60 ھزار سيٽون ھيون، ڏکڻ آفريڪا جي تاريخ ۾ پھرين دفعي سڀ سيٽون ڀرجي ويون ھيون. جڏھن آئون سري ديوي، انوپم کير ۽ گووندا سان گڏ اسٽيج تي آيس ته ماڻھن تمام گھڻيون تاڙيون وڄايون ۽ زوردار نعرا ھنيا. ڪنھن اڻ وڻندڙ واقعي کان انتظاميه اسٽيڊيم ٻاهران ڊاڪٽر ۽ ايمبولينسن جو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو. ماڻھن صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ڪا به بدنظمي نه ٿي. ھن شو کانپوءِ مونکي پنھنجي فيملي ۽ سري ديوي سان گڏ ھڪ خصوصي طياري ۾ جوهانسبرگ موڪليو ويو. ھتي 6 جنوري 1991ع تي شو ڪيو ويو، جيڪو ڪامياب رھيو. 7 جنوري 1991ع جو ڏينهن آرام ۽ عورتن جي خريداري لاءِ مختص ھو. شام جو اسان کي ڏکڻ آفريڪا مان واپس موٽڻو ھو، موڪلاڻي وقت سڀ جذباتي ھئا. ھن يادگار سفر کان پوءِ آئون لنڊن پنھنجي ڀاءُ وٽ ھليو ويس. 1981ع ۾ ٽن ملڪن آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ منھنجي شو جو اھتمام ڪيو ويو، 12 ڏينهن ۾ 9 شو ڪيا ويا، مونسان گڏ پروين، زينت امان، رينا رائي ۽ امجد خان گڏ ھئا. 1983ع ۾ چئن ملڪن جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل کانسواءِ برطانيا ۾ شو ڪيا ويا. ڪو ايشيائي پھرين دفعو پرفارم ڪري رھيو ھو، ھتي 24 ھزار ماڻھن جي ويھڻ جو بندوبست ٿيل ھو. انتظاميه ڪرايو اڳواٽ ورتو ھو، شايد  شو ناڪام ٿيڻ جو خدشو هو، پر ٽڪيٽون سيٽن کان وڌيڪ وڪرو ٿيون ۽ چار ھزار ماڻھن ٻاھر بيھي رڳو آواز ٻڌو. 1990ع ۾ جائيٽس اسٽيڊيم ۾ منھنجي شو جو اھتمام ڪيو ويو، ھن فٽبال اسٽيڊيم ۾ 60 ھزار ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش ھئي، ھتي به اھو پھريون موقعو ھو، جو ڪو ايشيائي شو ڪري رھيو ھو، اھڙي طرح ويمبلي ۾ شو ڪيو ويو، ھتي 65 ھزار ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش ھئي. ھتي مون سان عامر خان، سلمان خان ۽ نيلما گڏ ھئا. ھن شو جي وڊيو جھما جھما ان لنڊن جي نالي سان ريليز ڪئي وئي ۽ ھندستان جي 95 سئنيمائن ۾ ھن شو جي نمائش ڪئي وئي.  1997ع ۾ ايٽلانٽا، وينڪوور، ميامي، نيويارڪ، شڪاگو، ھيوسٽن، واشنگٽن، ٽورنٽو، ڪيليگيري، لاس اينجلس، مانچسٽر، برمنگھم ۽ لنڊن ۾ منھنجا شو ٿيا.

…(هلندڙ)…

***