بلاگنئون

ناٽڪ: مسخرو

ليکڪ: ميريئل فيل

ڪردار واسيلي سويتلوويڊوف: هڪ ڪاميڊين (اداڪار)، 68 سالن جو.

نڪيتا آئيوينچ: هڪ پرامپٽر (اداڪارن کي لفظ ٻڌائيندڙ)، هڪ پوڙهو ماڻهو.

منظر هڪ ٻهراڙيءَ جي ٿيٽر جي اسٽيج جو آهي، رات جو وقت آهي. ناٽڪ ختم ٿي چڪو آهي. ساڄي طرف اڻ رڱيل دروازن جي هڪ قطار آهي، جيڪا ڊريسنگ رومن ڏانهن وڃي ٿي. کاٻي طرف ۽ پسمنظر ۾ اسٽيج هر قسم جي گند ڪچري سان ڀريل آهي. اسٽيج جي وچ ۾ هڪ اونڌو ٿيل اسٽول پيل آهي.

سويتلوويڊوف: (هٿ ۾ ميڻ بتي کڻي، ڊريسنگ روم مان ٻاهر اچي ٿو ۽ کلي ٿو) واھ واھ، هي ته تمام عجيب ڳالھه آهي! ڪيڏي نه سٺي چرچي جهڙي ڳالهه آهي! ناٽڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ مان پنهنجي ڊريسنگ روم ۾ سمهي پيس ۽ جڏهن سڀئي ٿيٽر مان هليا ويا ته مان اتي آرام سان کونگهرا هڻي رهيو هئس. آھه! مان به ڪيڏو نه بيوقوف پوڙهو ماڻهو آهيان، هڪ ويچارو پوڙهو ٿڙڪندڙ! مون ٻيهر مڌ پيتو هو، تنهنڪري مان اتي ويٺي ويٺي سمهي پيس. اها ته وڏي هوشياري ڪيم! شاباش، پوڙها! (سڏ ٿئي ٿو) يگورڪا! پيٽرشڪا! اڙي شيطان ڪٿي آهيو؟ پيٽرشڪا! اهي بدمعاش ضرور ستل هوندا ۽ هاڻي ته زلزلو به کين جاڳائي نه سگهندو! يگورڪا! (اسٽول کڻي سڌو ڪري ٿو، ويهي ٿو ۽ ميڻ بتي فرش تي رکي ٿو) سانت ئي سانت آهي! صرف پڙاڏو ئي جواب ڏئي ٿو. مون اڄ يگورڪا ۽ پيٽرشڪا کي انعام ڏنو هو ۽ هاڻي اهي بنا ڪنهن نالي نشان جي غائب ٿي ويا آهن. شايد ٿيٽر کي تالو لڳائي اهي بدمعاش ڪاڏي هليا ويا آهن. (هُو پنهنجو مٿو هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي ٿو) مان نشي ۾ آهيان! الا الا! اڄ رات جو ناٽڪ منهنجي اعزاز ۾ هو ۽ اها ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي ته ان موقعي تي مون پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪيتري نه بيئر ۽ شراب اوتيو آهي. خدايا! منهنجو سڄو جسم ٻري رهيو آهي ۽ مون کي ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ڄڻ منهنجي وات ۾ ويھه زبانون هجن. اها تمام خراب ڳالھه چئبي! اھا حماقت چئبي! هي ويچارو پوڙهو گنهگار وري نشي ۾ آهي ۽ کيس اها به خبر ناهي ته هو ڪهڙي خوشي ملهائي رهيو هو! الا! منهنجو مٿو ڦاٽي رهيو آهي، مان سڄو ڏڪي رهيو آهيان ۽ اندر ۾ ائين محسوس ڪري رهيو آهيان، ڄڻ ڪا اونداهي هجي ۽ ٿڌ خانو هجي! جيڪڏهن مان پنهنجي صحت جي برباديءَ جي پرواهه نٿو ڪريان ته گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي عمر جو ته خيال ڪرڻ گهرجي، ڪيڏو نه بيوقوف آهيان مان! ها، منهنجو ٻڍاپو! هاڻي ان جو ڪو فائدو ناهي! مان مسخرائپ ڪري سگهان ٿو، فخر ڪري سگهان ٿو ۽ جوان هجڻ جو بهانو ڪري سگهان ٿو، پر منهنجي زندگي هاڻي حقيقت ۾ ختم ٿي چڪي آهي، آئون پنھنجي جهور هٿن کي چُمي ڏيان ٿو، مان انهن اٺهٺ (68) سالن کي الوداع چوان ٿو، جيڪي گذري ويا؛ مان انهن کي وري ڪڏهن به نه ڏسندس! مون بوتل خالي ڪري ڇڏي آهي، تري ۾ صرف چند قطرا بچيا آهن، ڪجھه به ناهي سواءِ ڦوڳ جي. ها، واسيلي، منهنجا پراڻا يار، ڳالهه اها ئي آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته تون هڪ مَمِيءَ (Mummy) جو ڪردار ادا ڪرڻ سکين، چاهي توکي پسند هجي يا نه هجي. موت تنهنجي واٽ تي آهي. (پنهنجي اڳيان گهوري ڏسي ٿو) اها عجيب ڳالھه آهي ته مان گذريل پنجيتاليهن سالن کان اسٽيج تي آهيان، پر هي پهريون ڀيرو آهي، جو مون ٿيٽر کي رات جي وقت ڏٺو آهي، روشنيون وسامڻ کانپوءِ. پهريون ڀيرو. (اسٽيج جي ڪناري (foot-lights) ڏانهن وڌي ٿو) ڪيتري نه اونداهي آهي! مون کي ڪجهه به نظر نٿو اچي. اڙي ها، مان صرف پرامپٽر جو باڪس ۽ ان جي ميز ڏسي سگهان ٿو؛ باقي سڀ ڪجهه گهري اونداهي آهي، هڪ ڪاري، بي تري کڏ، قبر وانگر، جنهن ۾ شايد موت پاڻ لڪي ويٺو هجي… ڪيتري نه ٿڌ آهي! خالي ٿيٽر مان هوا ائين گهلي رهي آهي، ڄڻ ڪنهن پٿر جي چمنيءَ مان ايندي هجي. ڀوتن لاءِ ڪيڏي نه بهترين جڳهه آهي! منهنجي پٺيءَ ۾ سنسني پيدا ٿي رهي آهي. (سڏ ڪري ٿو) يگورڪا! پيٽرشڪا! توهان ٻئي ڪٿي آهيو؟ آخر مون کي هتي اهڙا خوفناڪ خيال ڇو اچي رهيا آهن؟ مون کي پيئڻ ڇڏڻو پوندو؛ مان هڪ پوڙهو ماڻهو آهيان، هاڻي گهڻو وقت نه جيئندس. اٺهٺ سالن جي عمر ۾ ماڻهو چرچ (عبادت گاهه) وڃن ٿا ۽ موت جي تياري ڪن ٿا، پر هتي مان آهيان، خدايا! هن مسخري جي لباس ۾ هڪ بي عقل پوڙهو شرابي مان ته ڏسڻ جي لائق به ناهيان.

مون کي هينئر ئي ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ گهرجي.. هي تمام ڀيانڪ جڳھه آهي، سڄي رات هتي ويهڻ سان مان ته خوف کان مري ويندس. (پنهنجي ڊريسنگ روم ڏانهن وڃي ٿو؛ ساڳئي وقت نڪيتا آئيوينچ هڪ ڊگهي اڇي ڪوٽ ۾ اسٽيج جي آخري ڇيڙي واري ڊريسنگ روم مان ٻاهر نڪري ٿو. سويتلوويڊوف، آئيوينچ کي ڏسي ٿو. خوف کان رڙ ڪري ٿو ۽ پوئتي هٽي ٿو) تون ڪير آهين؟ ڇا؟ توکي ڇا کپي؟ (پنهنجو پير زمين تي هڻي ٿو) تون ڪير آهين؟

آئيوينچ: مان آهيان، سائين.

سويتلوويڊوف: تون ڪير آهين؟

آئيوينچ: (آهستي آهستي هن ڏانهن وڌي ٿو) مان آهيان، سائين، پرامپٽر، نڪيتا آئيوينچ. مان آهيان، مالڪ، مان آهيان!

سويتلوويڊوف: (بي وس ٿي اسٽول تي ويهي رهي ٿو، تکو ساهه کڻي ٿو ۽ کيس ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي) خدايا! تون ڪير آهين؟ هي تون آهين… تون نڪيٽوشڪا؟ ڇا… تون هتي ڇا پيو ڪرين؟

آئيوينچ: مان پنهنجون راتيون هتي ڊريسنگ رومن ۾ گذاريندو آهيان، پر مهرباني ڪري ايلڪسي فوميچ کي نه ٻڌائجو، سائين. مون وٽ رات گذارڻ لاءِ ٻي ڪابه جڳهه ناهي؛ سچ پچ، ڪٿي به ناهي.

سويتلوويڊوف: آهه! ته هي تون آهين، نڪيٽوشڪا؟ ذرا سوچ، تماشائين مون کي سورنهن ڀيرا ٻاهر گهرايو؛ اهي منهنجي لاءِ ٽي گلن جا هار ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون کڻي آيا؛ اهي سڀ جوش ۾ چريا ٿي رهيا هئا، پر پوءِ به جڏهن سڀ ڪجھه ختم ٿيو ته  ڪوبه  هڪ شخص نه آيو، جيڪو هن ويچاري، شرابي پوڙهي کي جاڳائي ها ۽ کيس گهر وٺي وڃي ها ۽ مان هڪ پوڙهو ماڻهو آهيان، نڪيٽوشڪا! مان اٺهٺ سالن جو آهيان ۽ مان بيمار آهيان. مون ۾ هاڻي وڌيڪ ڪم جاري رکڻ جو حوصلو ناهي بچيو. (آئيوينچ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي روئي ٿو) پري نه وڃجانءِ، نڪيٽوشڪا؛ مان پوڙهو ۽ بي وس آهيان ۽ مان محسوس ڪري رهيو آهيان ته هاڻي منهنجي مرڻ جو وقت اچي ويو آهي. اوهه، هي تمام ڀيانڪ آهي، ڀيانڪ!

آئيوينچ: (نرمي ۽ احترام سان) پيارا مالڪ! هاڻي توهان جي گهر وڃڻ جو وقت آهي، سائين!

سويتلوويڊوف: مان گهر نه ويندس؛ منهنجو ڪو گهر ناهي، ڪوبه نه! ڪوبه نه!… ڪوبه نه!

آئيوينچ: او، خدايا! ڇا توهان وساري ويٺا آهيو ته توهان ڪٿي رهندا آهيو؟

سويتلوويڊوف: مان اتي نه ويندس. مان نه ويندس! مان اتي بلڪل اڪيلو آهيان. منهنجو ڪوبه ناهي، نڪيٽوشڪا! نه زال… نه ٻار. مان اڪيلن ميدانن ۾ گهلندڙ هوا وانگر آهيان. مان مري ويندس ۽ ڪوبه مون کي ياد نه ڪندو. اڪيلو هجڻ تمام خوفناڪ آهي. ڪوبه ناهي جيڪو منهنجي همت وڌائي، ڪوبه ناهي جيڪو مون کي پيار ڪري، ڪوبه ناهي جيڪو منهنجي نشي جي حالت ۾ مون کي بستري تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري. مان ڪنهن جو آهيان؟ ڪنهن کي منهنجي ضرورت آهي؟ مون کي ڪير ٿو چاهي؟ ڪوبه نه، نڪيٽوشڪا.

آئيوينچ: (روئندي) توهان جا تماشائي توهان سان پيار ڪن ٿا، مالڪ.

سويتلوويڊوف: منهنجا تماشائي گهر هليا ويا آهن. اهي سڀ ستل آهن، ۽ پنهنجي پراڻي مسخري کي وساري چڪا آهن. نه ڪنهن کي به منهنجي ضرورت ناهي، ڪوبه مون کي پيار نٿو ڪري؛ منهنجي نه زال آهي، نه ٻار آھن.

آئيوينچ: او، ويچارا! او، ويچارا! ان بابت ايترو پريشان نه ٿي.

سويتلوويڊوف: پر مان هڪ انسان آهيان، مان اڃان زنده آهيان. منهنجي رڳن ۾ گرم، ڳاڙهو رت ڊوڙي رهيو آهي، شريف ابن شريف ابن ڏاڏن جو رت. مان هڪ اميرزادو آهيان، نڪيٽوشڪا؛ مون فوج ۾، توپ خاني ۾ ڪم ڪيو هو، ان کان اڳ جو مان ايترو هيٺ ڪري وڃان ۽ مان  ڪيڏو نه شاندار جوان هئس! خوبصورت، بهادر، جوشيلو! اهو سڀ ڪيڏانهن هليو ويو؟ انهن پراڻن ڏينهن کي ڇا ٿيو؟ هوڏانهن اها کڏ آهي، جنهن انهن سڀني کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي! مون کي هاڻي سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو آهي. منهنجي زندگيءَ جا پنجيتاليهه سال اتي دفن آهن ۽ ڪيڏي نه سدا بھار زندگي هئي، نڪيٽوشڪا! مان ان کي ايترو ئي صاف ڏسي سگهان ٿو جيترو تنهنجو چهرو: جوانيءَ جو وجدان، ايمان، جنون، عورتن جي محبت- عورتون، نڪيٽوشڪا!

آئيوينچ: سائين، هاڻي توهان جي سمهڻ جو وقت آهي.

سويتلوويڊوف: جڏهن مان پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو هئس، جوانيءَ جي ان پهرين جوش ۾، مون کي ياد آهي ته هڪ عورت منهنجي اداڪاريءَ جي ڪري مون سان محبت ڪئي هئي. هوءَ خوبصورت هئي، چنار جي وڻ وانگر دلڪش، جوان، معصوم، پاڪيزه، ۽ اونهاري جي پرهہ جهڙي روشن. سندس مرڪ اونداهي رات کي به روشن ڪري سگهندي هئي. مون کي ياد آهي، مان هڪ دفعو هن جي اڳيان بيٺو هئس، جيئن هاڻي تنهنجي اڳيان بيٺو آهيان. هوءَ مون کي ڪڏهن به ايتري سهڻي نه لڳي هئي، جيتري تڏهن لڳي هئي ۽ هن پنهنجي اکين سان مون سان ڳالهايو هو، هڪ اهڙي نظر! مان ان کي ڪڏهن به نه وساريندس، نه، قبر تائين به نه؛ ڪيتري نه نرم، ڪيتري نه مٺي، ڪيتري نه گهري، روشن ۽ جوان! وجدان ۾ غرق، نشي ۾ چور، مان هن جي اڳيان گوڏن ڀر ڪِرِي پيس، مون پنهنجي خوشيءَ جي گُهر ڪئي ۽ هن چيو: “اسٽيج ڇڏي ڏي!” اسٽيج ڇڏي ڏي! ڇا تون سمجهين ٿو؟ هوءَ هڪ اداڪار سان محبت ته ڪري سگهي ٿي، پر ساڻس شادي ڪڏهن به نه! مون کي ياد آهي، ان ڏينهن مان اداڪاري ڪري رهيو هئس، منهنجو هڪ مسخري جهڙو بيوقوفاڻو ڪردار هو ۽ جڏهن مان اداڪاري ڪري رهيو هئس، مون محسوس ڪيو ڄڻ منهنجون اکيون کلي رهيون آهن؛ مون ڏٺو ته جنهن فن کي مان ايترو مقدس سمجهندو هئس، تنهن جي پوڄا هڪ وهم ۽ خالي خواب هو؛ مان هڪ غلام هئس، هڪ بيوقوف، اجنبي ماڻهن جي بيڪاريءَ جو رانديڪو. آخرڪار مان پنهنجي تماشائين کي سمجهي ويس ۽ ان ڏينهن کان وٺي مون سندن تاڙين يا سندن گُلن جي هارن يا سندن جوش تي اعتبار ناهي ڪيو. ها، نڪيٽوشڪا! ماڻهو مون لاءِ تاڙيون وڄائيندا آهن، اهي منهنجا فوٽو خريد ڪندا آهن، پر مان انهن لاءِ هڪ اجنبي آهيان. اهي مون کي نٿا سڃاڻن، مان انهن جي پيرن هيٺان مٽيءَ وانگر آهيان. اهي مون سان ملڻ لاءِ ته تيار آهن … پر ڪنهن ڌيءَ يا ڀيڻ کي مون جهڙي هڪ خارج ٿيل (Outcast) سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏين، ڪڏهن به نه! مون کي انهن تي ڪو اعتبار ناهي، (ھُو اسٽول تي ويهي رهي ٿو)  انهن تي ڪو اعتبار ناهي.

آئيوينچ: او، سائين! توهان ڏاڍا پِيلا نظر اچي رهيا آهيو، توهان ته مون کي خوف کان ماري ڇڏيندؤ! اچو، گهر هلو، مون تي رحم ڪريو!

سويتلوويڊوف: ان ڏينهن مون سڀ ڪجهه سمجهي ورتو هو ۽ اها ڄاڻ تمام مهانگي پئي هئي. نڪيٽوشڪا! ان کانپوءِ … جڏهن اها ڇوڪري… خير، مان بنا ڪنهن مقصد جي آواره گردي ڪرڻ لڳس، مستقبل ڏانهن ڏسڻ کانسواءِ ڏينهن گذارڻ لڳس.

مون مسخرن ۽ ننڍڙن ڪاميڊين جا ڪردار نڀايا، پنهنجي ذهن کي تباھہ ٿيڻ ڏنم. آهه زمانا! پر مان هڪ زماني ۾ عظيم فنڪار هئس، تان جو ٿورو ٿورو ڪري مون پنهنجي صلاحيتن کي وڃائي ڇڏيو، نقلي مسخرو بڻجي ويس، پنهنجي صورت وڃايم، پاڻ کي بيان ڪرڻ جي قوت وڃائي ويٺس ۽ آخر ۾ هڪ انسان بدران رڳو هڪ ميري اينڊريو (مسخرو) بڻجي رهجي ويس. مان ان وڏي ڪاري کڏ ۾ غرق ٿي چڪو آهيان. مون ائين اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو، پر اڄ رات جڏهن مان سجاڳ ٿيس، مون پوئتي نهاريو، ته اتي منهنجي پويان اٺهٺ سال پيل هئا. مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته ٻڍاپو ڇا هوندو آهي! سڀ ڪجھہ ختم ٿي ويو… (سڏڪا)… سڀ ختم ٿي ويو.

آئيوينچ: بس ڪريو، بس ڪريو، پيارا مالڪ! پرسڪون ٿيو… خدايا! (سڏ ڪري ٿو) پيٽرشڪا! يگورڪا!

سويتلوويڊوف: پر مان ڪيڏو نه ذهين هئس! تون تصور نٿو ڪري سگهين ته مون وٽ ڪيڏي طاقت هئي، ڪيڏي فصاحت هئي؛ مان ڪيترو خوشنما هئس، ڪيترو نرم هئس؛ ڪيتريون ئي تندون (پنهنجي سيني تي هٿ هڻي ٿو) هن سيني ۾ ڏڪنديون هيون! اهو سوچي منهنجو ساهه گهٽجي رهيو آهي! هاڻي ٻُڌ، ترس، مون کي ساھہ کڻڻ ڏي، ها؛ هاڻي هي ٻڌ:

“خوني ايفان جو پاڇو هاڻي موٽي رهيو آهي،

منهنجي چپن ذريعي بغاوت کي شعلن ۾ بدلائي رهيو آهي،

مان مئل دميتري آهيان! باھہ ۾ جلي رهيو آهيان

بورس ان تخت تي تباھہ ٿي ويندو، جنهن جو مان دعويدار آهيان!

ان مغرور پولش راڻيءَ اڳيان گوڏا کوڙيندي!

بس! قيصرن جي وارثن کي ڏٺو نه ويندو!

(پشڪن جي “بورس گڊونوف” مان)

ڇا اهو خراب آهي، هان؟ (تيزيءَ سان) ترس، هاڻي هتي ڪنگ ليئر (King Lear) وٽان ڪجهه  آهي. آسمان ڪارو آهي، ڏسين ٿو؟ مينهن وسي رهيو آهي، گجگوڙ ٿي رهي آهي، وڄ…ززز ززز ززز… سڄي آسمان کي ڦاڙي رهي آهي ۽ پوءِ، ٻڌ:

“هوا زور سال هل ۽ پنهنجا رخسار ڦاڙي ڇڏ! ڪاوڙج! تيز هل!

اي آبشارؤ ۽ طوفانو ايترو وسو،

جو اسان جا منارا ٻُڏي وڃن ۽ ڪڪر غرق ٿي وڃن!

اي گندرفي خيال- ساڙيندڙ باھيون،

بلوط کي چيريندڙ وڄن جا اڳواڻو،

منهنجي اڇي مٿي کي ساڙي ڇڏيو! ۽ تون، سڀ ڪجهہ ڌوڏيندڙ گجگوڙ،

دنيا جي هن وڏي گولائيءَ تي حملو ڪري سڌو سنئون ڪري ڇڏ!

فطرت جا سانچا ڀڃي ڇڏ، اهي سڀ ٻج ضايع ڪر،

جيڪي بي شڪر انسان پيدا ڪن ٿا!”

(بي صبري وچان) هاڻي، مسخري (Fool)   وارو حصو. (پنهنجو پير زمين تي هڻي ٿو) اچ، مسخري جو ڪردار ادا ڪر! جلدي ڪر، مان انتظار نٿو ڪري سگهان!

آئيوينچ: (مسخري جو ڪردار نڀائيندي)

“اي چاچا، سڪل گهر ۾ بيٺل پاڪ پاڻي هن ٻاهران وسندڙ مينهن جي پاڻيءَ کان بهتر آهي. نيڪ چاچا، اندر هلو؛ پنهنجي ڌيءَ کان دعا گهرو: هيءَ اهڙي رات آهي جيڪا نه ڏاهن تي رحم ڪري ٿي نه مسخرن تي.”

سويتلوويڊوف: “سخت گجگوڙ ڪر! باھہ کي وساءِ! مينهن وساءِ!

نه مينهن، نه واءُ، نه گجگوڙ، نه باھہ منهنجيون ڌيئرون آهن؛

اي عناصرؤ! مان توهان تي بي رحميءَ جو الزام نٿو لڳايان؛

مون توهان کي ڪڏهن سلطنت نه ڏني، نه ئي توهان کي پنهنجو اولاد سڏيو.”

آھہ! اتي طاقت آهي، اتي تنهنجي لاءِ فن آهي! مان هڪ عظيم فنڪار آهيان! هاڻي، وري ساڳي قسم جو ڪجهه ٻيو ڪيو، ته جيئن منهنجي جواني واپس اچي. مثال طور، هي وٺ، هئملٽ (Hamlet)  مان، مان شروع ڪندس… ڏسان، اهو ڪيئن آهي؟ او، ها، هي آهي. (هئملٽ جو ڪردار کڻندي)

“او! ريڪارڊرز (ساز)، مون کي ڏسڻ ڏيو. توهان سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻو آهي. توهان منهنجي چوڌاري واءُ وانگر ڇو گهمي رهيا آهيو، ڄڻ ته مون کي ڄار ۾ ڦاسائڻ چاهيو ٿا؟”

آئيوينچ: “او، منهنجا آقا، جيڪڏهن آئون فرض ۾ بهادر آهيان ته محبت ۾ وري گستاخ آهيان”

سويتلوويڊوف: “مان اهو صحيح نٿو سمجهان. ڇا توهان هن ساز کي وڄائيندا؟”

آئيوينچ: “منهنجا آقا، مان نٿو وڄائي سگهان.”

سويتلوويڊوف: “مان توهان کي عرض ڪريان ٿو.”

آئيوينچ: “يقين ڪريو، مان نٿو وڄائي سگهان.”

سويتلوويڊوف: “مان توهان کي منٿ ڪريان ٿو.”

آئيوينچ: “مون کي ان جي هڪ به تند جي خبر ناهي، منهنجا آقا.”

سويتلوويڊوف: “هي ائين ئي آسان آهي جيئن ڪوڙ ڳالهائڻ: انهن سوراخن کي پنهنجي آڱر ۽ آڱوٺي سان قابو ڪريو، پنهنجي وات سان ان ۾ ساهه ڦوڪيو ۽ هي تمام فصيح موسيقي ٻڌائيندو. ڏسو، هي هن جا اسٽاپ (سوراخ) آهن.”

آئيوينچ: “پر مان انهن کي هم آهنگي جي ڪنهن به اظهار لاءِ قابو نٿو ڪري سگهان: مون وٽ اها مهارت ناهي.”

سويتلوويڊوف: “ڀلا، ڏس، تون مون کي ڪيڏي بيڪار شيءِ بڻائي رهيو آهين. تون مون کي وڄائڻ چاهين ٿو؛ تون ائين ظاهر ڪرين ٿو ڄڻ منهنجي سوراخن کان واقف هجين؛ تون منهنجن رازن کي دل مان ڪڍڻ چاهين ٿو؛ تون مون کي منهنجي گهٽ ۾ گهٽ سُر کان وٺي منهنجي آخري سُر تائين وڄائڻ چاهين ٿو؛ ۽ هن ننڍڙي ساز ۾ تمام گهڻي موسيقي ۽ شاندار آواز آهي، پر پوءِ به تون ان کي وڄائي نٿو سگهين. خدا جو قسم! ڇا تون سمجهين ٿو ته مون کي وڄائڻ هڪ ساز کان به وڌيڪ آسان آهي؟ مون کي جيڪو به ساز سڏڻ چاهين سڏ، جيتوڻيڪ تون مون کي چيڙائي سگهين ٿو، پر تون مون کي وڄائي نٿو سگهين!” (کلي ٿو ۽ تاڙيون وڄائي ٿو) واهه واهه! وري! واهه واهه! ان ۾ ٻڍاپو ڪٿي آهي ڀلا؟ مان ٻڍو ناهيان، اهو سڀ فضول آهي، طاقت جو هڪ سيلاب مون ۾ وهي رهيو آهي؛ هي زندگي آهي، تازگي آهي، جواني آهي! ٻڍاپو ۽ ذهانت گڏ نٿا رهي سگهن. تون گونگو ٿي ويل لڳين ٿو، نڪيٽوشڪا. هڪ سيڪنڊ ترس، مون کي وري هوش ۾ اچڻ ڏي. او! منهنجا مالڪ! هاڻي ته ٻُڌ! ڇا تو ڪڏهن اهڙي نرم موسيقي ٻڌي آهي؟ شش! آهستي؛

“چنڊ لهي چڪو هو. اتي ڪا به روشني نه هئي،

سواءِ ٻاهرين هوا ۾ بيٺل اڪيلي پيلي تارن جي لشڪر جي،

۽ جيڪو وقفي وقفي سان روشن ٿي رهيو هو،

هڪ گلابي واديءَ ۾ گرم اوليئندرز (گلن) جي صورت ۾،

جنهن کي کڙکٻيتو ڳولهي رهيو هو، جنهن جي ننڍڙي چڻنگ،

اندر ۽ ٻاهر ٿي رهي هئي، محبت جي شرميلِي اميد وانگر.”

دروازن جي کلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، اهو ڇا آهي؟

آئيوينچ: اهي پيٽرشڪا ۽ يگورڪا واپس اچي رهيا آهن. ها، توهان وٽ ذهن آهي، تون جينيئس آهين، منهنجا مالڪ.

سويتلوويڊوف: (آواز طرف مڙندي سڏ ڪري ٿو) هيڏانهن اچو، ڇوڪرؤ! (آئيوينچ کي) هل ته هلي ڪپڙا تبديل ڪيون. مان ٻڍو ناهيان! اها بيوقوفائپ آهي، فضولائپ آهي! (خوشيءَ سان کلي ٿو) تون ڇو روئي رهيو آهين؟ تون ويچارو ٻڍڙو، توکي هاڻي ڇا ٿيو آهي؟ ائين نه ٿيندو! بس، بس، ائين بلڪل نه هلندو! اچ، اچ، ٻڍڙا، ائين نه نهار! تون ائين ڇو پيو نهارين؟ بس، بس! (لڙڪن ۾ کيس ڀاڪر پائي ٿو) نه روءِ! جتي فن ۽ فھم هجي، اتي ٻڍاپو، اڪيلائي يا بيماري جهڙيون شيون ڪڏهن به نٿيون اچي سگهن … ۽ موت پاڻ اڌيڪار آهي… (روئي ٿو) نه، نه، نڪيٽوشڪا! اسان لاءِ هاڻي سڀ ختم ٿي چڪو آهي! مان ڪهڙو جينيئس آهيان؟ مان نپوڙيل ليمن وانگر آهيان، هڪ ٽٽل بوتل ۽ تون- تون ٿيٽر جو پراڻو ڪُوئو آهين… هڪ پرامپٽر (اشارو ڏيندڙ)! هل ته هلون! (اهي وڃن ٿا) مان ڪو جينيئس ناهيان، مان رڳو فورٽنبراس جي لشڪر ۾ شامل ٿيڻ جي لائق آهيان ۽ ان لاءِ به مان تمام ٻڍو آهيان… ها… توکي اوٿيلو (Othello)  جون اهي سٽون ياد آهن، نڪيٽوشڪا؟

“الوداع پرسڪون ذهن! الوداع اطمينان!

الوداع پرن وارو لشڪر ۽ اهي وڏيون جنگيون،

جيڪي اُميد کي فضيلت بنائين ٿيون! او الوداع!

الوداع هڻڪندڙ گهوڙا ۽ تيز ناد!

روح کي تڙپائيندڙ طبل، ڪنن کي ٽوڙيندڙ بانسري،

شاهي جهنڊو، ۽ سڀ خوبيون،

فخر، شان ۽ شوڪت عظيم جنگ جي!”

آئيوينچ: او! توهان جينيئس آهيو، جينيئس!

سويتلوويڊوف: ۽ وري هي:

“پرين هلو! چنڊ جي هيٺان صحرا اونداهو آهي،

تيز ڪڪرن شام جي آخري پيلي ڪناري کي پي ڇڏيو آهي:

پرين هلو! گڏ ٿيندڙ هوائون جلد اونداهيءَ کي سڏينديون،

۽ تمام گهري اڌ رات آسمان جي پرسڪون روشنين کي ڪفن پهرائيندي.”

(اهي گڏجي ٻاهر نڪري وڃن ٿا، پردو آهستي آهستي ڪِري ٿو.)

***