بلاگنئون

ماتلي ۾ “سنڌ سائونڊ سسٽم ريگيوليشن ايڪٽ” نافذ ڪري لائوڊ اسپيڪرن جو غلط استعمال روڪيو وڃي

ماتلي مان رڳو منشيات جي خاتمي جي دعويٰ سڀ ڪجھه بھتر ٿي وڃڻ جو ثبوت ناھي، منشيات فروشي يقينن ھڪ اھڙو ڪرائيم آھي جنھن خلاف پوليس جون قانوني ڪارروايون اوليت تي جاري رھن ٿيون ۽ جاري آھن. منشيات  وري به اھڙو معاملو آھي جنھن کي ڪو استعمال ڪندو ته اھو نقصان ۾ ويندو، جيڪو ان کان بچيو رھندو اھو ان جي نقصانن کان محفوظ رھندو، پر ان کان وڏا معاملا ڪي ٻيا به آھن، ڪرائيم ٻيا به گھڻا آھن، جن طرف پوليس اڃان تائين قانون جو تعارف به ناھي ڪرايو، ڪرائيم جا اُھي معاملا پوري آبادي کي ھڪ ئي وقت متاثر پيا ڪن، ماڻھو نه چاھيندي به انھن جي اثرن ھيٺ آھن. مثال طور: ماتلي ۾ رڪشائن، موٽرسائيڪلن ۽ ريڙھن ۾ لائوڊ اسپيڪرن جي غلط استعمال پوري شھر کي عذاب ۾ ڌِڪي ڇڏيو آھي. رڪشائن جي ڇِتين تي وڏا لائوڊ اسپيڪر، رڪشائن ۾ ئي ٽرڪن وارا پريشر ھارن تيزي سان وڌي رھيا آھن، اڪثر ريڙھن ۽ لوڊرن ۾ به وڏا بوفر لڳل نظر اچن ٿا جن جي غلط استعمال کي روڪڻ جا به سزائن وارا اسپيشل قانون لاڳو آھن، گوڙ گدلاڻ به ھڪ سنگين نوعيت جو ڏوهه آھي، جيڪو منشيات فروشي کان به خطرناڪ ٿئي ٿو، پوءِ ڀلي ان ڏوهه جي سزا ٿوري ھجي، ان ڏوهه جي لپيٽ ۾ نه چاهيندي به آباديءَ جو هڪ وڏو حصو اچي وڃي ٿو. جنهن سبب انهن جي ڪمن ڪارين، تعليم، عبادت ۾ خلل پوي ٿو، سندن صحت خراب ٿئي ٿي، ڊپريشن وڌي ٿو، ٻڌڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي، ٻئي ڪنهن مرض ۾ مبتلا مريض لاءِ به وڏو عذاب آھن. ساڳئي ريت موٽر گاڏين ۾ تيز روشني واريون ڪرسٽل لائيٽون وري ماڻھن جي اکين کي متاثر ڪن ٿيون ۽ روڊ حادثن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيون آهن. انهن ڏوهن کي نه روڪڻ پوليس جي ھڪ وڏي غفلت آھي، جنهن جا نتيجا مختلف صورتن ۾ سماج اندر نظر اچن ٿا. قانون جو تعارف ڪرائڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم آھي، جنھن ۾ سڀ کان نمايان پوليس جو ادارو آھي، ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي قانوني طور تي سمورا اختيار مليل آھن ته ھو ھر ان ڏوھ کي روڪي جنھن سان انساني عزتون، صحت، ڪم ڪار، زندگيون، ماحوليات ۽ امن امان خراب ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي رھيا آھن، ماتلي ۾ ماڻھن لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال کي ان ڪري غلط سمجھڻ ڇڏي ڏنو آھي جو ان ڏوهه جي خلاف قانون ڪڏھن به حرڪت ۾ نه آيو آھي. قانون پنھنجو تعارف ڪڏھن به ناھي ڪرايو، ان ڪري ھرڪو اهو ڏوهه پنهنجو حق سمجهي يا پنهنجي من پسند چونڊ سمجهي ڪرڻ کان نٿو ڪيٻائي. جڏھن ماڻھن جي گھڻائي ڪوبه ڏوهه ڪري ٿي ته ھڪڙا ٻين جو حوالو ڏين ٿا، ايئن ڏوهه جا سلسلا اڻ کٽ ٿي وڃي ٿا ۽ ڏوهه بابت ڪا آگاھي پيدا نٿي ٿئي. جيڪڏهن ان خلاف ڪو آواز ٿو اٿاري ٿو ته پھرين اُن جي ڳالھه کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، پوءِ ان آواز اٿارڻ واري خلاف افواهون پکيڙيون وڃن ٿيون، عام سادن معاملن کي سياسي معاملو بنائڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي. ڪي وري ان معاملي ۾ پوليس دشمني، غريب ۽ روزگار دشمني جو رنگ به ملائين ٿا، ڪي پنھنجين حيثيتن جو غلط فائدو کڻڻ جي به ڪوشش ڪن ٿا، اسان ھر جائز مسئلي ۾ پوليس جي ھڪ سپاھي کان ڊي آءِ جي سطح تائين اخلاقي سپورٽ ڪندا اچون، چوندا اچون ته پوليس انتهائي اهم ادارو آهي جيڪڏهن اھا 24 ڪلاڪن تائين معطل رھي ۽ ڪو به ايڪشن نه وٺي ته ماڻھو ماڻھن سان ڪھڙيون حالتون ڪندا؟ پوءِ خبر پوندي اھو پوليس جي خوف جو ئي نتيجو آھي جو ھر روز رات جو ھر ماڻھو پنھنجي گھر وڃي سک جي ننڊ سمهي ٿو، جيڪڏهن پوليس جي قانوني ڪارروائي جو خوف ختم ٿي وڃي ته 100 مان 5 ماڻھو پنھنجن گھرن ۾ وڃڻ بجاءِ ٻين جي گھرن ۾ به گھڙي سگھن ٿا. ان سان امن امان جا سنگين مسئلا جنم وٺي سگھن ٿا. ماتلي شھر ۾ لائوڊ اسپيڪرن جي غلط استعمال جو ڏوھ تيزي سان وڌي رھيو آھي، جيڪو سمورن شھرين، گھرن، عبادتگاھن ۾ عبادتن جي عمل، تعليمي ادارن ۾ تعليمي عملن، گھرن ۾ تعليم، ماڻھن جي آرام، بازارن ۾ واپارين جي واپار ۽ ماڻهن جي نفسيات کي سڌي طرح متاثر ڪري رهيو آهي. گوڙ ۽ گدلاڻ سبب ماڻهو بلڊپريشر، ڊپريشن ۽ ٻين سنگين بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت 2015ع ۾ جيڪڏهن لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال خلاف سزائن وارو قانون “سنڌ سائونڊ سسٽم ريگيوليشن ايڪٽ” بل پاس ڪيو هو ته ان جي پٺيان به ڪا سنجيده سوچ ڪارفرما هئي. جنھن تحت لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال تي 6 مھينا جيل ۽ 50 ھزار ڏنڊ جون سزائون لڳي سگھن ٿيون، سنڌ سائونڊ سسٽم ريگيوليشن ايڪٽ تحت ايف آءِ آرون ٿي سگھن ٿيون، گرفتارين کانپوءِ جوابدار جڊيشل ڪسٽڊي ٿي سگھن ٿا، ضمانتن تي ٻاھر اچي ڪيسن جي ٽرائيل کي منهن ڏئي سگھن ٿا. ھڪ سوال ھي به آھي ته لائوڊ اسپيڪر جو غلط استعمال ڪھڙو آھي؟  اھا ڳالھه گمراھ ڪندڙ آھي ته لائوڊ اسپيڪر جو غلط استعمال رڳو اھو آھي ته ان تان ڪنھن کي گاريون يا ڌمڪيون ڏجن يا ڪا غلط ڳالھه ڪجي، پر ان سان گڏو گڏ لائوڊ اسپيڪر جو غلط استعمال مختصر لفظن ۾ اھو به آھي ته ان جي استعمال سان ڪنھن جي آرام، عبادت، تعليمي عمل ۾ خلل پيدا ڪجي. موٽر گاڏين ۾ لائوڊ اسپيڪر سسٽم لڳائڻ جي هرگز اجازت ناهي. انھن کي استعمال ڪرڻ جو ڏوھ اڃان به ٻي نوعيت جو ڏوھ آھي. شھري بازارين، آبادين ۾ ڪنھن به صورت ۾ لائوڊ اسپيڪر جو اھڙو استعمال جيڪو ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ جي  آرام يا ڪم ۾ خلل وجھي اھو عمل ڏوهه آھي. ان ۾ سماج کي به سجاڳي ٿيڻو پوندو ۽ لائوڊ اسپيڪر سان پيدا ٿيندڙ تڪليف کي نظر انداز ڪرڻ بجاءِ پنهنجو آواز اٿارڻ جو حق استعمال ڪرڻو پوندو. ماتلي ۾ لائوڊ اسپيڪر ۽ ان سان گوڙ گدلاڻ جو ڪرائيم چوٽ چڙھي ويو آھي، جنھن کي روڪڻ جو اختيار صرف پوليس وٽ آھي. ھن سلسلي ۾ پوليس پنھنجي ذميداري پوري نه پئي ڪري. هڪ صحافي جو ڪم اهو آهي ته هو پنهنجي قلم سان ٿيندڙ ڏوهن جي باري ۾ آگاهي ڏيندو رهي ۽ پوليس کي گهرجي ته اسان جي لکڻين کي پڙهي  سماج ۾ نشاندهي ڪيل ڏوهن کي قانون جي قلمن سان روڪي. هن لکڻي ذريعي سڌو سنئون ماتلي جي ايس ايڇ او کي اپيل آهي ته ھو قانون لاڳو ڪري ماتلي ۾ لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال واري ڏوهه کي روڪي ۽ قانون مطابق عمل ڪندي انهن ڏوهارين تي ڏنڊ وجهي يا سزائون ڏئي. ان سان ئي قانون ھجڻ جو تعارف ٿيندو، ضروري نه آھي ته ڪرائيم ڪندڙن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، پوليس جو ڪم آهي ته ڏوهه کي ٿيڻ کان اڳ روڪي ۽ پوليس کي ماتلي ۾ به هن ڏوهه کي جيڪو تمام گهڻي عرصي کان ٿي رهيو آهي روڪڻ جي ضرورت آهي.