ايڊيٽوريلنئون

شيخ اياز هڪ آفاقي شاعر آهي، ان کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي: سردار شاهه جو اعتراف

سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کانپوءِ جيڪڏهن عوام ۾ ڪنهن شاعر کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي آهي ته اهو شيخ اياز آهي. ڇو ته هن روايتي شاعريءَ کان هٽي ڪري سنڌي وائي، نظم ۽ بيت کي نوان رنگ ۽ نيون معنائون ڏنيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ سان محبت، انسانيت، آزادي ۽ انقلاب جا گيت نمايان آهن. سندس شاعري صرف لفظن جو مجموعو نه، پر اها سنڌي ٻوليءَ جي روح جو آواز آهي. وٽس اها مهارت هئي جو هن ڪلاسيڪي سنڌي شاعري کي جديد دور جي رنگ ۾ پيش ڪيو ۽ هن پنهنجي شاعري کي ان وقت جي عالمي ادب سان ملائي بيهاريو. جنهن وقت ۾ هو بيٺل هو ان وقت جي ضرورت مطابق شيخ اياز پنهنجي شاعري کي سنڌ جي حقن لاءِ هڪ ويڙهه جو هٿيار بڻائي نظم لکيا ۽ ظلم جي خلاف آواز بلند ڪيو. سندس شاعري ۾ صرف سياست نه، پر ڌرتيءَ سان، مٽيءَ سان، اتان جي پکين، پکيئڙن، درياءَ جي لهرن ۽ انساني جذبن سان محبت جي عڪاسي ٿيل آهي. وٽس جذبن جي اظهار جي لاءِ جادوئي ڪيفيت، خوبصورت لفظن جو انتخاب، تشبيحون ۽ استعارا موجود آهن. جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي دور ۾ سنڌي سماج ۽ مٽيءَ جي خوشبو کي پنهنجي رسالي ۾ سهيڙيو آهي، بلڪل ايئن ئي شيخ اياز ويهين صديءَ جي سنڌ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جيئرو ڪيو. وٽس موضوع اهي ئي آهن جيڪي شاهه وٽ نظر اچن ٿا. هو پاڻ شاهه لطيف جو وڏو عاشق هو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي موضوعن ۾ وطن سان سچي محبت، ماروئڙن ۽ ملير جو ذڪر سُر مارئي ۾ ڪيل آهي ته ساڳيو ئي شيخ اياز هيءَ سنڌڙي جيءَ جي جندڙي جهڙيون سٽون سرجيون آهن. ٻنهي شاعرن عورت جي ڪردار جي سگهه، انسانيت ۽ امن جو پيغام عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن کي پنهنجي شاعري ۾ مُک موضوع بڻائي شاعري ڪئي آهي. سنڌو درياءَ ۽ فطرت جي عڪاسي ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ جو پسنديده موضوع آهي. درياءَ شاهه، ٻيڙا ملاح، مڇي، مارئي ۽ سنڌ جي فطرت ٻنهي شاعرن جا مک موضوع نظر اچن ٿا. شاهه سُر سامونڊي ۽ سُر گهاتو لکيا ته اياز به سنڌو جي لهرن ۽ ملاحن جي زندگيءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورتي سان چٽيو آهي.  ٻنهي شاعرن جي لاءِ سنڌو درياءَ مقدس آهي.

هن وقت شيخ اياز نوجوانن جي اندر ٻيهر متعارف ٿي رهيو آهي، جنهن جو خاص سبب شيخ اياز تي ٿيندڙ ميلا، سندس شاعريءَ تي ٿيندڙ بحث مباحثا ۽ تنقيدي جائزا آهن. شيخ اياز سنڌ جو اهو مانائتو شاعر آهي جنهن کي هن وقت اسان کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. شيخ اياز جو سڀ کان وڏو مقصد سنڌي ماڻهو کي پنهنجي تاريخ، ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان ڳنڍڻ هو. هو قومپرست شاعر ضرور هو، پر کيس ڪنهن به ٻي قوم کان نفرت نه هئي. هو هڪ روشن خيال مذهبي جنونيت کان آجو هڪ اهڙي سماج جو طالب شاعر هو جتي انسان جو قدر ان جي علم ۽ ڪردار مان ٿئي. 28 ڊسمبر 2025 تي حيدرآباد آرٽس ڪائونسل سندس 28 هين ورسيءَ تي جامي چانڊيو جو هڪ ليڪچر “اياز ۽ سنڌ” جي عنوان سان رکيو، اتي مهمان خاص جي طور تي سردار شاهه به آهي، ويٺل مهمانن کي هڪ خاص پيغام ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شيخ اياز جي شاعريءَ کي ترجمو ڪرڻ ۽ جديد موسيقيءَ جي ذريعي سڄي دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. جيئن ته اهو ڪم ڪو هڪڙو فرد يا خانگي ادارو نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪو هڪ اهڙو ادارو جوڙڻ گهرجي جتي شيخ اياز ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو ترجمو اهڙن ٻوليءَ جي ماهرن کان ڪرايو وڃي، جيڪي سنڌي ۽ انگريزيءَ جا ماهر هجن ته جيئن شيخ اياز ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي گڏوگڏ ترجمو ڪري عالمگير بڻايو وڃي. ڇو ته انهن ٻنهي شاعرن جو جيڪو عالمي قد ڪاٺ آهي ان مطابق سندن ترجما نه صرف انگريزي، بلڪه فرينچ ۽ جرمن ٻولين ۾ به ٿيڻ گهرجن. ان سان نه صرف انهن شاعرن جي شاعري، پر سنڌ جي تهذيب، تاريخ ۽ خوبصورتي سڄي دنيا تائين آشڪار ٿيندي ۽ سڄي دنيا کي خبر پوندي ته هنن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ ۾ امن، آزادي ۽ انسانيت جو پيغام ڏنل آهي. ضرورت آهي ته اهو ڪم ڪري ادبي ويب سائيٽون جيڪي سرڪار جي طرفان باقائدگيءَ سان هڪ عالمي پورٽل جي ذريعي ٺاهي دنيا تائين پهچايون وڃن ته جيئن ٻين ملڪن جا اسڪالر به اسان جي انهن ٻنهي شاعرن جي مٿان تحقيق ڪري سگهن.

ڇو ته سندن شاعري صرف لفظ نه، پر سنڌ جو روح آهن ۽ انهن کي ترجمو ڪرڻ لاءِ به ٻوليءَ جا ماهر ۽ شاعريءَ کي سمجهندڙ ماڻهو هجڻ گهرجن ته جيئن اهي شيخ اياز ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ کي اصل رنگ ۾ پيش ڪري سگهن. سنڌ حڪومت عالمي سطح جي پبلشرن سان معاهدا ڪري سگهي ٿي، جڏهن اهي ادارا ڪتاب ڇاپيندا ته اسان جا هي ٻئي وڏا شاعر دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف بُڪ اسٽورن تي پهچي ويندا. ان کان علاوه ڊجيٽل لائبريري ۽ آرڪائيو جي ذريعي هڪ ادارو جوڙيو وڃي جنهن جون ويب سائيٽون تيار ڪري ان تي شيخ اياز ۽ شاهه لطيف جو ڪلام رکيو وڃي. جنهن جو فائدو اهو ٿيندو ته هي هڪ “سافٽ پاور” هوندو، جيڪو سنڌ حڪومت طرفان سڄي دنيا کي ٻڌايو ويندو ته سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آهي ۽ ان جا مفڪر پنهنجي پيغام ۾ امن ۽ محبت جي ڳالهه ڪن ٿا. ان کان علاوه شيخ اياز جي شاعري کي جديد موسيقيءَ سان هم آهنگ ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي. جيڪا ڳالهه سردار شاهه زور ڏيندي پنهنجي تقرير ۾ سنڌي لئگنويج اٿارٽي جي بلوچ هال ۾ ڪئي. ڇو ته شيخ اياز جي شاعري ۾ جيڪو ردم آهي اهو تمام گهڻو طاقتور آهي. سندس نظم ۽ گيت اڃان تائين صرف روايتي انداز ۾ ڳايا ويا آهن، هاڻي وقت جي ضرورت آهي ته ميوزڪ فيسٽيول ذريعي پاڪستان جي وڏن گائڪن کان ڳارائي ان جو فيوين ٺهرايو وڃي. ان کان علاوه به شيخ اياز جي شاعري کي جديد آرڪسٽرا، گٽار، پيانو ۽ ورلڊ ميوزڪ جي چارٽس تي وٺي اچجي. اڄ جو ٻار جيڪو پنهنجي ٻوليءَ کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي، جنهن کي اياز ياد ڪونهي ان کي جديد موسيقيءَ سان اياز جا گيت يقينن موهيندا ۽ هو اياز کي ياد ڪندو. اياز کي هڪ برانڊ طور شاعريءَ جي ميدان ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته اياز اها طاقت آهي جنهن کي صرف ڪتابن جي ڪٻٽن ۾ محفوظ ڪري نٿو سگهجي، بلڪه وقت جي ضرورت آهي ته کيس هر گهٽي، هر ڪيفي ۽ هر ملڪ جي ٻوليءَ ۾ پهچايو وڃي. ان ڪم ڪرڻ جي سگهه صرف سنڌ حڪومت وٽ آهي. جيڪڏهن سردار شاهه صاحب جن چاهين ٿا ته شيخ اياز کي جديد موسيقي ۽ انگريزي يا جرمني ۽ فرينچ ٻولين ۾ ترجمو ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان قدم کڻڻو پوندو. اهي پئسا جيڪي ميلن تي لڳايا ٿا وڃن، ان ماليت سان شيخ اياز تي سنجيده ڪم ڪري ان کي برانڊ بڻائي هاڻي دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻ گهرجي، جيڪا پيپلز پارٽي لاءِ پڻ هڪ وڏي ڪاميابي هوندي.