بلاگنئون

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جي لطيف شناسي

شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو سماجي، تحقيقي اڀياس (پراچين ۽ ويجهي اتهاس جي روشني ۾) ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جو پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي. عبدالحفيظ ولد عبدالرحمان قريشيءَ جو تعلق پراڻن هالن سان آهي، سندس جنم لياري ڪراچيءَ ۾ ٿيو علمي طور آرڪيٽيڪچر ۾ ڊپلوما ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما سان گڏ پوليٽيڪل سائنس، ماس ڪميونيڪيشن ۽ سنڌي ۾ ايم اي ڪيائين. قانون پڙهيل هن محقق سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪئي، 811 صفحن جي مقالي کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري وارن 2021ع ۾ شايع ڪيو آهي، ڪتاب جي آخر ۾ “حفيظ قريشي قومي سفر جو ساٿي! عنوان سان تاج جويي ۽ “ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي!” ڊاڪٽر شفيق احمد شاهاڻيءَ جا ليک آهن، حفيظ قريشي عبدالواحد آريسر کي گهڻو ويجهو رهيو. هُو سنڌ جي قومي جدوجهد جو اهم ڪارڪن ۽ اصول پرست انسان آهي، هِن انهيءَ ڏِسَ ۾ ڪافي تڪليفون ڏٺيون، پر اصول جي جنگ وڙهڻ لاءِ هڪيو تڪيو رهيو، سيد صاحب کان متاثر ٿيل ۽ سندن قومي واٽ تي هلندي پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهيو، مٿئين عنوان واري مقالي جي ارپنا لطيفي پارکن جي نانءُ آهي، ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪتر تهمينه مفتيءَ پاران “ڪن ٿي ڪيچين ڪڇئو” عنوان سان ليک ته ٻه ٻول “ڊاڪٽر فهميده حسين پاران آهن “مَهندِيُون” عنوان سان محقق شاهه لطيف جي قومي جذبي، تصوف، وحدت الوجود ۽ ٻين موضوعن جو مختصر جائزو ڏئي شاهه جي شاعريءَ جي اهميت شروعات ۾ ڄاڻائي آهي ۽ پنهنجي لطيف شناسيءَ جي شوق ۽ ڪم بابت ذڪر ڪيو آهي.

هن طويل مقالي جا ڇهه باب آهن آخر ۾ سماجي تحقيقي اڀياس جو تت ۽ ڪتابڻيءَ (Bibliography) آهي. هر باب جي خاص عنوان سان گڏ ننڍا ننڍا ڪيترائي ذيلي عنوان موضوع جي چٽائيءَ لاءِ آهن، جن سڀني جو ذڪر ڪرڻ هن ليک ۾ ممڪن ڪونهي، هيٺ مختصر احوال ڏجي ٿو.

باب پهريون شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ قديم سماجي گروهن ۽ سنڌو تهذيب جي اوسر جا سماجي عڪس ۽ اهڃاڻ (پراچين ۽ ويجهي اتهاس جي روشنيءَ ۾)ٻه سئو صفحن تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ ننڍن عنوانن معرفت موضوع جي اوک ڊوک ڪيل آهي، جي قديم سماجي دور (ڏوٿي ۽ شڪاري دور)، جهانگي جيوت، سنڌ جا ابتدائي سماجي گروهه، آهيڙي سماجي دور، ڍانڍي آهيڙي سماج جا رنگ (نوري ڄام تماچي) سامونڊي سماج جا رنگ (گهاتو- مورڙو ميربحر) قديم شڪاري هٿيار، ڪونجن سان ڪچهري، پنرو بڊاماڻي، مارئيءَ جو واقعو ۽ دور، پنهوارن پاٻوهيو، ڳُڻواڻ مارو، وطن دوستي، مارئيءَ جي مزاحمت، ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، سنڌ جي جاگرافي ۽ سارنگ جا رنگ، ميهارڪي جيوت (سهڻي- ميهار)، سمنڊ سُرڪي نه ٿئي، ڇوري ندوري، لاکو ڦلاڻي، لاکا آءُ مهراڻ، سنڌ جي پسوئن ۽ پکين جو سماجي- اُتهاسي رُخ، سما حڪومت جي دور ۾ واهن جو احوال، سنڌ جي معاشي تباهي، عام ۽ خاص ماڻهن جو ڪوس (ارغون ۽ ترخان دور) مرزا باقيءَ جا عام ۽ خاص تي ظلم، مغل حڪومت، شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه لطيف، اُسرندڙ ڪلهوڙا حڪومتي دور، شاهه عنايت جي شهادت، صوفي لاڪوفي، مري ٿيا نه مات،  سنڌ جي ڪپڙي جي صنعت، ووڻن جا وڻ، ۽ ٻيا موضوع 238 صفحن تي آڌاريل آهن.

باب ٻيو: شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ سنڌو تهذيب جي اوج جا سماجي عڪس ۽ اهڃاڻ (پراچين ۽ ويجهي اُتهاس جي روشني ۾) سنڌو لوڪ سمنڊ ۽ واپار، لوٿل- سنڌ جو قديم بندرگاهه، سنڌو، امن ۽ واپار، ديوانو درياهه، نين بندرگاهن جو اُسرڻ ۽ پراڻين بندرگاهن جو ڍرڪڻ، پاتال، ڀنڀور، ديبل، لاڙي، شاهه، سورت بندرن جو ذڪر الڳ الڳ آهي ان کانسواءِ هٽي ۽ ڪولار واريون سون جون کاڻيون، عربن کي سنڌ جو سون هٿ اچڻ، لنڪا جو سون، مڻين ۽ سچن موتين جو واپار، سمنڊ ۽ درياهه تي باس باسڻ، سنڌو تهذيب جو اُسرڻ ۽ ڦهلاءُ، سنڌي ٻولي، گڏيل قومي سوچ ۽ اڪيلي قومي سڃاڻپ، آريا سنڌو تهذيب جا بانيڪار نه هئا، ثقافت جو سفر، سامونڊي سامراجن جو اُسري اچڻ، لطيفي چنتا ۽ دُعائون، سکاڻيا مَ سمهو، سنڌ جي واپار ۽ سمنڊ تي قبضي ڪرڻ لاءِ يورپ جون اڳرايون ۽ ٻيا موضوع 145 صفحن تي موجود آهن،

باب ٽيون: شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ سنڌو سڀيتا جي فن ۽ هنرمنديءَ وارا سماجي عڪس ۽ اهڃاڻ (پراچين ۽ ويجهي اُتهاس جي روشنيءَ ۾ ) هنرمندي، پوکي راهي ۽ باغباني، باغ، ڪتڻ وارو هنر، ڪنڀار ڪو هنر، ڪلاڙڪي ڪوءِ متارا ۽ موکيءَ جو مئخانو ۽ ٻيا موضوع صفحي 388 کان 424 تائين آهن.

باب چوٿون: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ سنڌو سڀيتا جي وکرڻ ۽ اُسرڻ جا سماجي عڪس ۽ اهڃاڻ (پراچين ۽ ويجهي اُتهاس جي روشني ۾ ) قديم سنڌو سڀيتا، سنڌو سڀيتا کي قدرتي لوڏو، هاڪڙ و درياهه ۽ اُن جون ڀارتو نديون، هاڪڙي جي ماڳن تي سارنگ جو سٽاءُ، سنڌ ۾ وڻڪار، مهراڻ سنڌو جو نالو آهي، هاڪڙي کي آيل سوڪهڙي واري دور جو تعين سنڌو سلطنت جا سمراٽ حاڪم، سمن جي ساراهه، سمن جو لقب ڄام، سخا ۾ ڏهه هزار حاتمن کان مٿڀرا سما، الله جنگ جين، جکرو جَسَ کرو، سامن تي سِرِ ڏيڻ وارا سما، عادت عنبر جهڙي آهن.

پنجون باب شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ سنڌ ۽ سنڌومت، شِوَ پنٿ، جين مت، ويدانت ۽ اسلامي تصوف جا فڪري  عڪس ۽ اهڃاڻ آهي، جنهن ۾ عنوان مطابق سنڌو مَتَ، شِوَ پنٿ، سنڌو سڀيتا- اوائلي توحيدي تهذيب، ڀڳوان، واحد خدا ۽ ٽمورتي، اَلکَ سان روبرائي، جين مت، مها وير جو دور، اُپنشد ۽ تصوف، سامي مُور نه سَنَرا، مهاتما ٻڌ ۽ سنڌ، بُک وڌائون بگرئين، شاهه لطيف جا اٺ نڪتا، نفي ۽ اثبات محبت، صوفي ٿيڻ ۽ سڌون ڪرڻ، ويدانت، ڳالهه مڙيائي ڳجهه، تصوف جي مختصر تاريخ، صوفي، تصوف جا اسلامي سلسلا، نقشبندي، سهر وردي، چشتي ۽ قادري سلسلا، عليءَ جو ميدان، وحدت الوجود، وحدت الشهود، صوفي ۽ سماع، پارس ۽ لوهه، جو نجس نيکاري، غم، حسن، موسيقي، راڳي اٽل ۽ چنچل، سماع، سوز ۽ وصال، لطيفي تصوف وارو مارڳ، توحيد ۽ رسالت، شريعت، طريقت، معرفت، حقيقت، ناسوت ملڪوت، جبروت، لاهوت، هاهوت، مقامِ حيرت، ذات ۽ صفات، صوفياڻي ڪُلا، حق، الوهيت، ڪامل انسان، نفس، عشق، عارف، عجز، ترڪ، توڪل، ملامت، شفقت، تصوف جا ڪجهه اصطلاح، جوڳي، طالب، صفت، اشارو، رمز، لسان ۽ ٻيا آهن.

ڇهين ۽ آخري باب جو عنوان شاهه لطيف جي ڪلام ۾ سماجي ۽ اعليٰ اساسي فڪري عڪس ۽ اهڃاڻ  آهي جنهن ۾ آيل ننڍا موضوع پريم ۽ عدم تشدد، سهپ ۽ رواداري فڪر ۽ ڏاهپ، اڏولتا، سچ، سنوَڻ ۽ ساٺ، زنگي ۽ موت، آڳڙيا ۽ رُڪ، ناکئو ۽ معلم، سورهيائي، ڏک ۽ سک، وطن پرستي، حُسن ۽ آزادي، عالمي ڀائيچارو ۽ ٻيا آهن.

هن تحقيق جو عنوان وضاحتي هئڻ سبب مقالو طويل آهي، هلندڙ وقت ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي مقالن جي صفحن جو مناسب مقدار مقرر ڪيو ويو آهي، اصل ڪاميابي اها آهي ته کوجنا اختصاري ۽ هنڌائتي هجي جيڪي هدايتون ايڇ اي سي پاران سپروائيزرن کي نظر هيٺ رکڻ گهرجن ۽ سڀني اسڪالرن کي شروع جي ڪورس ورڪ ۾ ڄاڻائڻ گهرجن، انهيءَ سان پوءِ ڇا ٿيندو ته موضوع جي وقت جو دائرو گهٽايو ويندو، منهنجي پنهنجي تحقيق جو عنوان تمام ڊيگهه وٺي ويو “سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو” 1985ع تائين انهيءَ لاءِ شروع دور کان 1985ع تائين سوين ڪتابن جو جائزو پي آيو فائنل سيمينار ۾ 650 صفحن جي هن مقالي جي طوالت تي اعتراض ٿيو ته پوءِ جواب ۾ موضوع جي وسعت ڄاڻائي وئي، منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ايتري طويل وقت جي دورانيي ۽ موضوع جي گهڻ رخائيءَ سان اسڪالر کي پيچيدگين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو ڪم مقرر ٽن سالن ۾ مڪمل ٿئي ان جي بدران اهو 8 سال وٺي ٿو وڃي،

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ پراچين ۽ ويجهي اتهاس جي روشنيءَ ۾ جيڪو لطيف سرڪار جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس ڪٺن ڪشالن سان پيش ڪيو آهي، اهو تحقيق مڃتا جوڳو آهي، تحقيق مان چند حوالا ڏجن ٿا.

شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ سنڌو سڀيتا جي پيڙهه جوڙيندڙ ڏوٿي، آهيڙي، ڌڻوند ۽ اوائلي قديم ۽ ويجهي زرعي دور جي انساني سماجي گروهن جو فڪر سندس اعليٰ ۽ اتم گڻن سان موجود آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌو تهذيب دنيا جي ٻين سڀيتائن جي ڀيٽ ۾ انواع، رنگ ورن ۽ روپ واري گهڻ رخي، گهڻ نسلي ۽ گهڻ ڪرت وارن سماجي گروهن جي متحرڪ معاشي سرگرمين سان ڀرپور رهي آهي” (ص 35)

 شاهه لطيف جي سر سامونڊي ۽ سرسريراڳ، پراچين دور جي سنڌو واپارين جي پرڏيهه کڻي ويندڙ  سامان ۽ تمام قديم آثارن مان مليل سامان وَٿن (Findings) ۾ حيرت ناڪ حد تائين هڪ جهڙايون آهن، جهڙوڪ اناج، ڪپڙو، زيور، موتي، مڻيا (Beads) خوشبودار شيون ۽ زيور وغيره انهيءَ ڪري سفر ۾ واپاري جهازن ۾ آڳاٽي دور کان ڪلهوڙا دور تائين مختلف قسمن جو وکر کنيو ويندو هو” (ص 247)

“شاهه لطيف جي مارئي ٻن ڳالهين جي تحفظ جي ڳالهه ۽ عزم ڪري ٿي هڪ ۾ “وطن جي پاڻي” ٻي “اباڻي ٻولي” لاءِ وچن ڪري ٿي پاڻي زندگي آهي پاڻي تهذيب ۽ ثقافت “مان ۽ سمان” سڀ ڪجهه آهي، جنهن جي آڌار تي سماج زنده رهن ٿا، پاڻي اعليٰ اخلاق ۽ ڳڻ آهن، جن کي هارجڻ نه گهرجي ان ريت “اباڻي ٻولي” قومي ٻولي به آهي ته قومي ٻول به آهن، جنهن ۾ سمورا اخلاقي ۽ اعليٰ سماجي قدر، نيم ريتن ۽ رسمن سوڌو سمورا افرادي ۽ اجتماعي قول ۽ قرار موجود هوندا آهن، جن جي وسيلي سماج سڳندا ۽ زنده رهندا آهن.

ماڙي چڙهي سومرا، آءُ هڏ لڄاڻي،

هٿان مون مَ هارجي، پائر جو پاڻي،

ٻولي ٻاٻاڻي، وٺي شال ويڙهه وڃان

(بلوچ 2009) 353(ص 341)

هيءَ تحقيق انسان ذات جي هڪ وڏي دور جي فلسفي ۽ فڪر جي ڄاڻ ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي سڄي ڪلام مان وطن دوستي، امن پسندي، انسان دوستي ۽ ٻين انيڪ موضوعن جيڪي اعليٰ انساني قدرن جي چٽائي ڪن، روحاني فڪر جو جوهر بلند ڪن، سنڌ ڌرتيءَ جي سماجي ۽ تاريخي پسمنظر جي حوالي سان لطيفي بيتن معرفت ڄاڻائي پئي.

اها به خبر پوي ٿي ته لطيف سائين ڪالهه، اڄ بلڪه سڀاڻي جو به سنڌ ۽ پوري عالم جو رهنما، رهبر ۽ فڪري سونهون آهي.

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جي لطيف شناسي ملهائتي ليکبي.