بلاگنئون

فقير محمد امين مڱريو (پير پاڳارو  ۽ حُر تحريڪ)

فقير محمد امين مڱريو ھڪ بھادر بي لوث سچو ۽ وفادار منش ۽ بابي جو قربدار دوست ھو.

حرن جي روحاني پيشوا ستين پير پاڳاري روزي ڌڻي شاھ مردان شاھ جو چيف خليفو ھو.

فقير محمد امين  مڱريو جي ڪٽنب سان جيڪو ورھين جو رستو آھي ان کي سندس ڪٽنب جا پويان نڀائيندا اچن.

اڄ سندس ڀائيٽو فقير الياس پنھنجي بيمارين باوجود ويھن ورھن کانپوءِ پنھنجن ٻن نوجوان پٽن فقير ڪريم ۽ فقير حضور بخش ساڻ، مھرباني ڪري دادا (روچي رام) سان ملڻ گھر آيو. بابو به دوست جي گھرڀاتين کي ڏسي بيحد سرھو ٿيو.

فقير محمد امين مڱريو جون يادگيريون الياس فقير جي اچڻ سان تازيون ٿي ويون.

فقير الياس جي گھر اچڻ جو ٻڌي دادا ٩٧ ورھين جي عمر ۾ جسماني ڪمزوريءَ جي باوجود چار ماڙ تان ڏاڪڻن وسيلي ھيٺ لھي آيو ۽ فقير سان ھيٺ وڃي مال ۾ ماني کاڌيسين، خوب ڪچھري ٿي. جماعت ۽ عمرڪوٽ، ڍرونارو، ڇور ۽ تر جي سڄي سنگت کي ياد ڪيائون. ميان عبدل خالق ولھاري، اڪبر مڱريو، قاضي عبد الله، لال مڱريو، علي اڪبر شاھ چيل بند وارو، ترڪو مڱريو، رمضان فقير، ٿر واھ وارو ٻاروچو راڄڙ ۽ سڄي مشترڪ سنگت کي ساري دادا بيحد سرھو ٿيو.

فقير محمد امين مڱريو کي جي ياد ڪجي ته ساڻس گڏ ٧٠ جي ڏھاڪي ۾ سفر ۽ گفتگو جو موقعو مليو. ساڻس ڪچھريون اڄ به يادن ۾ چٽيون آھن.

سنڌ ۾ اڄ جي سياسي ڪينواس تي پيرن ۽ مريدن جو ذڪر شايد دقيانوسي ھجي، ليڪن تاريخ جو علمي ۽ سياسي اڀياس ڪرڻ وارن لاءِ سنڌ جي پيرن جي ھي گادي ١٩ صدي جي شروعات کان ئي انگريز سامراج خلاف بغاوت جو اھڃاڻ ھئي.

بابو (روچيرام)  الياس فقير کي ٻڌائي پيو ته امين فقير کانپوءِ جڏھن جڏھن پير صاحب وٽ ملاقات ۾ امين فقير جو ذڪر نڪرندو ھو ته پير صاحب چپ ۽ ُدکي ٿي ويندو ھو.

دادا پير صاحب جو ڪجھه زمينن جي ڪيسن ۾ وڪيل به ھو. ڪجھه ڪيسن جي پوئيواري ۽ ڪجھه ڪچھري جي خواھش ۾ جڏھن به پير ڳوٺ (خيرپورميرس) وڃبو ھو ته سفر جو بندوبست به فقير امين ڪندو ھو، پر فرق جي روايتن ۽ احترام آڌار اسان کي پير صاحب جي گاڏي کڻندي ھئي ته فقير امين پنھنجي گاڏي ۾ چڙھندو ھو.

منھنجي يادگيرين آڌار پير صاحب جي جنھن بنگلي ۾ اسان رھندا ھئاسين، اھو ان زماني ۾  فقير امين جي جيسلمير جي چوڪي تازو ٺهرايو ھو.

فقير امين مڱري جو ذڪر حر جماعت جي تاريخ، انگريزن خلاف قومي جدوجھد ۾ حرن جي قربانين ۽ پير پاڳاري جي ذڪر کانسواءِ مڪمل نه آھي.

١٨١٨ جو زمانو،  پير سيد محمد راشد شاھ جنھن ڪارڻ راشدي سڏجن ٿا کي اولاد ۾ ٻه پُٽ سيّد صِبغت الله شاھ (اول) ۽ سيّد محمد ياسين شاھ ھئا.

سيّد صبغت الله (اول) کي صاحب دستار هئڻ ڪري پڳ ملي ۽ سيّد محمّد ياسين شاھ کي صاحب علم هئڻ ڪري جھنڊو مليو.

ان ڪري پڳ واري سائين صبغت الله شاھ کي پاڳارو ۽ محمّد ياسين شاھ کي جَھنڊي وارو چيو ويو.

پير صبغت الله شاھ اول 1816 ۾ مُريدن جي جماعت کي مُنظم ڪيو.

انگريزن جي خلاف ان مليٽنٽ جماعت جو نالو حُر تحريڪ پيو، جنھن جو باني سائين صبغت الله شاھ اول بڻيو.

حُرن جي جٿن وڏيون ڪارروايون ڪيون. ٿاڻن تي حملن جي صورت ۾ پوليس ٿاڻا خالي ڪري ويندي ھئي. ١٩٢٢ ۾ صبغت الله شاھ ثاني پير پاڳارو ٿيو.

ھي پير صاحب پھريون دفعو 1929 ۾ ڪجهه ڪيسن ۾ گرفتار ٿيو. جنھن مان ھڪ خون جي ڪيس مان بري ٿيو باقي ٻن ڪيسن ۾ 10 سال سزا ملي.

پير صاحب کي ھندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو ۽ آخر ۾ کيس مدناپور جيل بنگال ۾ رکيو ويو.

ان جيل ۾ اربندو گھوش بنگالي آزادي پسند جنھن 1905 جي بنگال جي ورھاڱي جي خلاف ھٿياربند جھدوجھد هلائي، جنھن ۾ انگريزن جو وڏو جاني مالي نقصان ٿيو ھو.

بنگال ۾ سندس جيل ساٿي سڀ گھڻو ڪري ٻاھر جا پڙھيل ۽ ٽرينڊ گوريلا هئا. پير صاحب جڏھن ان جيل ۾ ويو ته علي پور سازش ڪيس جا ڪجھه جوابدار موجود هئا. پير صاحب انھن جي صحبت ۾ قومي ملڪي ۽ عالمي سياسي صورتحال کي گِھرائي سان سمجھيو.

١٩٣٦  ۾ آزاد ٿيو ۽ ٿوري ٽريننگ ۽ تنظيم کانپوءِ انگريزن خلاف حُرن جون گوريلا جھڙپون شروع ٿيون.

پير صاحب کي 1941 ۾ وري گرفتار ڪيو ويو ۽ ناگپور جيل ۾ رکيو ويو، حُر سخت اشتعال ۾ آيا ۽ پير صاحب جي آزادي لاءِ پُرتشدد ڪارروايون شروع ڪيون. ڪيترن ئي حُرن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. مردن، عورتن ويندي ٻارن کي به جيلن ۾ بند ڪيو ويو.

جنوري 1943 ۾ پير صاحب کي واپس سنڌ گهرائي، سمري ملٽري ڪورٽ سينٽرل جيل حيدر آباد ۾ پيش ڪيو.

مارچ 1943 ۾ مارشلا ڪورٽ پير صاحب کي سزاءِ موت ٻڌائي.

مارچ 1943 تي حيدر آباد سينٽرل جيل ۾ پير صاحب کي ڦاسي ڏني ويئي. لاش وارثن جي حوالي ڪرڻ بجاءِ گم ڪيو ويو، جنھن جي اڄ تائين ڪابه صحيح خبر پئجي نه سگھي آھي.

فقير امين بابي جو سن ھو.

سائين روچي رام، فقير امين مڱريو، پير سائين پاڳارو شاھ مردان شاھ (موجوده پاڳاري جو والد) ۽ ذوالفقار علي ڀٽو چئني جي پيدائش جو سال ساڳيو آھي. جيڪو 1928 آھي، پر بابو انھن کي ياد ڪري چوندو آھي “انھن ۾ جيئرو صرف آئون آھيان”

ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پير سائين پاڳاري شاھ مردان شاھ جي سياسي ناچاڪي ڪارڻ پير صاحب جي چيف خليفي فقير امين مڱريي تيDPR  (ڊفينس آف پاڪستان) جي قانون تحت سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا.

فقير امين مڱريو  کي ١٩٧٣ ۾ ھڪ رات سکر جيل مان ڪڍي اھو چئي ته توھانجي ضمانت ٿي وئي آھي ڪجھه نامعلوم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويو، جن کيس سانگھڙ پوليس حوالي ڪيو. سانگھڙ تر جا ماڻھون چوندا ھئا ته کيس ٻين ڇھن جان نثار حُرن سان گڏ سرڪاري سرپرستي ۾ شھيد ڪيو ويو.

سندس قتل جو ڪيس ڄام صادق علي ۽ علي بخش جوڻيجو تي داخل ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ھو ان ڪري سندس نالو ايف آئي آر ۾ داخل ٿي نه سگھيو. ان وقت سانگھڙ جو ڊي سي امداد الله انڙ ۽ ايس پي شبير ڪليار ھئا. جن تي به حُرن جي قتل ۾ ڀاڳيداري جا ڇنڊا ھئا.

فقير امين مڱريو  جو وڏو ڀاءُ فقير حاجي مير خان مڱريو ان ڪيس ۾ فريادي ھو.

١٩٧٣ ۾ شھادت وقت فقير امين صاحب جي عمر 44 سال ھئي.

1947  ۾ وطن آزاد ٿي ويو، ليڪن حر جماعت تي انگريزن جي لڳايل پابندي جاري رھي.

1953 ۾ گادي بحال ڪئي وئي.

درگاھ طرفان ھڪ خط ذريعي 22 نومبر 1953 ۾ فقير امين مڱريو کي جيسلمير چوڪي جو خليفو مقرر ڪيو ويو. پوءِ کيس ١٢ چوڪين جو چيف خليفو به بڻايو ويو.

چوڪي حر جماعت جو ھڪ انتظامي يونٽ آھي.

١٩٦٥ ۽ ١٩٧١ جي جنگ ۾ حر مجاھدن جي جان نثاري کي ساراھيندي فقير امين کي تمغه شجاعت  ڏنو ويو. ان جان نثاري سبب جيڪي ٻنيون انعام ۾ مليون فقير امين اھي غريب حرن ۾ ورھايون.

انگريزن نازي جرمن جي طرز تي گھيٽوز(Ghetto for Jews) ۽ ڪنسنٽريٽ ڪيمپس (concentrated camps) ٺاھيون ھيون، جن ۾ حرن کي  مکي ڍنڍ ۽ ان جي ٻيلي جي گرد لوڙھن ۾ قيد رکيو ويو ھو.

فقير امين مڱريو فرق جو خليفو ھو. فرق ۽ صالم حُر جماعت ٻه ٽرم استحمال ٿيندا آھن.

فرق جا فقير اھي ھئا جن فرق وڌو، ٽين پاڳاري جي دور ۾ ھڪ مريد غلام نبي لغاري ڪجھه مريدن سان گڏجي فيصلو ڪيو ته پير ۽ مريد ۾ فرق آھي. پير صاحب سان کٽ تي گڏ ويھڻ، کاڌي ۾ گڏ ويھڻ، سفر گڏ ڪرڻ جائز نه آھي، انھي فرق تي عمل ڪرڻ وارن کي فرق جا فقير چيو ويو. فرق جا فقير ان حد تائين اعتقاد ۾ اڳتي ھليا ويا جو سندس مرضي تي عمل نه ڪرڻ وارن مخالفن کي ماري ايندا ھئا.

حرن کي انگريزن سان ويڙھ ڪري پسماندگي ملي کانئن تعليم ۽ روزگار کسيو ويو. انگريزن سان مسلسل جنگ ڪارڻ حُرن ۽ حُر جماعت کي وري اڀرڻ لاءِ مدد جي ضرورت ھئي. فقير امين مڱريو ان ۾ ھڪ تاريخ ساز رول نڀايو.

پير سائين پاڳاري شاھ مردان شاھ جي  دور ۾ فقير امين جو حرن کي وري خوشحالي جي دڳ تي لائڻ ۾ ڪليدي ڪردار رھيو آھي.

***