ويڪسين ڪنھن به بيماري کان اڳ جو بچاءُ ۽ احتياط آھي، ان جو اثر سدائين لاءِ به ٿي سگھي ٿو. ارڙي جي بيماري جيڪا ننڍن ٻارن جو مقدر رھي آھي، جنھن ۾ ٻارن جا مناسب وقت تي مناسب علاج نه ٿيڻ سبب ٻارن جا موت به واقع ٿين ٿا، ان جي ويڪسين به انتھائي موثر آھي، جيڪا بيسڪ ھيلٿ سينٽرن تان مفت ۾ لڳي ٿي، ڪجھ سال اڳ ان ويڪسين جي ملڪ ۾ مرحليوار مھم ھلائي وئي ھئي جنھن جي نتيجي ۾ ارڙي جي بيماري وڏي پيماني تي گھٽجي وئي ھئي. پوليو کان بچاءُ جي ويڪسين جي مھمن جي نتيجي ۾ ملڪ مان پوليو جا ڪيس گھٽجي ويا آھن، نه ته انھن مھمن کان اڳ ھر سال ملڪ ۾ پوليو جي بيماري ھزارين معصوم ٻارن کي ھميشه جي معذوري جو درد ڏيندي رھي ھئي. ايئن ٻين بيمارين جھڙوڪ: تشنج (جھٽڪن) جي بيماريءَ جي به موثر ويڪسين آھي، جيڪا به اي پي آءِ جي پروگرام ۾ شامل آھي، ٻارن کي ٿيندڙ ٽي بي جي ويڪسين بي سي جي به انتھائي موثر رھي آھي. ماتا جي بيماري ڊگھي وقت کان دنيا ۾ ھلي ۽ ان سبب دنيا ۾ 35 ڪروڙ ماڻھو مئا متاثر ماڻھن مان جيڪي بچيا انھن جي منھن ۽ جسم تي ڦٽن جا نشان مرڻ تائين رھيا. مگر اھا بيماري به ويڪسين جي نتيجي ۾ دنيا مان ھميشه لاءِ ختم ٿي وئي آھي. گذريل 50 سالن دوران دنيا ۾ ماتا جو ھڪ به ڪيس نه ٿيو آھي. بيمارين کان بچاءُ جون ويڪسينون موثر رھيون آھن، مگر اسان وٽ ويڪسينن جي باري ۾ آگاھين جون مھمون نٿيون ھلن ۽ تعليم جي گھٽتائي سبب ماڻھن ۾ اھڙي سجاڳي اڃان پيدا نه ٿي آھي جو اھي ويڪسين کي پنھنجو ۽ پنھنجن ٻارن جي تحفظ لاءِ حق سمجھي ان لاءِ وڙھن، ڪرپشن جي ڪري به بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ واري صحت جي اھم شعبي کي ھٿي نه ملي سگھي آھي. دوائن ذريعي علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ دواساز ڪمپنين جي ڪوشش رھي آھي ته ماڻھو بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ واري پاسي کان بي خبر رھن ۽ اھي بيمار ٿين ۽ علاج ڪرائين ۽ دوائن جو ايئن استعمال وڌي، ان ڪري نه رڳو انتھا پسند سوچ وارا طبقا ئي نه، پر صحت جي ڪيوريٽو (علاج ڪندڙ) شعبي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر ۽ دوا ساز ڪمپنيون به پريوينٽو (بيمارين کان احتياط ڪندڙ) شعبي کي ھٿ سان برباد ڪري ويٺل آھن، پريوينٽو شعبي جو ڊاڪٽر اگر پرائيويٽ پريڪٽس ڪندڙ به ھوندو ته اھو ڪيئن چاھيندو ته ماڻھو احتياط ذريعي بيمارين کان بچن، مون ڊاڪٽرن جي ھڪ ڪچھري ۾ انھن جي ان وقت گفتگو ٻڌي ھئي جڏھن ملڪ ۾ ھلندڙ ارڙي خلاف مھم حيدرآباد ڊويزن ۾ ھلي ختم ٿي ھئي. ڊاڪٽرن جو ھڪٻئي کي چوڻ ھو ته ھن سال ارڙي جي بيماريءَ مان ٽڪو به نه ڪمايوسين، جيئن آبادگارن ۽ واپارين جي سيزن ٿيندي آھي ايئن ڊاڪٽرن جون به ڪمائين جون سيزنون ٿينديون آھن. اھي انھن سيزنن جو انتظار ڪندا آھن ۽ مصروف رھندا آھن. مجال آھي جو ڊاڪٽر ڪنھن مريض کي بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ جو ڪو مشورو ڏين. ھنن موضوعن تي ماضيءَ ۾ بيشمار مضمون لکيا ھئم مون سان به ڊاڪٽرن وڏا حشر ڪيا جنھن به اسپتال تي علاج يا ڪنھن مريض کي پڇڻ لاءِ ويندو ھئس ته اڪثر ڊاڪٽر آڱر کڻي چوندا ھئا ته ھي صحافي اسان جي روزگار جي خلاف لکي ٿو، ڏاڍي تڪليف پھچندي ھئي.