هڪ لک G B جي هارڊ ڊسڪ تيار

آمريڪا جي ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ ڪمپني Nimbus Data پاران هن وقت جي وڏي ۾ وڏي گنجائش رکندڙ هارڊ ڊسڪ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جي گنجائش هڪ لک G B آهي. واضح رهي ته هڪ عام يو ايس بي ۾ 8 گيگا بائيٽ جي ڊيٽا ايندي آهي. هن هارڊ ڊسڪ ۾ هڪ لک گيگا بائيٽ جي ڊيٽا اچي سگهي ٿي. هن هارڊ ڊرائيو جو نالو ايگزا ڊرائيو رکيو ويو آهي. ياد رهي ته هڪ ٽيرا بائيٽ ۾ 1024 ميگا بائيٽ هوندا آهن ۽ هن هڪ هارڊ ڊسڪ ۾ G B 102400 جيتري ڊيٽا اچي سگهي ٿي. Nimbus Data جي ترجمان چيو آهي ته في الحال هن ڊرائيو کي 3.5 انچ جي سائيز ۾ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي قيمت اڃان مقرر نه ڪئي وئي آهي. هن کان اڳ چيو پئي ويو ته 2020 تائين 30 ٽيرا بائيٽ جي هارڊ ڊسڪ عام استعمال ٿي رهي هوندي. هن ڳالهه کي سولي انداز ۾ هينئن سمجهائي سگهجي ٿو ته هڪ تصوير جيڪا مناسب ڪوالٽي جي هجي ان جي سائيز هڪ ميگا بائيٽ ٿي سگهي ٿي ۽ هڪ گيگا بائيٽ ۾ اهڙيون هڪ هزار تصويرون اچي سگهن ٿيون ۽ هن هارڊ ڊسڪ ۾ اهڙيون ڏهه ڪروڙ تصويرون اچي سگهن ٿيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *