ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جو جنم 2 مارچ 1962ع اربع 4 رمضان 1379هه تي ڳوٺ دُٻي، تعلقي ميرواهه ضلعي خيرپور ۾ پرائمري استاد حسن بخش جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو، هاءِ اسڪول تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ٺري ميرواهه مان ورتائين انٽر ميڊئيٽ خيرپور ڪاليج مان ڪيائين، سندن پهرين ماسٽر جي ڊگري عربيءَ ۾ آهي، ان کان پوءِ ايم اي سنڌي ۽ ايم اي صحافت ۾ ڪيائين. 1996ع ۾ ايم فل ڪرڻ کانپوءِ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر“ جي عنوان سان خيرپور يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪيائين، پاڪستان اسٽيل ڪيڊٽ ڪاليج مان پرنسپل ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور 2022ع جي مارچ تي رٽائر ٿيو، جسڪاڻي صاحب جا علمي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن، خاص طور يونيورسٽين جي تحقيقي جرنلز ۾ جيئن “سر ڪوهياريءَ ۾ اسلامي قدر” ڪلاچي تحقيقي جرنل 1999ع، “سر آسا جو روحاني راز” ڪلاچي تحقيقي جرنل 2009ع، “شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪي ڪلام ڪا مذهبي پسمنظر” ڪارونجهر (تحقيقي جرنل) ” شاهه عبدالطيف ڀٽائي ڪي ڪلام ۾ توحيد و رسالت“ ڪارونجهر (تحقيقي جرنل) وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ ٻيا مقالا آهن، پاڻ ريڊيو ۽ مختلف ٽي وي چينلز تي به علمي، ادبي اسلامي پروگرام ڪندا رهيا آهن.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر: لطيفي فن جي تحقيق طور هڪ گهڻو گهربل عنوان هو، جنهن تي ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ ڪم ڪري انهيءَ اهم ضرورت جو پورائو ڪافي حد تائين ڪيو آهي
سنڌ ثقافت کاتي پاران 559 صفحن تي 2019ع ۾ ڇپيل ڪتاب جي ايڊٽنگ ۽ پروف ريڊنگ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪئي ، ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگراني ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان مڪمل ٿيل آهي تحقيق بابت ڊاڪٽر نواز لکي ٿو ته ” هيءُ هڪ حقيقت آهي ته شاهه صاحب شريعت جو پورو پابند هو، تنهن ڪري هن پنهنجي ڪلام ذريعي اسلامي قدر چٽيءَ ريت بيان ڪيا، ڇو ته پاڻ قرآن پاڪ ۽ حديث شريف جا عالم هئا. دين جو اهم جزو عقيدو آهي، جيستائين عقيدو درست نه هوندو، تيستائين انسان گمراهه رهندو، ان گمراهيءَ کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين توحيد ان کانپوءِ رسالت جو نه فقط زبان بلڪه دل سان اقرار ڪرڻو آهي، توحيد ۽ رسالت جو مجموعي لوازمات سان اقرار ڪرڻ تمام اهم اسلامي قدر آهي، جنهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به اسلامي نظريي يا قدر جي نشونما ٿيڻ ممڪن نه آهي، شاهه صاحب هڪ وڏو موحد ۽ سچو عاشق رسولﷺ هو، سندس ڪلام ۾ الله تعاليٰ جون صفتون ۽ ڌڻيءَ سڳوري جا بي شمار احسان بيان ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه شاهه جي ڪلام ۾ عشق رسولﷺ جي عنوان تي تمام گهڻا بيت موجود آهن، جيڪي اوهان کي ڊاڪٽر جسڪاڻي جي هن ڪتاب ۾ نظر ايندا“ (ص-14)
هن تحقيق ۾ شاهه لطيف جي فن جو فڪر قرآني آيتن ۽ حديثن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ماخذ طور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالي 8-9 مان بيت ورتل آهن ۽ قران پاڪ جي سنڌي ترجمي لاءِ مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو ترجمو ”رفيع الشان قرآن عظيم“، چونڊيل آهي ان کانسواءِ حديثن جا ڪتاب ۽ ٻيا موضوع سان لاڳاپيل ڪتاب ببليو گرافي ۾ توڻي هر باب جي آخر ۾ حوالن طور ڏنل آهن.
مقالي جي بابن جا عنوان ۽ انهن جا ذيلي عنوان هن ريت آهن، باب پهريون شاهه لطيف جي سوانح عمري جنهن ۾ ولادت، تعليم ۽ تربيت، شاهه صاحب جا دوست ۽ همعصر، رياضت ۽ عبادت، زندگيءَ جا آخري ڏينهن، زندگيءَ جو آخري ڪلام، شجرو مبارڪ، رسول پاڪ جن تائين آهن، باب ٻيو تصوف جو تعارف ۽ تاريخ ۾ لفظ تصوف جي لغوي معنيٰ قرآن ڪريم ۾ ان جو ذڪر، حضورﷺ جن جو لباس، اوني لباس بابت تاريخي روايت، اسلامي تصوف، تصوف جو مقصد، تصوف ۽ قرآن، تصوف ۽ حديث جبرائيل عليه السلام، احاديث نبويه، تصوف ۽ صوفيا ڪرام، عهدِ رسالت ۾ صفه وارا صوفي، قرآن ڪريم ۾ (صوفي صفت) اصحابِ صفه جي باري ۾ آيل، فرمانِ خدا وندي، تصوف اولياء الله ۽ صوفيا ڪرام جي نظر ۾ تصوف جا روحاني عمل، تصوف جا روحاني سلسلا، اولياءَ الله جو مقام ۽ مرتبو، سنڌ ۾ اسلامي تصوف جي ابتدا. باب ٽيون، شاهه لطيف ڀٽائي ۽ تصوف آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام ۾ تصوف جي جهلڪ، شاهه لطيف ۽ وحدت الوجود، شاهه جي ڪلام ۾ تصوف جو مقصد، شاهه جي ڪلام ۾ صوفياڻو فڪر، شاهه جي ڪلام ۾ شريعت آهن، باب چوٿون شاهه لطيف جي دور ۾ سنڌ جي حالتن جو اڀياس آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سماجي، سياسي، اقتصادي، علمي، ادبي ۽ مذهبي حالتن سان گڏ مذهبي تعليم تي بحث ڪيل آهي، باب پنجون سنڌ باب الاسلام ۾ سنڌ عرب تعلقات (قديم شهادت) نورِ محمديءَ جو ظهور ۽ سنڌ، جنت جي خوشبو (هوا) سنڌ ۾ اسلام جي آمد، فاروقي خلافت جي دور ۾ سنڌ ۽ هند تي جهاد متعلق روايت ، حضرت عثمان جي دور ۾ سنڌ تي حملو، حضرت عليءَ جي دور ۾ سنڌ تي ڪاهه، حضرت امير معاويه جي دور ۾ سنڌ تي ڪاهه، اسلامي قدر، صحابه ڪرام سنڌ ۾، علمِ حديث ۽ سنڌ، سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت ۽ مدرسا، سنڌ جي تهذيب تي اسلامي اثر آهن، باب ڇهين جو عنوان آهي سنڌي ٻولي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو نظريو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نظريو، سراج الحق ميمڻ جو نظريو، ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نظريو، سنڌي ٻوليءَ تي اسلامي اثر، سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ صورتخطيءَ تي عربي زبان جو اثر آهن، منهنجي خيال مطابق هن طويل مقالي ۾ جيڪڏهن باب ڇهين کي ختم ڪري ان جون فقط ٽي هيڊنگ پنجين باب جي آخر ۾ رکجن ها ته بهتر هو، سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، سنڌي ٻوليءَ تي اسلامي اثر ۽ سٽاءُ ۽ صورتخطيءَ تي عربي زبان جو اثر وارو احوال ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي ۽ باب پنجين کي به مختصر ڪرڻ ضروري هو)
ستون ۽ ان کان پوءِ جا باب خاص موضوع سان سلهاڙيل آهن، ستون باب شاهه عبدالطيف جي ڪلام ۾ ذاتِ باري تعاليٰ، ۾ الله جو ڪلام، توحيد ۽ اسماء الحسنيٰ، شرڪ جي نفي، الله تعاليٰ تي ايمان، الست وارو واعدو، مشڪل ڪشائي ڪندڙ ۽ حاجت روا، قادر ۽ قدير، خالق ۽ مالڪ، رزق ڏيندڙ (رزاق)، رهبر ۽ رهنما، تقدير، مڪمل علم رکندڙ، الله جي حاڪميت، الله تعاليٰ جو ذڪر، الله جي محبت، الله قريب آهي، الله جي رحمت، الله جي نعمت، پردي پوشي ڪندڙ، شفا ڏيندڙ آهن، اٺون باب، پياري نبيءَ شفيع المذنبين جي باري ۾ آهي، جنهن جو عنوان آهي، شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ حضور اڪرم جي ذات مبارڪ هن باب ۾ رسول الله جي اطاعت، محبت، هجرت، شان مبارڪ، معراج، شفاعت اصحاب سڳورا، رحمت اللعالمين، خاتم النبين، اهلبيت آهن، نائين باب شاهه عبدالطيف جي ڪلام ۾ عبادت ۽ بندگي جا ذيلي عنوان الله جي عبادت ۽ بندگي، پرهيزگاري (تقويٰ) نماز، روزو، ننڊ جي نفي ۽ تهجد، توبهه، حمد ۽ ثنا، دُعا، قرباني ۽ عشق، صدقو ۽ خيرات، خدمتِ خلق آهن، ڏهون باب شاهه جي ڪلام ۾ اخلاق ۽ ڪردار تي محيط آهي، جنهن ۾ حُسنِ خلق، سچائي، همدردي ۽ صله رحمي، اتحاد ۽ اتفاق، درگذر، نيڪي، وطن جي محبت، آئي جو آڌر ڀاءُ، رحم ۽ ڪرم ڀائيچارو، عاجزي ۽ انڪساري، جدوجهد، صبر ۽ شڪر، قناعت ۽ ڪفايت ۽ توڪل آهن، يارهون باب شاهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ انساني معاملات ۾ حلال روزي ۽ مزدور جي عظمت، خودشناسي، چڱي ۽ بري سنگت، سيرت ۽ صورت جو فرق، سامونڊي سفر ۽ تجارت، موسمي حالت آهن، ٻارهين باب شاهه جي ڪلام ۾ انساني اخلاقي خامين جي ذڪر ۾ حسد ۽ ڪينو، تڪبر، لالچ ظلم، گلا ۽ غيبت، ڪوڙ، ذخيري اندوزي ۽ گناهن جو ذڪر آهي، تيرهين آخري باب ۾ شاهه عبدالطيف جي ڪلام ۾ دنيا ۽ آخرت ۾ دنيا جي زندگيءَ جو مقصد، دنيا فاني، ڪراما ڪاتبين، دنيا مومن لاءِ قيد خانو، دنيا واري زندگيءَ جو خاتمو (موت) قبر، قيامت، حشر جو ميدان، عملن جي تور ۽ اعمال نامون، حشر جي ميدان ۾ عضون جي شاهدي، بخشش ۽ مغفرت، جنت ۽ دوزخ آهن،
هيٺ موضوع کي سمجهڻ لاءِ ڪتاب مان حوالا ڏجن ٿا.
”سنڌ ۾ مذهبي تعليم جو طريقو عام اسلامي روايتن مطابق هو، ابتدائي تعليم ڄڻ ته زبان سان ٻڌل هئي….“. ”قرآن ڪريم کي الهامي ۽ آفاقي پيغام هئڻ سان گڏ دين اسلام جي بنيادي ماخذ جي حيثيت پڻ حاصل آهي، اهوئي سبب هو جو حضرت شاهه لطيف هر وقت پاڻ سان قرآن ڪريم رکندو هو، جنهن جو اثر سندس ڪلام تي نمايان طور تي نظر اچي ٿو“ (صه 124)
هن تحقيق جو اصل مقصد لطيف سائينءَ تي اسلام دين جو اثر ۽ قرآن شريف ۽ حديثن جي مڪمل معلومات آهي جا لطيف سرڪار پنهنجي ڪلام وسيلي سنڌي قوم تائين آندي جا فقط شاعريءَ تائين محدود ناهي بلڪه هو هڪ سچو مسلمان ۽ دين جو پيروڪار هو جنهن رب پاڪ سان محبت ۽ پياري نبيءَ سان عقيدت کي پنهنجي حياتيءَ جو مڪمل محور بڻائي سنڌي قوم وٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ شوق ۽ ذوق سان پيش ڪئي، اهڙي رچاءُ سان شعر چيو جو اڄ تائين انهيءَ کان ڪوبه انڪاري ڪونهي ته ڪو شاهه لطيف جي ڪلام تي دين اسلام جو اثر ناهي.
ليکڪ لکي ٿو ته، ”شاهه لطيف ڪلام الاهيءَ جي عظمت ۽ ان جي حق جي وضاحت ڪندي ارشاد فرمايو آهي ته ”قرآن ڪريم کي پڙهڻ سان گڏ ان کي ساهه سان سانڍڻ ۽ ان تي عمل به ڪرڻ گهرجي ۽ ايئن نه ڪرڻ سان انسان گنهگار ٿيندو:
پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوهه چڙهن، جئن ورق ورائين وِترا.
رب ڪريم پاران به قرآن پاڪ ۾ اها وضاحت فرمايل آهي ته قرآن تي غور ۽ فڪر ڪرڻو آهي ۽ ان کي پنهنجي دل (قلب) ۾ اختيار ڪرڻو آهي. (عربي)
ترجمو: ڇا قرآن ۾ ڌيان نه ڪندا آهن يا سندين دِلين تي انهن جا قفل (تالا) لڳل آهن.
ڀٽائيءَ جو پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾، وارو بيت هن آيت سڳوريءَ جو منظوم ترجمو محسوس ٿئي ٿو“ (ص 166)
الله قريب آهي جي حوالي سان جسڪاڻي صاحب شاهه لطيف جي ڪلام ۽ قرآن پاڪ مان مثال ڏيئي سمجهائي ٿو ته، ” شاهه لطيف الله تعاليٰ سان عشق رکندڙ ٻانهن کي ڏس ڏئي ٿو ته رب پاڪ جي ذات با برڪات جي ڳولا لاءِ هيڏي هوڏي هٿڙا هڻڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، ڇو ته رب پاڪ پاڻ اهو ڏس ڏنو آهي ته پنهنجي اندر نفس ۾ نهار ته توکي محبوب حقيقي ملي ويندو.
هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوه پرياڻ،
ونحن اقرب اليه من حبل الوريد، تنهنجو توئي ساڻ،
پنهنجو آهين پاڻ آڏو عجيبن کي“
شاهه سائين قرآن ڪريم مان جيڪا آيت پيش فرمائي آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ انسان جي پيدائش، نفس جي ڪيفيت ۽ انسان سان پنهنجي قربت کي هن ريت بيان فرمايو آهي.
ڏٺو وڃي ته نفس ئي آهي جو انسان جو دشمن ۽ سڄڻ ثابت ٿئي ٿو لطيف سرڪار جو سمورو ڪلام انسان ذات جي بهتريءَ لاءِ آهي، سيد سڳوري دين جي هر اسلامي ۽ اخلاقي قدر کي اهميت ڏيندي ۽ بداخلاقين ۽ انساني ڪمزورين کي ننديندي کين دوستاڻي انداز ۾، پنهنجائپ ۾ قرب سان هڪ هڪ انساني خوبيءَ ۽ خاميءَ کي وضاحت سان مثالن سان ڄاڻايو آهي، ڊاڪٽر جسڪاڻي انهيءَ مان ڪيترائي مثال حوالن طور آندا آهن، سوين قرآني آيتون، حديثون ۽ اوليائن جا قول انيڪ بيتن سان گڏ ڏيئي موضوع کي کولي سمجهايو آهي، فقط تهجد جي عبادت، سجاڳي ۽ ننڊ جي نفيءَ تي لطيفي بيتن سان گڏ 12 قرآني آيتون بلڪل موضوع جي چٽائيءَ لاءِ سهڻائيءَ سان آيل آهن، ڊاڪٽر صاحب جو عربي زبان تي عبور آهي، سندن ايم فل جو مقالو پڻ ”سنڌي زبان تي عربيءَ جو اثر“ جي عنوان سان آهي، قرآن پاڪ ۽ حديث جي علم جي ڄاڻ هئڻ ڪري سندن بيتن جي چونڊ ۽ لاڳاپيل آيتن جي سمجهاڻيءَ تي داد ڏيڻو پوي ٿو.
اسلامي قدرن ۾ توحيد ۽ رسالت جي زباني ۽ دِلي اقرار ۽ عمل سان گڏ انساني اخلاقي قدرن جي اهميت اُتم آهي، قرباني، خيرات، چڱائي، نيڪي، سچائي، همدردي، درگذر، محبت ۽ ٻيون انيڪ خوبيون آهن، جن کي ڀٽ ڌڻيءَ الله تعاليٰ جي حڪمن جي حوالي سان بيتن ۾ آندو آهي، ڊاڪٽر عبدالرحمان لکي ٿو ته،
”ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي نزديڪ به رحم، ڪرم ۽ ٻاجهه جو مرڪز ارحم الراحمين رب پاڪ جي ذات بابرڪات آهي ان ڪري هو بذاتِ خودبارگاهه الاهيءَ ۾ هٿڙا کڻي ٻاجهه لاءِ ٻاڏائيندو نظر اچي ٿو.
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
ري ٿنڀين ري ٿوڻيين، تون ڇپر تون ڇانءَ،
ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪا.
شاهه سائين رب ڪريم جي پاڪ نالي جي عظمت سان سندس ٻاجهه يعني رحم ۽ ڪرم کي تشبيهه ڏني آهي، شاهه سائين ٻاجهاري رب کان ٻاجهه لاءِ ٻاڏائي انسان ذات جي به رهنمائي فرمائي آهي ته ٻاجهه رحم ۽ ڪرم لاءِ فقط ۽ فقط ارحم الرحمٰين رب کي ٻاڏائڻ گهرجي، بارگاهه الاهيءَ مان به انسان کي ٻاجهه لاءِ رب ڪريم کان ٻاڏائڻ جي رهنمائي ملي ٿي جيڪا هن ريت آهي،
ترجمو: اي اسان جا پالڻهار پاڻ وٽان اسان کي ٻاجهه عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي لاءِ چڱائي ڪر“ (صه 433)
الله تعاليٰ جي طرفان رحم، ٻاجهه ۽ عنايتون عطا ٿيڻ سان ئي حياتيءَ جي سرخروئي آهي، جنهن جو پهريون رستو خوف آهي، جنهن کي خوف خدا آهي اهو خدا جي خوف ۾ پنهنجي نفس تي قابو رکي ٿو ۽ پاڻ نه ٻين سان بي رحميءَ واري هلت ڪري ٿو ۽ نه ئي ٻين جا حق غصب ڪري ٿو، الله پاڪ انهن تي رحم نٿو ڪري جيڪي ٻين تي رحم نٿا ڪن، دِل جي نرمي، درگذر، معاف ڪرڻ ڀائيچاري جون ضرورتون آهن، سماج تڏهن ترقي ڪري سگهندو جڏهن هڪٻئي لاءِ سهپ جي سگهه قائم هوندي، هن تحقيق معرفت ڊاڪٽر صاحب لطيف سائينءَ جي ڪلام مان موضوع مطابق بهترين بيتن جي چونڊ ڏني آهي ۽ لاڳاپيل موضوع جي وضاحت قرآن پاڪ جي آيتن ۽ ترجمي سان ڏيئي ڄاڻايو آهي ته ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام ”جي توبيت ڀانيان سي آيتون آهن“ جي دعويٰ تي مڪمل طور پورو لهي ٿو، سندن پنهنجي زندگي اسلامي اصولن سان ڀريل ملي ٿي، هن ڌرتيءَ واسين کي ڄاڻايو آهي ته اعليٰ اخلاقي قدرن تي عمل ڪري پنهنجي محبوب حقيقيءَ جو قرب ۽ رضا حاصل ڪريو. ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جي هيءُ تحقيق لطيف شناسيءَ ۾ ملهائتي ليکبي.