حيدرآباد: ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا
حيدرآباد جي احتساب عدالت بيورو آف ڪريڪيولم ڄامشورو جي فنڊز مان 738 ملين رپين جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ريفرنس ۾ نامزد سمورن 6 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدارن ۾ پيربخش سمون ڪلارڪ، محبوب هاليپوٽو اڪائونٽنٽ ۽ مشتاق شيخ ۽ الله بچايو ٽريزري آفيس جا ملازم به شامل هئا.جوابدارن ۾ مظفر سمون ۽ مستنصر سمون به شامل آهن، سمورن 4 سرڪاري ملازمن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سالن لاءِ نااهل ڪيو ويو آهي.

