بلاگنئون

اين آئي سي وي ڊي جهڙا ادارا وقت جي اهم ضرورت

تحرير: ضمير وسطڙو

27 ڊسمبر تي صبح جي وقت مون کي دل جي تڪليف محسوس ٿي، ان سلسلي ۾ مان نوشهروفيروز جي مشهور ڊاڪٽر حاڪم علي جوکيو جي ڪلينڪ پهتس جتي ڊاڪٽر صاحب منهنجو چيڪ اپ ڪرڻ کانپوءِ جلد کان جلد اي سي جي ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ۽ اهو پڻ چيائين ته مهرباني ڪري پنڌ نه ڪجو منهنجي خيال ۾ ته ڊاڪٽر صاحب منهنجي بيماري کي سمجهي چڪو هو، بس صرف تسلي ڪرڻ لاءِ اي سي جي ڪرائڻ جو چيائين. ٻي ڳالهه ٻڌائڻ وسري وئي ته جنهن وقت ڊاڪٽر صاحب منهنجو بلڊپريشر چيڪ ڪيو ته تمام گهڻو وڌيل هو. خير مان رڪشا ۾ چڙهي سول اسپتال نوشھروفيروز پهتس، جتي اي سي جي ڪرائي ان ۾ خبر پئي ته دل جو ميجر اٽيڪ ٿيو آهي. ان دوران مون پنهنجي شاگرد ۽ سئوٽ ڊاڪٽر شاهنواز وسطڙو سان مشورو ڪيو، جنهن فوري طور تي مون کي سيوهڻ وڃڻ جو مشورو ڏنو ۽ اهو سختي سان چيو ته ڏهن منٽن ۾ اوهان نوشهروفيروز مان نڪري وڃو سندس مشوري تي عمل ڪندي تڪڙ تڪڙ ۾ سيوهڻ لاءِ نڪري پياسين. رات جو لڳ ڀڳ ڏهين وڳي اين آئي سي وي ڊي سيوهڻ پهچي وياسين کين نوشھروفيروز اسپتال جو ريفرنس ليٽر ۽ اسد ليبارٽري مان ڪرايل ٽيسٽ ڏيکاري جيئن ئي اين آئي سي وي ڊي جي عملي منهنجون رپورٽون ڏٺيون، بس سيڪنڊن ۾ منهنجي ڪار تائين اسٽريچر کڻي آيا، ان ۾ ويهاري مون کي بيڊ تي پهچايو ويو، تڪڙيون رت جون ٽيسٽون ۽ اي سي جي به ٿي وئي، بلڊپريشر جو پٽو لڳائي ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ڪيو ويو، جنهن کي عملو مانيٽر ڪندو رهيو.

مون جڏهن اين آئي سي وي ڊي ۾ موجود سهولتون ڏٺيون ته يقين ڄاڻو ته مان حيران ٿي ويس. جڏهن هر طرف پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف ڪرپشن جون ڪهاڻيون عروج تي ھجن، اتي غريب عوام لاءِ جديد سهولتن سان آراسته هڪ بهترين انسٽيٽيوٽ سنڌ لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، اهو سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ نئون هو، اهو به هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي ڪرپشن جو ذڪر عام خاص هجي.

خير اچون ٿا اصل ڪهاڻيءَ تي ته مون کي سموري رات آبزرويشن ۾ رکڻ کانپوءِ آچر 28 ڊسمبر تي دل جي سرجري ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ان کان پھريان ٻيهر منهنجون سڀ ٽيسٽون ڪيون ويون جن جو تعداد لڳ ڀڳ ڏھ جي قريب هوندو، جنهن ۾ شگر ٽيسٽ، گردن جي ٽيسٽ، هيپاٽائيٽس جي ٽيسٽ هيموگلوبن سي. بي. سي وغيره شامل هيون. ان کانپوءِ منهنجو بلڊپريشر چيڪ ڪري ڏھ کان مٿي گوريون هڪ ئي وقت کارائي مون کي اسٽريچر تي سمهاري او ٽي ۾ پهچايو ويو، جتي ٻه ڊاڪٽر ۽ چار کان پنج ٽيڪنيشن اڳئي موجود هئا. ڳالھه کي کٽائڻو ته تقريبن ٽن ڪلاڪن تائين منهنجي سرجري جاري رهي. پهريائين اينجيئوگرافي ڪئي وئي، ان کانپوءِ اينجيئوپلاسٽي ڪئي وئي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پهريائين مون کي 10CC  جون انجيڪشنز لڳايون ويون. اينجيئوپلاسٽي جو مطلب آهي ته منهنجي ساڄي ٻانهن جي رڳ مان ٽي عدد تارون ڪراس ڪرائي دل جي بند ٿيل نالين تائين پهچايون ويون، جيڪو انتهائي تڪليف ڏيندڙ عمل محسوس ٿي رهيو هو ۽ اهو سمورو عمل مان ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڏسي رهيو هئس جيڪو تمام عجيب منظر پيش ڪري رهيو هو. ان دوران مون کي ڊاڪٽر صاحبان چيو ته توهان الله تي يقين رکو الله پاڪ شفا ڏيڻ وارو آهي. خير ڊاڪٽرن جي وڏي جدوجهد سان منهنجا ٽئي وال کلي ويا جن ۾ اسٽنٽس لڳايا ويا ۽ مون کي مبارڪون ڏئي او ٽي کان ٻاهر آندو ويو. ان سموري عمل ۾ منهنجو ٻچڙو شاهزيب ضمير اتي ٻاهران انتهائي پريشاني واري صورتحال ۾ منهنجي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو، جڏهن مون تي نظر پيس ته سندس اکين مان مون کي خوشي جي چمڪ نظر آئي. جلدي جلدي اچي منهنجي مٿي تي هٿ رکيائين، خوشي سندس چهري تي عيان هئي. مون کي بيڊ تي شفٽ ڪيو ويو ۽ وري اي سي جي ڪئي وئي ۽ ٻيون ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون. هن سموري روداد جي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته مان پيپلزپارٽي جي حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کان مايوس آهيان، پر جيڪو ڪم صحت جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪيو ويو آهي، اهو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نظر ڪونه ٿو اچي. ها روڊ رستا ٺهيا آهن، ٻين صوبن ۾، پر سڀ کان پهريائين انسان جي صحت هوندي آهي. جيڪڏهن اوهان جي صحت صحيح آهي ته اوهان کي هر شيءِ مزو ڏيندي آهي، تڏهن ته چيو ويندو آهي ته “جيءَ خوش ته جهان خوش.”

هاڻي اين آئي سي وي ڊي سيوهڻ جي عملي جي ڪارڪردگي تي اچون ٿا. مون کي اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿو لڳي ته هتان جو عملو انتهائي بااخلاق هر وقت موجود رهڻ وارو جيڪڏهن مان ائين چوان ته پنهنجي گهر جي ڀاتين کان وڌيڪ خيال رکن ٿا ته غلط نه ٿيندو. سرجري کانپوءِ چوويهه ڪلاڪ پنهنجي نگراني هيٺ رکي مون کي عزت احترام سان اجازت ڏني وئي ۽ بار بار اها تلقين ڪندا رهيا ته سائين پنهنجو خيال رکجو، دوائون وقت تي استعمال ڪندا رهجو، کائڻ پيئڻ جو خاص خيال رکجو.

خير سان اسپتال مان نڪري گهر لاءِ روانا ٿياسين. مون سان گڏ منهنجو ڀاءُ بشير حسين وسطڙو، نويد احمد وسطڙو ياسر عرفات وسطڙو ۽ منهنجو فرزند شاهزيب پڻ گڏ هئا. هن سموري ڪهاڻي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته مان سنڌ ۾ اهڙي وڏي نعمت ڏيڻ تي پيپلزپارٽي جي سرڪار کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. اهڙا صحت جا ادارا سنڌ ۾ قائم ڪري هنن غريب عوام کي جيڪا سهولت ڏني آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال ڪونه ٿو ملي. بنا سفارش بنا رپئي جي خرچ ڪرڻ جي هيڏي وڏي سهولت ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي. آخر ۾ مان سنڌ حڪومت کي عرض ڪندس ته نوشهروفيروز ۾ پڻ اهڙو انسٽيٽيوٽ قائم ڪري هتان جي ماروئڙن کي به اها سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي. ڇو ته صحت هزار نعمت آهي ۽ اها نعمت هر انسان جو بنيادي حق آهي.