خاص

ڪراچي ايڪسپريس کي باهه: 7 ڄڻا سڙي فوت

ٽنڊو مستي ريلوي اسٽيشن ويجهو ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي  کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن. فوتين ۾ 4 ٻارڙا ۽ 2 عورتون به شامل آهن، جڏهن ته سڙي فوت ٿيل ٽن ٻارڙن ۽ ٻنهي عورتن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان  آهي. بوگي کي باهه لڳڻ بعد پوليس، ريسڪيو ٽيمون ۽ آرمي جا جوان واقعي واري هنڌ پهتا. فوتين جا لاش خيرپور اسپتال منتقل.