بلاگنئون

31 مارچ: فيض محمد فيض حيدري رح جي ورسي

ادب جي افق تي ڪجھه نالا اهڙا به اڀرن ٿا، جيڪي لفظن سان رڳو اظهار نٿا ڪن، پر احساسن، فڪر ۽ فلسفي سان زماني جي ڍانچي کي جنجهوڙي ڇڏين ٿا. اهڙن ئي نالن مان هڪ نالو فيض محمد فيض حيدري جو آهي. هڪ اهڙو اديب، شاعر، استاد، خطيب ۽ روحاني شخص، جنهن جي شخصيت روشنيءَ جي ان مشعل وانگر هئي، جيڪا پاڻ ته سڙندي رهي، پر ٻين لاءِ اجالو ڪري وئي. فيض حيدري 2 اپريل 1922ع تي ٽنڊو حيدر، ضلعي حيدرآباد، سنڌ جي هڪ علمي، روحاني ۽ بااخلاق گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس پيدائش صرف هڪ انسان جي دنيا ۾ اچڻ نه هئي، پر اها علم، ادب ۽ فڪر جي واٽ تي هلندڙ مستقبل جي هڪ جوت هئي. قوميت جي لحاظ کان ڪيريا خاندان سان تعلق رکندڙ فيض حيدري جي رڳ رڳ ۾ فڪر، سچائي ۽ سادگي سمايل هئي. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌي ڪورس پاس ڪيو. علم جي خدمت لاءِ پاڻ استاد جي مقدس پيشي جي چونڊ ڪئي. هڪ اهڙو پيشو جيڪو پيغمبري شان رکي ٿو. آخر تائين پاڻ پھريان ٽنڊو غلام حيدر ۾ 1951 کان 1959 تائين بطور پرائمري استاد ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر طور ڪم ڪندي، نسلن جي تعمير ۾ پنهنجو اڻٿڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو. سندس تربيت يافته شاگرد اڄ به علمي ۽ ادبي ميدانن ۾ نالو روشن ڪري رهيا آهن. فيض حيدري رڳو استاد نه، پر هڪ سچو اديب به هو. هن جو قلم روح جي رڙ، دل جي دانهن ۽ سماج جي سچائيءَ جو آئينو هو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هن پنهنجو ادبي سفر شروع ڪيو، جنهن جي سفرنامي ۾ ڪيترائي قلمي ستارا محفوظ آهن. سندس ٻه اهم ڪهاڻين جا مجموعا: “فرياد عورت اوڇنگارون” (1953ع) ۽ هڪ شاعراڻو مجموعو “ڪليات فيض حيدري” اڄ به سنڌي ادب جي خزاني جو حصو آهن. سندس لکڻين ۾ عورت جي پيڙا، سماجي ناانصافيون، عشق جي اجهي ۽ روحانيت جي روشني کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. فيض محمد فيض حيدري پنهنجي حياتي جي آخري ڏهاڪن ۾ صوفياڻي فڪر ۽ روحاني جذبن ۾ ڳڙڪيل رهيو. چاليهن سالن جي عمر کانپوءِ، هو دنيا جي شوروغل کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري، خدا جي ياد، انسان جي درد ۽ شاعريءَ جي سچائيءَ ۾ محو ٿي ويو ۽ مجرد زندگي گذاريائين. ڇاڪاڻ ته هو ظاهر کان وڌيڪ باطن جو مسافر هو. هن جي شخصيت قلندري، هن جي گفتگو نرم ۽ هن جي نگاهن ۾ هڪ اهڙو نور هو، جيڪو دلين ۾ محبت جا ڏيئا ٻاري ڇڏيندو هو. ادبي دنيا ۾ سندس مقام بلند رهيو. هو بزمِ طالب موليٰ جو تاحيات صدر رهيو. مخدوم طالب موليٰ ۽ مولانا غلام محمد گرامي جهڙن عظيم فڪرن سان سندس خط و ڪتابت جا سلسلا هلندا رهيا. علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو هو. فيض حيدري جي نالي تي اڄ به سندس ڳوٺ ٽنڊو حيدر ۾ ڪيترائي ادارا هلن پيا: فيض آباد ڪالوني، فيض آباد ڊسپينسري، ادبي تنظيم، بزم فيض حيدري، فيض سائنس اڪيڊمي، اهي ادارا صرف عمارتون نه، پر سندس خيالن، علم ۽ خدمتن جا جيئرا جاڳندا يادگار آهن.

31 مارچ 1968ع جو سج هڪ عام شام وانگر لهي نه سگهيو، اها شام سنڌ جي ادب لاءِ ماتم جو پيغام کڻي آئي. فيض محمد فيض حيدري صرف 46 سالن جي عمر ۾ هي فاني جهان ڇڏڻ جو سفر طئي ڪيو. هڪ اهڙو شاعر، جيڪو روئڻ کي اظهار بڻائي ويو، هڪ اهڙو استاد، جنهن نسلن کي سجايو ۽ هڪ اهڙو انسان، جنهن لاءِ مرڻ معنيٰ ختم ٿيڻ نه، پر نئين حيثيت سان زنده رهڻ آهي. سندس شعر سندس اندر جي عالم جو ترجمان هو:

وئي روئڻ ۾ رات گذري، ڏينھن گذريا منجھه ڏکن

آ اکن ڪيئڙي سدا، اختر شماري آءُ سگھو. (فيض حيدري)

فيض محمد فيض حيدري جو نالو ادب، انسانيت ۽ روحانيت جي ان شعور سان جُڙيل آهي، جيڪو وقت جي وهڪري سان به نه لٿو آهي. سندس وڃڻ سان سنڌي ادب جو هڪ چمڪندڙ تارو لڏي ويو، پر سندس لفظن جي روشني اڃان به ماڻهن جي دلين ۾ سوجهرو ڪري رهي آهي. هو پنهنجي نظم ۾ چئي ويو هو:

نٿيون هن ڳوٺ جون ڳالهيون، سٺيون مون کان ٿين سھڻا

هتي جي هل ڪنان هليا هلون هڪدم هوا ٿي پئون

فيض جو جسم ته هوا ٿي ويو، پر سندس فڪر، سندس شاعري، سندس تربيت، اڄ به سنڌ جي مٽيءَ ۾ زنده آهي. جيئن چمن ۾ خوشبو زنده هوندي آهي، بنا نظر ايندي. ٽنڊو حيدر جي اَبر آلود فضائن ۾ جيڪا نوراني ڇانوَ عرصي تائين ڦهلبي رهي، اها ڪنهن عام فقير جي نه هئي؛ اهو سندس نالو فيض حيدري هو. اهو نالو، جنهن ۾ محبت، دلڪشي، ڪرامت ۽ علم جو اوج جو آفتاب بڻيو. فيض حيدري جي شخصيت جو اهڙو جادو هو، جو سندس شاگرد ۽ مريد زمانن تائين سندس ياد ۾ سرشار رهن ٿا. سندس خاص شاگردن مان سائين سليمان پرهياڙ، شاعر سائين محمد علي ڪيريو، شاعر سائين خان محمد چانڊيو، سگھڙ حاجي سوڍو کوسو، سائين ابراهيم پنھور ۽ شاعر ڪي ڊي پرھياڙ ۽ ڪيترائي ٻيا به شامل هئا، جيڪي سندس تربيت جا جاندار مثال هئا. انهن شاگردن جا هي نالا تاريخ جي ورقن ۾ لکيل لفظ نه، پر فيض جي رسائي، محبت ۽ روحاني اثر جا ثبوت آهن. فيض حيدري موڪلن ۾ رڳو آرام نه ڪندو هو، بلڪه ڪنهن پير وٽ، ڪنهن بزرگ جي مزار تي، ڪنهن ٻاهرئين بستي ۾، ڪنهن خانقاھه ۾ رات بسر ڪندو هو. انهن سفرن ۾ سندس روحاني ترتيب، فڪر جي تازگي ۽ دعا جي ڪيفيت وڌندي رهي. سائين جو گهر لفظي خانقاھه هو. ڇاڪاڻ ته ڪتابن جون ديوارون، فڪر جا صفا ۽ مطالعي جي سڪ سندس دنيا هئي. جمعي جي نماز کانپوءِ رتل پير، سوارين، فقير، مسافر، دانشور، معصوم ماڻهن ۽ بزرگن جون قطارون سائين حيدري جي آستاني تي اکين جي روشنيءَ وانگر اچڻ لڳنديون هيون. ملاقاتين جي خدمت، کارائڻ ۽ پيار ڏيڻ جو ڪم ننڍڙي احمد علي ڪيريو جي ذمي هوندو هو. اهڙي تربيت جنهن ۾ خدمت، احترام ۽ محبت گڏجي پيا. سائين جي زبان ۾ جاذبيت ۽ اثر هو، سندس ڏسڻ ۾ حسن ۽ نور هو ۽ سندس مزاج ۾ شفقت ۽ سادگيءَ جو سوز هو. هڪ دفعو ملڻ وارو، سندس مريد، خدمتگار ۽ مجاور بڻجي ويندو هو.

31 مارچ 1968 سائين حيدري جي وفات ڪو عام سانحو نه هو؛ اهو اهڙو خال هو جنهن کي وقت به ڀري نه سگهيو. اخبارن، نئين زندگي ۽ مھراڻ رسالن ۾ ايڊيٽوريل ڇپيا علم ۽ ادب ۾ سندس وڃڻ کي نقصان ۽ سماجي ميدان ۾ خالي جاءِ سڏيو ويو. وڏا ڏاها، عالم، شاعر، دانشور، عقيدتمند ۽ مريد سائين جي در تي عذرخواهي لاءِ آيا. خاص طور سائين طالب المولى جو نه ڇڏڻ وارو تعلق. سائين طالب صاحب سندس اچانڪ وفات تي ڏاڍو ڏکارو ٿيو. فيملي سميت فاتحه لاءِ آيا، قبر مبارڪ تي دعا لاءِ هٿ کڻي بيٺو. ڪا دعا ڪا التجا، پر هر لفظ ۾ محبت ۽ فڪر سان گڏ اها حسرت هئي ته: “هڪ اهڙو چراغ وسامي ويو، جنهن جي روشني ڪيترائي گهر روشن ڪندي رهي.” آخري سٽون دعا ۽ سلام: “فيصلو قلم جو نه آهي، فيصلو تقدير جو آهي.”  فيض جي حياتي امانت هئي ۽ سندس تذڪرو روشني. رب پاڪ سندس قبر کي جنت جو باغ بڻائي، سندس درجات بلند ڪري، سندس خدمت، محبت ۽ علم کي صدقه جاريه بڻائي (آمين). هزارين سلام فيض جي روح تي.

غزل

قضا قابو ڪيو قسمت بلاتو ٿيو بدن منھنجو

قلعي ۾ ٿي ڪريان ڪوڪون سڻي من ڪو سخن منھنجو

ٻڏا ٻيلا ٻنيون ٻارا گھرن پاسي پيا گھارا

اٿيا ڪنڊن کان ڪڪر ڪارا

وٺو اڄ پڻ وطن منهنجو.