بلاگنئون

مصنوعي ذھانت (Artificial intelligence) جا فائدا ۽ نقصان

ٽيڪنالاجي جديد دور جي اھم ضرورت آھي، جنھن پٺيان ڊوڙندي انسانن کي فائدن سان گڏ ڪيترن ئي نقصانن کي به منھن ڏيڻو ٿو پوي. اھي ڏينھن پري ناھن جو ھر ڪم لاءِ ھي ھٿرادو ٺاھيل مشينون انسانن جي جاءِ والارينديون. جديد ٽيڪنالاجي ھن دور جي انسان جي واڌ ويجھ جو اھم حصو آھي. مصنوعي ذھانت مشين ذريعي سکيا وٺڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو ھڪ قسم آھي. مصنوعي ذھانت جي لفطي معنيٰ ماڻھن جي ٺاھيل سوچ جي وسعت آھي. مصنوعي ذھانت ڪمپيوٽر سائنس جي ھڪ شاخ آھي، جنھن ۾ اسين ذھانت جون مشينون ٺاھي سگھون ٿا. مصنوعي ذھانت سولي ٻولي ۾ اھڙين مشينن ٺاھڻ جي سائنس آھي جيڪي انسانن وانگر سوچي سگھن، مسئلن جو حل ڳولي سگھن، ڏکيا فيصلا ڪري سگھن، گھڻي تعداد ۾ مليل معلومات تي عمل ڪري ۽ ٻين ڪيترن ئي مونجھارن جو تدارڪ ڪرڻ، جن ۾ شطرنج کيڏڻ وارن ڪمپيوٽر پروگرامن کان وٺي پاڻھئي ھلندڙ گاڏين تائين شامل آھن. نقلي ذھانت جديد ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ھڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي جيڪو ھاڻي ھڪ قائم ٿيل جديد ٽيڪنالاجي جو ميدان آھي. مصنوعي ذھانت مليل معلومات تي عمل ڪرڻ لاءِ مختلف الگوردم کان مدد وٺڻ، کيس گھربل معلومات اھڙي طرح فراھم ڪرڻ جو ھو انساني صلاحيتن جي نقل ڪرڻ جن ۾ ڳالھائڻ، سکڻ، ٻڌڻ، ارادو ڪرڻ شامل آھن. مصنوعي ذھانت جي نقصانن ۽ فائدن تي غور ڪرڻ کان اڳ نقلي ذھانت جي تاريخ تي نظر وجھڻ ضروري آھي. نقلي ذھانت جو بنياد 1950 ۾ھڪ انگريز رياضي دان ايلن ٽيورنگ جي مضمون ”ڪمپيوٽنگ مشينري اينڊ انٽيليجنس“ جي ڇپجڻ سان قائم ٿيو. مضمون ذريعي ھن ھڪ سوال اٿاريو ته ڇا مشينون سوچي سگھن ٿيون؟ انھي سوال کي سائنسي بنياد تي جاچڻ لاءِ ھن ايلن ٽيسٽ ڊيولپ ڪيو. ايلن ٽيسٽ جي نتيجن ثابت ڪيو ته اھو درست آھي ته جيڪڏھن مشينن کي گھربل معلومات ڏني وڃي ته ھو انسانن وانگر سوچي سگھن ٿيون. مصنوعي ذھانت کان ڪم وٺڻ لاءِ سڀ کان اڳ انھي مسئلي کي جنھن کي اوھان حل ڪرڻ چاھيو ٿا تنھنجي جي شناخت ڪرڻ ضروري آھي، صحيح معلومات کي گڏ ڪري ڪمپيوٽر کي سڄي گھربل معلومات ۽ ھدايتون ڏئي مسئلي کي حل ڪرائڻ ۽ الگوردم ٺاھڻ شامل آھن. ڪمپيوٽر الگوردم ۾ جڏھن گھربل معلومات وڌي ويندي آھي يا فيڊ ٿيندي آھي جنھن ۾ پروگرامنگ لينگويجز جيڪي انھي پروگرام کي ٺاھڻ واري جون لکيل ھونديون آھن، اھي ڪمپيوٽر کي پھچائڻ ته جيئن ھو ڪمپيوٽر کي ھدايتون ڏئي ته ھو مليل معلومات کي پروسيس ڪري ھٿرادو يا مصنوعي ذھانت جا ڪيترائي فائدا آھن، جن ۾ ھن جا معقول ۽ فھم ڀريا فيصلا ڪرڻ، اڻٿڪ ڪم ڪرڻ، بغير ڪنھن غرض ۽ لالچ جي انساني ذھني مونجھارا حل ڪرڻ شامل آھن. ڪنھن به ڳالھ جي حد کان وڌيڪ گھڻائي نقصانڪار آھي. مصنوعي ذھانت سائبر ڪرائم ۾ واڌ آڻي ڇڏي آھي، جن ۾ ڪنھن ايپ کي استعمال ڪرڻ وقت جڏھن يوزر پاس ورڊ جي ڪيز پريس ڪري ٿو ته ھٿرادو ذھانت سان ھيڪر پاس ورڊ معلوم ڪري سگھي ٿو. ماھرين مصنوعي ذھانت جو ھڪ سافٽويئر ٺاھيو پوءِ زوم ۽ سافٽويئر تي ڪال رڪارڊ ڪري سافٽويئر جي سپرد ڪئي ھن تجربي مان ثابت ٿيو ته فون ڪال جي رڪارڊنگ جي دوران 95 فيصد پاس ورڊ ڪيز کي سافٽويئر صحيح سڃاتو. مصنوئي ذھانت جي وڌندڙ استعمال ماڻھن جي بيروزگار ٿيڻ جو خطرو وڌائي ڇڏيو آھي. چيٽ جي پي ٽي مصنوعي ذھانت جو ھڪ قسم آھي. جيڪو قدرتي ٻولي تي عمل ڪري انسانن وانگر ڳالھ ٻولھ کي تخليق ڪري سگھي ٻين لفظن ۾ اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اسين ڪنھن مشين سان نه بلڪه ڪنھن انسان سان ڳالھ ٻولھ ڪري رھيا آھيون. چيٽ جي پي ٽي شاگردن ۾تمام تيزي سان مقبول ٿي وئي آھي ۽ شاگرد پنھنجون اسائنمينٽس پنھجي ذھن جي مدد سان ٺاھڻ بجاءِ چيٽ جي پي ٽي کان تيار ڪرائن ٿا. چيٽ جي پي ٽي جو شاگردن ۾ وڌندڙ استعمال استادن ۽ تعليمي ماھرن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. ڇاڪاڻ ته چيٽ جي پي ٽي تان ڪاپي پيسٽ اسائنمينٽ ڏنل ٽاپڪ تي سندن علم ۾ ڪنھن جوڳي اضافي جو سبب يقينن ڪونه ٿيندي. ھي انسانن جي سھل پسندي- ايندڙ نسلن لاءِ ڪٿي سندن ذھني اوسر ۾ ڪمي جو باعث نه ٿئي. ويجھڙائي ۾ ڇپجندڙ بل گيٽس جي مصنوعي ذھانت تي لکيل بلاگ ”ايندڙ پنجن سالن ۾ مصنوعي ذھانت غير تصوراتي حد تائين اسان جي زندگين کي چار طريقن سان بدلائي ڇڏيندي“، بل گيٽس مطابق آئندہ پنجن سالن ۾ اسان وٽ پنھنجا ذاتي مصنوعي ذھانت تي مشتمل اسسٽنٽس يا ايجنٽس ھوندا جيڪي اسانجن ڪنن ۾ مستقل آواز جي صورت ۾ اسانکي زندگي ۾ درپيش ھر مونجھاري جنھن ۾ ٻارن کي موڪلن ۾ ڪٿي گھمائڻ گھرجي کان وٺي دوستي کي ڪيئن قائم رکجي تائين جا حل ٻڌائيندا. مصنوعي ذھانت جو ايجنٽ مصنوعي ذھانت جي سافٽ ويئر جو ھڪ قسم آھي جيڪو استعمال ڪرڻ واري جي مھيا ڪيل ٻولي ۽ معلومات تي عمل ڪري ڪيترائي ڪم سرانجام ڏيندو. گيٽس مطابق اسان مان ڪيترائي مستقل ڪنن ۾ ايئربڊ پائي گھمندا جنھن سان ضرورت پوڻ تي مشورو ڪندا ۽ ھدايتون وٺندا. ٽيڪنالاجي ڪيتري به ترقي ڪري، پر ڏاھن انسانن جو اھو يقين آھي ته انسانن جون ھٿرادو ٺاھيل مشينون جيئرن جاڳندڙ انسانن جو نعم البدل نٿيون ٿي سگھن.
***