خراب پاڻِي جي معاملي تي وڏو وزير عدالت ۾ پيش
ڪالهه اربع جي ڏينهن سپريم ڪورٽ سامهون گهرايل سنڌ جي وڏي وزير عدالت کي چيو ته هو سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي کي حل ڪندو پر ان لاءِ ڪجهه وقت گهرجي، اهڙي ڏس ۾ هن چيو ته صوبي ۾ 726 پلانٽ لڳايا ويندا جنهن ذريعي خراب پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ فلٽر ڪيو ويندو. ان کان علاوه 23 ضلعن ۾ پاڻي کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ليبارٽريون به لڳايون وينديون جنهن لاءِ 105 ملين رپيا (ڏهه ڪروڙ پنجاهه لک رپيا) منظور ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ 41 سيڪڙو ماڻهو نلڪي جو پاڻي استعمال ڪن ٿا، 33 سيڪڙو ماڻهو هينڊ پمپ جو پاڻي استعمال ڪن ٿا، 11 سيڪڙو موٽر پمپ ۽ 4 سيڪڙو ٽيوب ويل جو پاڻي واپرائين ٿا. هن عدالت ۾ پيش ٿيل ڊاڪيومينٽري بابت چيو ته هن ڪيس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال کي غلط رخ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، صورتحال ايتري به خراب ڪونهي جيتري ٻڌائي وئي آهي. هن چيو ته رپورٽن مطابق پوري ملڪ جا 69 سيڪڙو ماڻهو خراب پاڻي پي رهيا آهن ۽ سنڌ کي ئي صرف اڪيلو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي. هن اهو به ٻڌايو ته پاڪستان ڪائونسل ريسرچ ان واٽر رسورسز ۽ منسٽري آف سائنس جي رپورٽن مطابق پنجاب 69 سيڪڙو، ڪي پي ڪي 47 سيڪڙو، بلوچستان ۽ سنڌ 81 سيڪڙو خراب پاڻي پيئن ٿا. صوبي ۾ بند پيل واٽر پلانٽن جو تعداد 953 آهي، جنهن لاءِ هن 4.9 ارب رپيا منظور ڪري ڇڏيا آهن.

