سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ چنگچي رڪشا عوامي ٽرانسپورٽ جو اهم ذريعو بڻجي ويا آهن. سستو ڀاڙو، آساني سان دستيابي ۽ تنگ رستن ۾ هلڻ جي صلاحيت سبب هيءَ سواري عام ماڻھن لاءِ لڳ ڀڳ ھر ڳوٺ، روڊ تي ھڪ وڏو سهارو آهي، پر ساڳئي وقت، بي ضابطگين، اوورلوڊنگ، بغير رجسٽريشن گاڏين ۽ نابالغ ڊرائيورن سبب چنگچين جي ڪري ٽريفڪ حادثا ۽ شهرن ۾ بي ترتيبي وڌي رهي آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته چنگچي رڪشائن بابت واضح ضابطا نه رڳو لاڳو ڪيا وڃن، پر انهن تي سختي سان عمل به ڪرايو وڃي.
چنگچي رڪشائن جي قانوني رجسٽريشن ۽ ڪمرشل مقصدن لاءِ پرمٽ لازمي ھجڻ گھرجي جيڪا اڃان تائين لاڳو ناھي ٿي. سنڌ موٽر ويھيڪل آرڊيننس 1965ع ۽ لاڳاپيل ٽريفڪ قاعدن تحت هر پبلڪ سروس گاڏي لاءِ باقاعده رجسٽريشن، روٽ پرمٽ، فٽنيس سرٽيفڪيٽ، ٽيڪس ۽ ٽوڪن جي ادائگي لازمي ڪيل آهي، جن قاعدن تي ٽڪي جو به عمل نٿو ڏسجي. ڪيترن علائقن ۾ اڻ رجسٽرڊ چنگچيون هلنديون نظر اچن ٿيون، جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي سان گڏ سيڪيورٽي لاءِ به خطرو آهن، ڊرائيور لاءِ لائسنس ۽ عمر جي شرط چنگچي هلائڻ لاءِ، انتھائي ضروري قاعدا آھن، جن تي به ڪو عمل نٿو ٿئي. مستند ڊرائيونگ لائسنس، گهٽ ۾ گهٽ مقرر ڪيل عمر 18 سال، ٽريفڪ قاعدن جي مڪمل ڄاڻ به، ضروري آهي. نابالغ يا غير تربيت يافته ڊرائيور نه رڳو پنهنجين، پر ٻين جي زندگين لاءِ به 24 ڪلاڪ وڏو خطرو رھن ٿا. چنگچي رڪشا محدود سيٽن لاءِ ٺهيل هوندا آهن، پر عملي طور لالچ سبب مقرر گنجائش کان وڌيڪ مسافر ويهاريا وڃن ٿا. اوورلوڊنگ سبب انھن جو بيلنس خراب ٿئي ٿو، بريڪ ناڪام ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو، ان سان حادثن جو امڪان وڌي وڃي ٿو. ڪجھه سال اڳ ماتلي شھر ۾ ھڪ اوور لوڊ رڪشو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري، ڪينال ۾ ڪريو، نتيجي ۾ ھڪ ئي فيملي جا 12 ماڻھو ٻُڏي ويا، جن مان 6 کي بچايو ويو ۽ 6 جا لاش ڪڍيا ويا، ھڪ پاڙي جي ھڪ ئي گھر مان 6 لاشن جو قطار ۾ نڪرڻ وارو خوفناڪ منظر جن جن ڏٺو انھن کي اڄ تائين نٿو وسري. حڪومت کي گهرجي ته سيٽن جي حد مقرر ڪري واضح هدايتون جاري ڪري ۽ ڀڃڪڙي تي ڏنڊ ۽ چنگچي کي بند ڪرڻ جهڙا قدم کنيا وڃن.
روٽ پرمٽ جو قاعدو، اسٽاپ جو نظام به لازمي ھجڻ گھرجي ته جيئن شھرن ۾ ۽ روڊن تي ھڪ ئي وقت ضرورت کان وڌيڪ رڪشا نه بيھي سگھن ۽ نه ڊوڙي سگھن، بي ترتيب اسٽاپ ۽ هر هنڌان سواري کڻڻ يا لاهڻ ٽريفڪ جيم جو ھر شھر ۾ اهم سبب بڻجي رھيو آهي. مقامي ٽرانسپورٽ اٿارٽي کي مخصوص روٽس، مقرر اسٽاپ، رڪشائن جا سڃاڻپ نمبر ۽ رنگ ڪوڊ جو نظام لاڳو ڪرڻ گهرجي، جيئن شهري نظم و ضبط برقرار رهي. رڪشائن جي فٽنيس به اھم معاملو آھي، ان تي به عمل ٿيڻ گھرجي، ڪيترن ئي چنگچي رڪشائن جا سائيلنسر ڦاٽل ۽ انجڻ ڪمزور ھجن ٿا جيڪي دونھن ڇڏين ٿا، گوڙ وڌي ٿو ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ کان غير محفوظ ھجن ٿا، انھن جي فٽنيس چيڪنگ لازمي ۽ باقاعده ٿيڻ گهرجي ته جيئن ماڻھن جون زندگيون محفوظ رھن ۽ ماحولياتي آلودگي گهٽجي، ايئن ميڪينڪل خرابين سبب به حادثا روڪيا وڃن.
اصل چيلينج ۽ مسئلو صرف قانون ٺاهڻ جو ناهي، پر انھن تي عملدرآمد جو ان کان وڌيڪ آهي. ٽريفڪ پوليس ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي کي بنا فرق ۽ سفارش جي چنگچي رڪشائن تي سمورا قانون لاڳو ڪرڻ گهرجن، ڇو ته انساني جانين جي تحفظ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به مسئلو نٿو ٿي سگھي. ساڳئي وقت ڊرائيورن کي تربيت ڏجي ۽ ٽريفڪ رولز بابت آگاهي مهم به هلائڻ گهرجي ته جيئن هو قانون کي بار نه، پر ذميواري سمجهن. اڄ ڪلھه روڊن ۽ شھرن ۾ ڊوڙندڙ رڪشائن ۾ لائوڊ اسپيڪرن جو غلط استعمال ھڪ نئون سماجي مسئلو بڻجي ويو آھي. رڪشائن جي ڇتين تي به لائوڊ اسپيڪر لڳل نظر اچن ٿا، شھر ھجي يا ٻھراڙي جا روڊ رڪشائن ۾ لائوڊ اسپيڪرن جو غلط استعمال ھڪ وڏو شغل ۽ شوق ٿي ويو آھي. اھڙا رڪشا 24 ڪلاڪ لائوڊ اسپيڪرن جي ذريعي موسيقي وڄائيندا ۽ ماڻھن جون ننڊون خراب ڪندا رھن ٿا، آذان ۽ نماز جو خيال به نٿو رکيو وڃي، نه ئي درسگاھن ۾ جاري تعليم جو. آزاريندڙ موسيقي رڪشائن ۾ وڄندي رھي ٿي. لائوڊ اسپيڪر جو ايئن غلط استعمال ڏوهه آھي، جنھن جون جيل ۽ ڏنڊ جون سزائون به مقرر آھن، پر اسان جي پياري پوليس اختيار ھوندي به اھڙن معاملن تي ڪارروايون نٿي ڪري، جنھن سان بيشمار مسئلا وڌي رھيا آھن. چنگچي رڪشا عوام جي سستي سواري جي اھم ضرورت آهن، پر ضرورت جي نالي تي بي ضابطگي قبول نٿي ڪري سگهجي. جيڪڏهن حڪومت واضح پاليسي، سخت عملدرآمد ۽ عوامي آگاهي تي ڌيان ڏئي ته چنگچي رڪشا محفوظ، منظم ۽ ڪارآمد ٽرانسپورٽ جو حصو بڻجي سگهن ٿا. شهري سماج، ڊرائيور ۽ اختيارين سڀني کي گڏجي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته روزگار جو هي ذريعو انساني جانين، ماحول ۽ سُڪون لاءِ خطرو نه بڻجي، پر محفوظ سهولت جو وسيلو ثابت ٿئي.