انساني اوسر صرف مادي نه، پر نفسياتي به ٿي آھي، اھوئي سبب آھي جو ھر دور ۾ رھڻ سھڻ جي انداز سان گڏ صحيح ۽ غلط جا معيار به مٽجندا رھيا آھن. ھر گذرندڙ پل بدلجندڙ دنيا جي نويد آندي آھي. ھر مٽجندڙ تاريخ سان گڏ ايندڙ نئون ڄاول ٻار پاڻ سان گڏ ھڪ نئين سوچ کڻي دنيا ۾ اک کولي آھي. ٻڌڻ جي صلاحيت ھجي يا ڳالھائڻ جو انداز، سمجھڻ جي قوت ھجي يا سوچڻ جي قابليت ھر نئين نسل جا اعصاب گذريل نسل کان مضبوط ۽ نوان قدر جوڙيندڙ آھن. رت جا رشتا ھجن يا ھم اثر دوست، رشتهءِ ازدواج ھجي يا پيشوراڻه تعلقات، اعتقاد جي جوڙ ھجي يا پيار جا پيچ سمورا ناتا ھر دور ۾ نون معيارن سان گڏ سامھون آيا آھن. مادي ترقي اسان جي اعصابن تي اثر انداز ٿئي ٿي ۽ اسان جا اعصاب اسان جي احساسن جي زيردست رھن ٿا ۽ اسان جا احساس وري اسان جي زبان جا محتاج ھوندا آھن. اھوئي سبب آھي جو مٽنجندڙ دنيا سان گڏ اسان جا احساس ڦيرو کائيندا آھن ۽ اسان جي احساسن جي ترجماني لاءِ وري اسان جي زبان اندر نوان محاورا وجود وٺندا آھن.
پيار ۽ محبت هميشه انساني سماج ۾ اهم موضوع رهيا آهن، پر وقت گذرڻ سان گڏ محبت جا معيار، طريقا ۽ اظهار جا انداز بدلجي ويا آهن. اڄ جي نسل لاءِ محبت صرف هڪ جذبو نه رهي، پر هڪ سماجي، نفسياتي ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل تجربو بڻجي چڪي آهي. نئين نسل جا تعلقات گذريل دور جي قديم روايتن کان مختلف آهن. نئين نسل اندر رومانوي ۽ جذباتي ڪشش سان گڏ آزادي، انفراديت ۽ سوشل ميڊيا جو اثر پڻ اهميت رکي ٿو. نئين نسل ٽيڪنالاجيڪل انقلاب سان گڏ دنيا ۾ اک کولي آھي. سندن اسٽيٽ آف مائينڊ يعني نفسياتي حالت پنھنجي تعلقات کي ڪھڙي نظر سان ڏسي رھي آھي. سندن ميل ملاقات جا احساس ۽ جذبا ڪھڙي ڪيفيت ۾ مبتلا آھن. مناسب سمجھيم ته نوجوانن جي قانوني طور رشتهءِ ازدواج ۾ ڳنڍجڻ کان اڳ، جڙندڙ تعلقات جو ڇيد ڪريان. جيئن نئين ٽھي پنھنجي جذبن ۽ احساسن جي نتيجي ۾ جڙندڙ محبت جي محاورن کي سمجھي ۽ رواج ۾ ايندڙ الفاظن جو صحيح استعمال ڪندي محبت جا نوان معيار جوڙي. اڄ جي نوجوانن لاءِ محبت صرف هڪ جذبو ناهي، پر هڪ سماجي ۽ نفسياتي تجربو بڻجي چڪو آهي.
موجودہ نسل جا تعلقات ۽ طريقهءِ اظھار گذريل دور کان گهڻو مختلف آهن. ھو پنهنجي جذبات کي ظاهر ڪرڻ ۾ آزاديءَ کي پسند ڪن ٿا ۽ تعلقات ۾ به هڪ جهڙائي کان وڌيڪ انفراديت کي اهميت ڏين ٿا، يعني تعلق هجڻ باوجود هر شخص پنهنجي شخصيت، شوق ۽ زندگيءَ جي انداز ۾ آزادي چاهي ٿو. گذريل دور ۾ تعلقات ۾ سماجي ۽ خانداني پابنديون اهميت رکنديون هيون، جڏهن ته اڄ جو نسل جذباتي سمجهوتي ۽ هڪٻئي جي عزت تي زور ڏيندو آهي. اڄ جي دور جي محبت جسماني يا ظاهري ڪشش تائين محدود نه رهي آھي، پر اھا احترام، برابري، اخلاقي ۽ جذبات جي عنصرن سان مشروط ڪئي وئي آھي. تعلقات ۾ انهن جو زور صرف جسماني ڪشش تي نه، پر گڏيل احترام ۽ ٻئي جي جذبات جي سمجھه تي ھوندو آهي. گذريل نسل رابطي جي وٿيءَ سبب محبت جو عام فھم سمجھڻ ۾ وقت لڳائيندو ھو. جڏھن ته سوشل ميڊيا، چيٽ ايپس ۽ آن لائين ميٽنگز محبت ۽ ويجهڙائي جا نوان ۽ تڪڙا طريقا متعارف ڪرايا آھن. اھوئي سبب آھي جو اڄ جو نوجوان پنھنجا رومانوي تعلقات جوڙڻ کان اڳ ھڪ مضبوط دوستيءَ تي ٻڌل لاڳاپا اڻڻ چاھيندو آھي.
نوجوانن جو پاڻ ۾ جڙيل رشتو ڪھڙي نوعيت جو آھي، انھن کي سمجھڻ لاءِ اڄ جا والدين پريشان ھوندا آھن. ڇاڪاڻ ته سندن زماني ۾ صرف ٻه ئي رشتا ھوندا ھئا، ھڪ ڀاءُ ڀيڻ ۽ ٻيو زال مڙس جو، ھنن ڪنھن به ٽئين رشتي جي وجود کي نه قبوليو ھو. سئوٽ، ماسات، پڦاٽ ۽ ماروٽ به پاڻ ۾ شاديءَ کان اڳ ڀاءُ ڀيڻ جي رشتي سان ئي جڙيل رھندا ھئا. ڀاءُ ڀيڻ جي رشتي کان علاوہ مائٽ ڪنھن به تعلق کي بدڪاريءَ جو لاڳاپو سمجھندا ھئا. موجودہ ٽھي رسمي رشتا جڙڻ کانسواءِ به ويجهڙائي ۽ جذباتي لاڳاپا رکندي آھي. ڪيترائي لاڳاپا اھڙا به آھن جيڪي صرف ھڪ ملاقات بعد آن لائين تعلقات تائين محدود رھن ٿا ته ڪڏهن اھي احساس سوشل ميڊيا تي شروع ٿي، اتي ئي اختتام پذير ٿين ٿا. آئون چاھيندس ته ھن نسل جي تعلقات بابت جڙيل اصطلاح اوھان سان ونڊيان ۽ انھن جي مختصر وضاحت به ڪندو ھلان، جيئن اسان کي انھن تعلقات جي تاڃي پيٽي جي خبر پئجي سگھي. ھن مضمون ۾ اسين انھن لاڳاپن کي تعلقات جي درست خاني ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ نئين نسل جي عشق ۽ تعلقات جي معيار، اصطلاح، رويي ۽ جديد رجحانن تي تفصيلي نظر وجھنداسين.
دوست (فرينڊ) تمام قديمي ۽ مضبوط رشتو آھي، جيڪو اڄ جي مھذب معاشري ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ جڙڻ ھڪ عام ڳالھ آھي. اھا دوستي جيڪا ڪنھن به رومانوي لاڙي کان مٿبري ۽ احساس ۽ خيال رکڻ واري جذبي سان جڙيل ھجي. مرد ۽ عورت وچ ۾ اھڙو تعلق ڪنھن تعليمي اداري ۾ پڙھڻ، ڪم ڪرڻ يا گڏ رھڻ واري صورت ۾ جڙي سگھي ٿو، جنھن کي صرف فرينڊ يا دوست جو نالو ڏنل ھوندو آھي. جيئن ته پنھنجو سماج اوسر نه ڪري سگھيو آھي ان ڪري اسان وٽ اڃان نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي دوستي واري رشتي جي وجود جو تصور به ڪونھي. ان رشتي کي اسان جو معاشرو سري کان ئي رد ڪري ٿو.
بواءِ فرينڊ يا گرل فرينڊ B/G Friend جو اصطلاح ڇوڪريءَ جو نوجوان ساٿي ۽ ڇوڪري جو نوجوان ڇوڪريءَ سان رومانوي ۽ جذباتي تعلق سان جڙيل آھي. مگر ان رومانوي رشتي کي فزيڪل لاڳاپن سان ڳنڍڻ وارو خيال بلڪل به درست نه آھي. اھو اصطلاح ان طئي ٿيل واعدي سان ڪم ڪندو آھي ته ان تعلق ۾ جسماني لڳ لاڳاپا رکڻ ڪار نه آھي. نئين نسل جا گهڻا تعلقات اڳ ۾ مضبوط دوستيءَ تي ٻڌل هوندا آهن. اهي چاھيندا آھن ته ھو پنھنجي ساٿي کي چڱي طرح سمجهن، ساڻن وقت گذارين ۽ پوءِ فزيڪل ٿين. اسان جو معاشرو ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي اھڙي رشتي کي اخلاقي قدرن جي خلاف ۽ بدڪاري جي ذمري ۾ آڻي ٿو، جڏھن ته مغربي معاشرن ۾ اھو رشتو سماجي حلقن ۾ عام رشتن وانگر متعارف ڪرايو ويندو آھي. رومانوي اثر ھيٺ گذرندڙ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري جي دوستي رشتهءِ ازدواج سان منسلڪ ٿئي، اھو ضروري ھوندو آھي ۽ نه ئي ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري وچ ۾ ڪو اھڙو واعدو (ڪمٽمينٽ) ھوندي آھي. ورجاءُ کان بچڻ واسطي اھو لکڻ ضروري ڪونھي ته ان لاڳاپي کي اسان جو معاشرو ڪھڙي نظر سان ڏسي ٿو.
بواءِ يا گرل فرينڊ B/G Friend with Relationship چاهين ٿا ته ھو فزيڪل تعلق ۾ رھي، پنهنجون ذاتي آزاديون برقرار رکن ۽ رشتهءِ ازدواج ۾ ٻڌجڻ کان اڳ فزيڪل ٿي پنھنجي رشتي کي سنجيدگيءَ سان توري تڪي ڏسن. اڄ جو نسل اولاد پيدا ڪرڻ واري رشتي ۾ اچڻ کان پھرين چاھيندو آھي ته گڏ رھي ھڪٻئي جي نفسياتي پيچيدگين، عادتن ۽ فطرت کان واقفيت حاصل ڪري، سندن رومانوي زندگي ڪيترو متاثر ٿئي ٿي، پاڻ ۾ فزيڪل ٿي ڏسن ته سندن شادي ڪرڻ ۽ ھميشه گڏ رھڻ واري ڪمٽمينٽ ڪٿي غلط فيصلو ته ڪونھي؟ ھي رشتو ٻن جسمن جي سنجيدگي تي ٻڌل ھوندو آھي، ان ۾ اعتبار ۽ اعتماد جو عنصر ڀرپور انداز سان ظاھر ڪيو ويندو آھي. مغربي معاشرن ۾ ان قسم جي رشتي کي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي، جڏھن ته اسان جي معاشري ۾ ان جي قبوليت جو سوال اڃان پيدا نه ٿي سگھيو آھي.
دوستيءَ تي ٻڌل رومانوي تعلقات يعني Friends with Benefits هي تعلق ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ وچ ۾ مرضيءَ وارو ۽ غير سنجيدہ ھوندو آھي، ھن تعلق ۾ رومانوي وابستگي، واعدا ۽ مستقبل ۾ گڏ رھڻ جي ڪابه رٿابندي نه ھوندي آھي. ان لاڳاپي اندر ڇوڪرو ۽ ڇوڪري فزيڪل ته ھوندا آھن، پر سندن تعلقات جذباتي احساسن کان بالاتر ھوندا آھن. جڏھن ته اھي ھڪٻئي جي تعلق کي بواءِ يا گرل فرينڊ جو نالو ڏيڻ کان انڪاري ھوندا آھن. سندن تعلق کي عام زبان ۾ ايف ڊبليو بي FWB جو نالو ڏنو ويندو آھي. ايف ڊبليو بي جو مقصد ھڪٻئي جي فزيڪل ضرورت کي پورو ڪرڻ ۽ موجودہ وقت کي مزيدار ۽ ذائقيدار بنائڻ ھوندو آھي. ڊگهي فاصلي جا تعلقاتLong Distance Relationship يعني ايل ڊي آر وارو تعلق پنھنجي عنوان مان ئي ظاھر آھي، اھڙي قسم جو تعلق سوشل ميڊيا جي ذريعي ئي جڙندو آھي، اھو تعلق نه جٽادار ھوندو آھي ۽ نه ئي ان تعلق ۾ فزيڪل رليشنشپ جي ڪا گنجائش ھوندي آھي. ھي تعلق پيشاوراڻه مھارتن جي بنياد تي به جڙي سگھي ٿو ۽ ھم خيال دوست جي حيثيت سان به جاري رکي سگھي ٿو. مگر اھڙو تعلق ڊگھي عرصي تائين جاري رھي ۽ ان ۾ جذباتي ۽ رومانوي عنصر شامل ٿي وڃن ته ان ۾ ڦيرو به ممڪن آھي ۽ ڪيترائي ايل ڊي آر جي بنياد تي جڙيل تعلق ھڪٻئي سان رشتهءِ ازدواج ۾ به جڙي ويندا آھن. اھڙن ڪيسن ۾ ٻين شھرن، صوبن توڙي ملڪن منجھان به آيل عورت يا مرد پاڻ ۾ ملي رشتهءِ ازدواج ۾ ڳنڍجي ويندا آھن.
سچوئيشنشپ Situationship يعني اڻ ڄاتل رومانوي تعلق، اهو لاڳاپو جيڪو نه مڪمل تعلق آهي، نه مڪمل دوستي؛ هڪ غير رسمي، اڻڄاتل رومانوي حالت کي سچوئيشنشپ چيو ويندو آھي. ھي تعلق جذباتي ويجھڙائي به آھي ته عزت ۽ احترام جو رشتو به آھي. ھن تعلق کي ٻنھي ڌرين طرفان سمجھڻ جي ڪوشش ته ڪئي ويندي آھي، مگر ذھن ان ۾ اڳڀرائي ڪرڻ واري نفسياتي حالت ۾ نه ھوندو آھي، گويا دل ۽ دماغ اندر ڪشمش رھندي آھي. ھي تعلق سوشل ميڊيا سان جڙيل رھندو آھي ۽ ملاقاتن تائين پھچي نه سگھندو آھي.
روحاني ساٿي Soulmate هي لاڳاپو غير رسمي، اڻڄاتل ۽ گھرائي رکندڙ تعلق ھوندو آھي. اھڙي تعلق ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ھڪٻئي جي سوچ، جذبات ۽ نفسيات کي بھتر نموني سمجھندا آھن. سولميٽ ھڪ اھڙي شخصيت ھوندي آھي، جنھن سان اسان جي ڪيميسٽري ملندي آھي ۽ ان سان ذھني، جذباتي ۽ روحاني سطح تي مڪمل ميل کائيندا آھيون. ھي تعلق ڊگھي مدت لاءِ ھوندو آھي ۽ زندگي ڀر قائم رهي سگهي ٿو. ھي رشتو خودشناسي پيدا ڪندو آھي ۽ روحاني تعلقات ۾ جڙيل رھندو آھي.
بينچنڱBenching يعني اٽڪائي رکڻ، ھي تعلق پنھنجي اصطلاحي معنيٰ ۾ واضح آھي. ھي رشتو عام طور تي فون، چيٽ يا سوشل ميڊيا ذريعي ڊگھي عرصي تائين ھلندو آھي. جيتوڻيڪ ان تعلق ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ٻنھي جي مڪمل رضامندي شامل ھوندي آھي، مگر ان ۾ ڪو ھڪ ڄڻو ٻئي کي تعلق ۾ به رکندو آھي، پر ھن سان مڪمل رومانوي يا سنجيدہ وابستگيءَ ۾ اچڻ کان به پاسو ڪندو آھي. اھوئي سبب آھي جو ان تعلق کي اٽڪائي رکڻ وارو لاڳاپو چيو ويندو آھي. گهڻو ڪري ھي تعلقBackup option يا “Reserve” جي طور تي هوندو آهي، جتي اھو شخص توهان کي گهڻو وقت تائين انتظار ۾ رکي ٿو، پر سنجيدہ قدم نٿو کڻي. ھي تعلق ڏاڍو مونجھاري وارو يعنيConfusing هوندو آھي. جنھن ۾ ٻنھي ڌرين کي انتظار ڪريو ۽ ڏسو Wait & Watch واري صبر آزما وقت مان گذرڻو پوندو آھي.
فلرٽFlirt نرم مزاحيه انداز ۽ زو معنيٰ الفاظن سان ويجهڙائي جي اظھار ڪرڻ کي فلرٽنگ چيو ويندو آھي. فلرٽ ڪرڻ وارو انداز نھايت ئي دلچسپ ۽ وڻندڙ ھوندو آھي. ڇوڪري يا ڇوڪريءَ طرفان ھڪٻئي کي متوجهه ڪرڻ لاءِ خاص الفاظن جي چونڊ ڪئي ويندي آھي. ھي ھڪ ٽيسٽ ڪيس ھوندو آھي ۽ تعلق جوڙڻ لاءِ پھرين مرحلي تحت قدم کنيو ويندو آھي. جيڪڏھن نوجوان ھڪٻئي جي الفاظن سان متوجهه ۽ متاثر ٿي ويندا آھن ته پنھنجي تعلق کي اڳيان وڌائڻ لاءِ نئون قدم کڻندا آھن.
ڊيٽنگ Dating محبت جو رشتو پيدا ڪرڻ خاطر نوجوان پنھنجي تعلق کي ڊيٽنگ واري مرحلي مان گذاريندا آھن، جيئن ھو ھڪٻئي جي طبيعت، مزاج ۽ روين کان روشناس ٿي سگھن. ھن تعلق ۾ رھندي جوڙا عام طور تي فزيڪل نه ٿيندا آھن، مگر اطمنيان بخش ملاقاتن بعد پاڻ ۾ فزيڪل به ٿين ته به اھو عمل ڊيٽنگ جي اصطلاح سان اختلاف نٿو رکي. عام طور ارينجڊ ۽ مينيجڊ رشتا ازدواج جا خواھشمند جوڙا ڊيٽنگ جو سھارو وٺندا آھن، جيئن سندن وچ ۾ ھم خيالي پيدا ٿي سگھي. جڏھن ته Casual Dating غير سنجيدہ، لذت سان ڀرپور ۽ مزيدار ملاقاتون ھونديون آھن، جن جو مقصد صرف وقت گذارڻ، خوشي حاصل ڪرڻ ۽ مزو وٺڻ ھوندو آھي. اھڙي قسم جا تعلقات غير جٽادار ۽ مختصر وقت لاءِ ھوندا آھن.
پاڪيٽڱ Pocketing مان مراد اھڙو تعلق آھي، جيڪو عوام ۾ ظاھر نه ڪيو وڃي. اھو تعلق تڏھن جوڙيو ويندو آھي، جڏھن ٻنھي مان ڪنھن ھڪ پارٽنر جو ٻيو به ڪو رليشنشپ ھوندو آھي. اھو تعلق غير سنجيدہ ھوندو آھي، جيڪو گھڻو وقت ھلي نه سگھندو آھي. جوڙي جي پاڻ ۾ گھرائي ڪيتري آھي، سندن تعلقات جي نوعيت ڪھڙي آھي، اھا ڄاڻ لڪائي ويندي آھي. عام ماڻھن آڏو اظھار ڪرڻ کان بالاتر ٿي لاڳاپا رکڻ ۽ بغير ڪنھن جي ڄاڻ ۾ آڻڻ جي ان تعلق کي نڀائڻ واري لاڳاپي کي پاڪيٽنگ جو نالو ڏنو ويو آھي.
جيتوڻيڪ عشق جو پيمانو ھر دور ۾ ساڳيو رھيو آھي، ھر زماني ۾ مٿيان رجحان ساڳي صورت ۾ رھيا آھن، مگر پنھنجي احساس، جذبي ۽ ڪيفيت کي سڃاڻڻ ۽ ان حقيقت کي قبوليت ڏيڻ وارو رجحان اسان جي فرسودہ ريتن، رسمن ۽ نام نھاد اخلاقي تقاضائن جي نظر ٿي ويو آھي. مھذب معاشرن ۾ ھر قسم جي تعلق کي شرم و حيا ۽ غيرت جي ڪوڙڪيءَ مان مڪمل طور آزاد ڪرايو ويو آھي. اھڙن معاشرن پنھنجي عزت ۽ غيرت جو معيار سچائي ۽ وفاداريءَ کي بڻايو آھي ۽ انساني جبلت ۽ ضرورتن جي پيش نظر پنھنجي ڪيفيتن کي اعتقادن کان آجو ڪرايو آھي. جڏھن ته پنھنجي سماج ۾ انڌي يقين ۽ رواجن کي پروان چاڙھيو ويو آھي. اسان جو نوجوان نسل ھڪ اھڙي دور مان گذري رھيو آھي، جنھن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور چيو ويندو آھي، جنھن ۾ سندن جذبا ۽ احساس روايتي سوچ جا محتاج نه آھن. ھي نسل پنھنجي آزاديءَ ۽ اخلاقيات جي پاڻ تشريح ڪرڻ سکيو آھي، جيڪو ڪنھن رواجن ۾ ويڙھيل حقيقت کي تسليم ڪرڻ ۽ ريتن ۽ رسمن کان بالاتر ٿي سوچڻ واري صلاحيت رکندڙ آھي. اھوئي سبب آھي جو اڄڪلھ جو نوجوان مٿي ذڪر ڪيل تعلقات کي سمجھي به ٿو ۽ ان جي باريڪ بينين کان به چڱيءَ ريت واقف آھي، جڏھن ته اسان جو نسل انھن رشتن کان اڻواقف ۽ بنيادي سمجھ کان وانجھايل آھي. ايئن نه آھي ته پٺيون نسل جيڪو ھن وقت چاليھن سالن کان مٿي جو آھي، اھڙن رشتن مان گذريو نه آھي يا جنھن انھن تعلقات کي ڇھيو نه آھي، مگر حقيقت کي تسليم ڪرڻ سندس وس نه آھي. منھنجي خيال ۾ اسان جي نسل کي، ھن تحرير کي پڙھي پنھنجن پراڻن رشتن يا نون جوڙيل رشتن کي، ڪھڙي خاني ۾ رکڻ گھرجي، اھو پرکڻ ڏکيو نه ٿيندو.