پوري دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري فصل اُپائيندڙ زمينون، آبھوا، پاڻي، انسانن ۽ جانورن سميت ھر پيداوار ڏيندڙ شيءِ متاثر ٿئي ٿـي. گذريل اھو دور جنھن ۾ سُج پنھنجي جُوڀن تي ھوندو ھـو، پر پکين جون اکيون ھميشه حُسناڪ لڳنديون ھيون، ھاڻي گرمي پـد ايترو وڌيو آهي جو فطري طور جيئندڙ ڪجھ پکي ۽ ٻوٽا پنهنجو بچاءُ به نٿا ڪري سگھن. ھـن وقت دنيا ۾ خطري جا سائرن وڄندڙ آھن. ماحولياتي تبديلي جنھن تي سائنسي علم جا ماهر، ذھين ۽ ڏاھا انسان سوچي رھيا آھن ته حالتون جيڪي ڪڏھن ٻوڏن، سخت گرمين، ڏڪار يا باھ جي صورت ۾ اچي فطرت سان دشمنيءَ وارو رويو رکن ٿيون انھن جو حل ڇا آھي؟ انھيءَ سان اڳتي ھلي ايندڙ نسلن لاءِ زمين رھڻ جي قابل نه ھوندي، ڇو ته ڌرتي اسان وٽ امانت آهي، جيڪڏهن اسين ان جي سار سنڀال يا خيال نه ڪنداسين ته اسان پنھنجن ٻارن لاءِ ڪھڙو مستقبل ڇڏينداسين. رسالي ورلڊ ٽائيمز ۾ ھڪ مضمون ۾ لکيل ھو ته ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جو سبب وڏا سرمائيدار ملڪ آهن، جيڪي صنعتن ۾ توانائيءَ جو استعمال ڪن ٿا ڄڻ ته فطرت سان کيڏي رهيا آھن اھـي اُسريل ملڪ جيڪي ماحولياتي دھشتگرديءَ جا جوابدار آھن جنھن جي ڪري ماحول ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو انساني زندگيءَ مٿان خطرناڪ اثر پون ٿا. سامونڊي طوفان، برساتن جو وقت ۽ نمونو متاثر ٿيڻ ڪري اڻ مُندائتو مينھن جو گھڻو پوڻ، آباد زمينن جو خراب ٿيڻ، پاڻيءَ جي وڌڻ ۽ گھٽجڻ جو مسئلو پيدا ٿيڻ، سامونڊي ڪنارن جو اڳتي وڌڻ ڪري ھزارين ذرخيز ايڪڙ زمينون ڪلراٺجي وڃن ٿيون ۽ گرين هائوس گئسن جـو مقدار قابوءَ کان ٻاهر ٿيڻ، عالمي سطح تي لڳاتار خطرناڪ تبديليون نظر اچن ٿيون، قدرتي آفتون وڏين تباھين جو سبب بڻجن ٿيون. مثال طور: لاس اينجلس (آمريڪا) ۾ لڳندڙ باھ، سامونڊي سوناميون ۽ شديد گرميون اچن ٿيون.