حڪومت 50 ملڪن کي ويزا آن ارائيول ۽ 175 ملڪن کي اِي- ويزا ڏيڻ جي سهولتن جو اعلان ڪري ڇڏيو
پاڪستان حڪومت 50 ملڪن جي شهرين کي ملڪ ۾ ايئرپورٽ پهچڻ تي آن ارائيول ويزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان علاوه 175 ملڪن کي اِي- ويزا جي سهولت ڏني ويندي. فواد چوڌري چيو آهي ته برٽش ۽ آمريڪي پاسپورٽ رکندڙ ڀارتي شهرين کي ويزا آن ارائيول جي سهولت ملي سگهندي. اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ اندر ٽوئرازم کي ترقي ڏياريون. هن سهولت بعد غير ملڪي شاگردن کي ڊگري پروگرام لاءِ ٻن سالن لاءِ ويزا ۽ ماسٽر پروگرام لاءِ چئن سالن جي ويزا ڏني ويندي.