خاصنئون

پاڪستاني نوجوان پاران رت جي نموني کان بغير ذيابيطس چڪاسڻ جي مشين تيار

اقرا يونيورسٽي جي شاگرد فيضان احمد پاران اهڙي مشين تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي مدد سان رت جي نموني کان بغير ئي جسم ۾ گلوڪوز جي درست پيمائش ڪري سگهجي ٿي. ساڳئي وقت اها مشين نبض جي رفتار جو به صحيح اندازو لڳائي سگهي ٿي. فيضان احمد هن مشين کي نان انوينسو ٽيڪنالاجي جو نالو ڏنو آهي. ياد رهي ته صرف پاڪستان ۾ هن وقت ذيابيطس جي مريضن جو تعداد 3 کان 4 ڪروڙ آهي. هن مشين جي تياري ڏيڍ هزار رپين ۾ ٿي آهي ۽ هيءَ مشين اهڙن مريضن جي لاءِ اهم ايجاد آهي جيڪي ڏينهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ دفعا رت جو نموني وٺي ان ۾ گلوڪوز جي چڪاس ڪندا آهن. فيضان احمد مطابق هن مشين ۾ وڌيڪ تبديلي ڪري ان ذريعي جسم ۾ هيمو گلوبن کي به معلوم ڪري سگهبو.