دهشتگردن کي پڪڙڻ خاطر پاڪستان اندر حملو نٿا ڪري سگهون: آمريڪا
آمريڪا جي دفاع واري اداري پينٽاگون پاران چيو ويو آهي ته افغانستان کان ڀڳل دهشتگردن جو پيڇو ڪندي پاڪستان اندر ڪارروائي نٿا ڪري سگهون. آمريڪا جي دفاع واري اداري جي ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل مائيڪ اينڊريوس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغانستان کان ڀڄي ايندڙ دهشتگردن کي پاڪستان سرحدي علائقن ۾ رکڻ چاهي ٿو ته رکي پر انهن هٿان افغانستان جي امن ۽ امان کي نقصان پهچائڻ جي موڪل نه ڏئي. هن چيو ته اسان وٽ ڪوبه اختيار ناهي ته اسين پاڪستان ۾ وڃون ۽ پاڪستان جي خود مختياري جي احترام ۾ ڪابه تبديلي ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته افغان سرحدي علائقي ۾ جيڪي آمريڪي فوجون آهن انهن کي سرحد پار وڃڻ جو اختيار ڪونهي. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن طالبان پاڪستان ۾ رهن ٿا ۽ اسان افغانستان ۾ امن قائم ڪري وڃون ٿا ته اهو هڪ سٺو عمل هوندو ۽ اسان به اهو ئي چاهيون ٿا. اسان کي اميد آهي ته پاڪستان پنهنجي زمين اندر طالبان جي اهڙين محفوظ پناهه گاهن کي ختم ڪرڻ ۾ دلچسپي به وٺندو جيڪي سرحدي علائقن ۾ موجود آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي امداد به اهڙي عمل سان مشروط هوندي. ياد رهي ته آمريڪا پاڪستاني حقاني نيٽ ورڪ ۽ افغان طالبان جي مدد ڪرڻ جا الزام هڻي پاڪستان جي هڪ ارب ڊالرن جي سيڪيورٽي امداد کي معطل ڪيو هو.

