بلاگنئون

نامُڪَمِلتا ۾ ئي مُڪَمِلتا لِڪل آهي

ھن ڪائنات ۾ سڀ شيون ۽ لقاءَ ازل کان داخلي ۽ خارجي قوتن جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وقتي توازن کان ٻئي وقتي توازن ڏانهن ڊوڙندڙ ۽ سادي کان پيچيده ارتقائي سفر ڏانهن روان دوان آھن. مطلب ته ڪا به شيءِ، لقاءُ، مخلوقَ، تخليقَ وغيره تاريخ جي ڪنھن به موڙ يا نقطي تي نامڪمل ھوندي آھي ۽ ارتقا پذير رھندي آھي. انسان تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي آسپاس جي شين ۽ لقائن جي “مڪمل ۽ نقص کان پاڪ” هجڻ تي سوچيندو ۽ ان تي سوال اٿاريندو رهيو آهي. قديم ڏاهپ کان جديد سائنس تائين اڪثر نظريا نامڪملتا کي هڪ نقص طور نه، پر مڪملتا ڏانهن بنيادي ڏاڪو ۽ سفر سمجهن ٿا. انسان جي تخليق، تحقيق، دريافت، ايجاد ۽ اختراع جا سڀ رنگ ۽ ڍنگ هن سفر جا سونهان توڙي ثمر آهن. هيراڪليٽس بلڪل ٺيڪ چيو هو ته “توهان هڪ درياءَ جي ساڳئي پاڻي ۾ ٻيهر ڪڏھن به نٿا ٽپو ڏئي سگھو.” ھن مضمون ۾ آئون شين، لقائن ۽ تخليقن جي نامڪمل ۽ ناقص هجڻ ۽ سندن ارتقا پذير ھجڻ جي ڳجهارت جو سُٽ سُلجھائڻ جي ڪوشش ڪندس.

سقراط ۽ افلاطون جيڪڏھن پھريان نه به هئا، تڏھن به اُھي اهڙا فلسفي ھئا، جن غلطي سان آفاقي شين ۽ لقائن کي جامد، غير تغير پذير، مڪمل، بي عيب ۽ پائيدار ڪائناتي حقيقتون سمجھيو هو ۽ اھڙيون دعوائون پڻ ڪيون ھيون. ظاھر آھي ته سڀني مذھبي حوالن ۽ تصورن جي ازل کان ابد تائين حق سچ تي ھجڻ جا پيرا سندن ئي “تصوريت” فلسفي ۽ ان جي حمايتي تعليمي نظريي “دواميت” ڏانھن وڃن ٿا. ھڪ لک ساله انساني تھذيب اندر سُقراط ۽ افلاطون کي 2500 سال گذري چڪا آھن، پر پوءِ اڄ به دنيا جي اٺ ارب ماڻھن مان تقريبن اڌ اڃان تائين ھن خام خيالي ۾ ڦاٿل آھن.

تاريخي طرح سان مادو ۽ توانائي ڪنهن دور ۾ هڪ تمام سوڙهي هنڌ مرڪوز هئا، هن لقاءُ کي ڪائناتي وحدت (Singularity of Universe) سڏيو وڃي ٿو. اڄ کان 13.7 ارب سال اڳ بِگ بينگ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ اربين سالن تائين مادي ۽ توانائي واچوڙن جي وڪڙن وانگر ورَ کائيندي برقي قوتن (Electrostatic forces) جي اثر هيٺ گڏ مڏ ٿيندي ڪهڪشائن، ستارن ۽ سيارن (جن ۾ اسان جي پتڪڙي ڌرتي به شامل آهي) جي صورت ورتي. اسان جي ڪهڪشان، جنهن کي کير ڌارا (Milky-way) سڏيو وڃي ٿو، ۾ 100 کان 400 ارب ستارا يا تارا موجود آهن، جن جي ڪن به ٻن تارن وچ ۾ اندازن سراسري طور 30 ٽرلين (30 هزار ارب) ميلن جو مفاصلو آهي. هن ڪائنات ۾ اٽڪل 100 بلين (1 ڪروڙ) اهڙيون ٻيون ڪهڪشائون موجود آهن، ان مان توهان هن جي وسعت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا (Christopher Lascelles, 2015, P. 1).

تورات ۽ انجيل (ايڪليسِيئيٽس جي شاعري) جو تصور ته: “سج جي هيٺان ڪا به شيءِ نئين ڪانهي” جو شين جي توازن ۽ مخصوص خاصيتن ۽ لقائن جو مخصوص حالتن ۽ وقتن تي ظهور ٿيڻ جو چڪر پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، پر هن ڪائنات ۾ ڪو هڪ سج، هڪ سورج منڊل، هڪ ڪهڪشان، هڪ بليڪ هول ڪونهي، پر انهن جو تعداد کربن کان به وڌيڪ آهي. ٻين سجن جي ڀيٽ ۾ اسان جو پتڪڙو سج جيڪو اسان کي ڪنهن لمحي نظر اچي ٿو، سو اصل ۾ اُن جو 8 منٽ 20 سيڪنڊ اڳ جو اولڙو ۽ عڪس هوندو آهي، ڇو ته روشني (فوٽان) جي ذرن جو اهو سفر سج کان ڌرتي تائين ايترو وقت وٺي ٿو. ٻين لفظن ۾ نظر ايندڙ سج هر لمحي نئون هوندو آهي، ڇو ته هر سيڪنڊ يا ان کان به گهٽ لمحي ۾ ان تي ڪيئين هائيڊروجن ايٽم نيوڪليئر فيوزن (Nucleur Fusion) جي تابڪار ڌماڪن دوران هيليم ايٽمن ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا، جنهن ڪري گرمي ۽ روشني جي توانائي اسان جي ڌرتيءَ تائين فوٽانز وسيلي هر لمحي پهچندي رهي ٿي. هن جو ٻيو مطلب اهو به آهي ته اها تابڪاري ۽ روشني پڻ هميشه ڪا نه رهندي ۽ سج پڻ پنهنجي سڄي هائيڊروجن جي توانائي خرچ ڪري ڪجھ ارب سالن ۾ مردار ستارو بڻجي ويندو. تقريبن 500 قبل مسيح ۾ اِفيسس (هاڻوڪي ترڪي) جي فلسفِي هيراڪليٽس (Heraclitus) اهو چيو هو ته هن ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ مستقل نه آهي، پر تبديلي! (There is nothing permanent except change.).

سائنس هن فلسفيانه موقف کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي، ڇوته اها تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل اصولن ذريعي ڏيکاري ٿي ته مڪملتا (Perfection) هڪ ساڪن لقاءُ آهي، جيڪو ڪائنات جي قانونن سان ميل نٿو کائي، ڇو ته تبديلي، تغير ۽ ارتقا سندس روح آهي. طبعيات ۾ حرارتي حرڪت جي ٻئي قانون (Second Law of Thermodynamics)  موجب، هر نظام آخرڪار وڌندڙ بي ترتيبي يا اينٽروپي (Entropy) ڏانهن وڌي ٿو، جنهن سبب ڪنهن لقاءُ، مخلوق يا تخليق جو مڪمل مڪملتا حاصل ڪرڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو. اسٽيفن هاڪنگ جو چوڻ ته “ڪجهه به مڪمل نه آهي” پڻ هن تصور سان هم آهنگ آهي، جيڪو زور ڏئي ٿو ته خاميون ئي ڪنهن وجود لاءِ ضروري شرط آهن. ڪوانٽم ميڪانيڪس (Quantum Mechanics) ۾ به هي ڳالهه واضح ٿئي ٿي، جتي هائيزنبرگ جو اصولِ بييقيني (Heisenberg’s Uncertainty Principle)  ٻڌائي ٿو ته ائٽمي ذرّن جي خاصيتن کي مڪمل درستگيءَ سان ماپڻ ناممڪن آهي. هن بحث ۾ اڪثر ڪري اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته “ڇا مڪملتا ڪوانٽم دنيا ۾ موجود ٿي سگهي ٿي؟” ان جو جواب گهڻو ڪري “نه” ۾ اچي ٿو، ڇو ته سب- ايٽامڪ پارٽيڪلز تي عمل ڪندڙ نظام امڪاني (Probabilistic) رويو ڏيکارين ٿا، نه ڪِي مڪمل يا بي عيب.

ماپ تور جي لحاظ کان ڳالهه ڪجي ته اسان ڪنهن به شيءِ يا لقاءَ جي مڪمل ۽ پوري ماپ نٿا ڪري سگهون. مثال طور: هڪ پينسل جي ماپ سينٽي ميٽرن ۾ ڪنداسين ته اها يقينن ڪجهه ملي ميٽرن تائين گهٽ وڌ هوندي… ملي ميٽرن ۾ ماپ ڪنداسين ته ڪجھ سئو مائيڪرو ميٽرن جي گهٽ وڌائي ان ۾ ضرور هوندي… مائيڪرو ميٽرن ۾ ماپ ڪنداسين ته ان ۾ ڪجھ سئو نينو ميٽرن جي ڪمي بيشي ضرور هوندي… نينو ميٽرن ۾ ماپ ڪنداسين ته ڪجھ سئو پِيڪو ميٽرن جي کوٽي واڌي ان ۾ ضرور هوندي. مطلب ته اها ماپ ڪنهن نه ڪنهن ايڪي جي لحاظ کان نامڪمل هوندي، ناقص هوندي، پر ان جو اهو مطلب ڪڏهن به نه ٿو وٺي سگهجي ته اسان ان نامڪملتا ۽ نقص جي ڪري شين ۽ لقائن کي ماپڻ ئي ڇڏي ڏيون… ڇو ته ايئن ڪرڻ سان اسان تاريخ ۾ اڳتي وڃڻ بجاءِ پوئتي واري پاسي يعني گمراهي ۽ جهالت ڏانهن سفر ڪرڻ شروع ڪنداسين. ڪجهه شين ۽ لقائن جهڙوڪ: ڀروارين ٻن ڪهڪشائن جي وچ واري مفاصلي جي ماپ ۾ ڪجهه نوري سالن جو هيڪاندو مفاصلو پڻ خاص اهميت نٿو رکي؛ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ٻن ماڻهن جي دوستانه ڪچهريءَ ۾ ٻُڌايل وچ واري مفاصلي ۾ ڪجھ سئو ڪلو ميٽرن جي فرق کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو؛ هڪ ئي شهر جي ٻن ڪالونين جي وچ ۾ موجود مفاصلي ۾ ڪجھ ميٽرن جي فرق جي ڪا اهميت نه هوندي آهي؛ ساڳئي طرح سان دوائن جي تياري ۾ لاڳاپيل ڪيميڪلز جيڪڏهن ملي گرامن ۾ استعمال ٿيڻا آهن، اتي ڪجھ سئو مائيڪرو گرام هيٺ مٿي ٿيڻ سان فرق نٿو پوي… ان جي باوجود مٿيون غير مڪمل ماپون اسان ڪندا رهندا آهيون ۽ انهن تي اعتبار ڪندا رهندا آهيون. تنهن هوندي به اسان نسبتي طرح سان ان نامڪملتا ۽ نقص جي موجودگي جو احساس ڪندي نه رڳو وڏين غلطين کان پاڻ کي بچائيندا آهيون، پر اسان ماپ جي اوزارن، معيارن، طريقن کي وقت بوقت ۽ امڪان مطابق سڌاريندا ۽ بهتر کان بهتر ڪندا رهندا آهيون. ٻين لفظن ۾ شين، لقائن، مخلوقن ۽ تخليقن جي نامڪملتا ۽ ناقص هجڻ جو احساس ئي اسان لاءِ انهن ۾ سڌاري ۽ تبديلي جو گس کولي ٿو، جيڪو اصل ۾ مڪملتا ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. اسان جي سنڌ امڙ جي پراڻي زين- ٻُڌ- ڌرم مان ڦٽندڙ جاپاني وابي- سابي فلسفو پڻ اها دعويٰ ڪري ٿو ته “نامڪملتا ۾ ئي مڪملتا لڪل آهي!” ۽ نامڪملتا ڪا خامي نه، پر هڪ خوبصورتي آهي.

سائنسي علمن ۽ سائنس سان سلهاڙيل سائنسدانن ۽ محققن جي ٽولي جي ترقي ۽ پذيرائي جي اهم سببن مان هڪ اهم ۽ بنيادي سبب اهو به آهي ته اهي پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ جهالت جي اعتراف سان پنهنجي کوجنا ۽ تحقيق جي شروعات ڪن ٿا، کليل ذهن سان اڳتي وڌن ٿا، حواسي مشاهدن ۽ اوزارن کي پنهنجو سونهون بڻائي معلومات گڏ ڪن ٿا، ان معلومات جو موزون شمارياتي ۽ حسابي علمن ۽ اوزارن وسيلي تجزيو ڪري نتيجو ڪڍن ٿا ۽ نظريا جوڙين ٿا ۽ انهن کي پٿر تي لڪير نٿا سمجهن. اهو ان محدوديت جي پيشِ منظر ساڳين تجربن کي بار بار دهرائين ٿا ۽ هر نئين ۽ مخالف خيال کي پهرين ڌڪ ۾ رد نه ٿا ڪن، پر ان بنياد تي پنهنجي مشاهداتي اوزارن، طريقن ۽ تجزين کي پڻ پرکيندا رهن ٿا ۽ سڌاريندا رهن ٿا. هن سلسلي ۾ فلسفين، مفڪرن، ڏاهن ۽ دانشورن جا تصور، دليل ۽ منطق سندن ابتدائي استاد رهن ٿا. مذهبي تناظر، سندن پاڪ ڪتاب ۽ پوئلڳ هن تناظر ۾ هڪ الڳ واٽ جا پيروڪار آهن، ڇو ته اهي ازل کان ابد تائين طئي ٿيل تصورن کي مطلق حقيقتون سمجهڻ ۽ انهن تي انڌو اعتقاد رکڻ جا حامي آهن، جن ۾ ذري برابر ڦيرڦار جي گنجائش نه آهي. پٿر جي دور کان اڄ جي هٿراڌو ذهانت جي دور تائين جون سڀ دريافتون، ايجادون ۽ اختراعون يقينن پهرئين ٽولي، جن جا پيروڪار پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ جهالت کي تسليم ڪندڙ آهن، جي ڪاوشن جو ثمر آهن. عجب اهو آهي ته هر دور ۾ ٻيون ٽولو پهريان انهن دريافتن، ايجادن ۽ اختراعن کي رد ڪندو آهي ۽ بعد ۾ منجهائن فائدو وٺندو رهندو آهي.

مٿئين بحث جو تَتُ اهو وڃي بيهي ٿو ته ڪا به شيءِ واقعي مڪمل يا بي عيب ناهي؛ بلڪه، نامڪملتا ئي اهو تاڃي پيٽو آهي جنهن تي ڪائنات جو هر لقاءُ ۽ وجود توڙي سندن هر رُخ نقش ٿيل آهي. اها نامڪملتا ئي آهي جيڪا اسان انسانن کي گڏجي رهڻ تي آمادهه ڪري ٿي، اسان جي زندگي ۽ ڌرتي کي نون سوالن جوابن وسيلي پرتجسس بڻائي ٿي، اسان لاءِ دريافتن، ايجادن، اخترائن جا اڻ ڏٺا دروازا کولي ٿي ۽ زندگي ۽ ڌرتي کي خوبصورت بڻائي ٿي ۽ معنيٰ ڏئي ٿي۔ افلاطون جي نظرياتي دنيا کان وٺي هاڪنگ جي ڪائناتي قانونن تائين ۽ تاريخي غلطين کان وٺي ارتقائي تبديلين تائين، عيبَ ئي نامڪملتا جي حُسن کي ظاهر ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾، نامڪملتا ڪا لعنت نه، پر اها رحمت آهي جيڪا ڪائنات ۽ اسان کي زنده ۽ حقيقي بڻائي ٿي۔

حوالا:

 “Leibniz’s Ethics,” Stanford Encyclopedia of Philosophy. Stanford Encyclopedia of Philosophy
“Nothing is perfect – Philosophy – I Love Philosophy.” I Love Philosophy forum, 2024. ilovephilosophy.com
“One of the basic rules of the universe is that nothing is perfect” – Boretti Inc. https://borettiinc.com/one-of-the-basic-rules-of-the-universe-is-that-nothing-is-perfect/
“Perfect is the enemy of good.” Wikipedia. Wikipedia
“Perfection is an illusion: 13 insights why nothing in life is perfect.” Coaching-online.org, 2025. Coaching Online
“Plato: Idea is a unity … Nothing in this world of individuals are absolute perfect.” e-content of S. Ray, Plato Q1 Text. bethunecollege.ac.in
“The second law of thermodynamics: The increase in entropy.” Oxford Academic. OUP Academic
10 Moments In History Where Human Error Had Deadly Consequences – MSN. https://www.msn.com/en-us/news/world/10-moments-in-history-where-human-error-had-deadly-consequences/ss-AA1AGRQ1?ocid=NL_NLBE_A1_00010101_1_1
10 Worst Ways History Has Repeated Itself | HowStuffWorks. https://history.howstuffworks.com/historical-events/10-worst-ways-history-has-repeated-itself.htm
17 Quotes To Help You Embrace Imperfection. https://inspiringquotes.com/17-quotes-to-help-you-embrace-imperfection/
27 Quotes On Imperfection – John Paul Caponigro. https://www.johnpaulcaponigro.com/blog/12297/27-quotes-on-imperfection/
45 Imperfection Quotes to Embrace Your Flaws – Gracious Quotes. https://graciousquotes.com/imperfection/
A Right to Imperfection – Front Porch Republic. https://www.frontporchrepublic.com/2023/11/a-right-to-imperfection/
Atkins, Peter. The Laws of Thermodynamics: A Very Short Introduction. Oxford University Press, 2010. OUP Academic
Augustine and the Perfectionist Fallacy – Medium. https://medium.com/bouncin-and-behavin-academy/augustine-and-the-perfectionist-fallacy-embracing-the-imperfections-of-human-life-79ec5655f144
Christopher Lascelles (2015). A Short History of the World. Bloomsbury Publishing, India. Chpt. 1. Pre History, Pp. 1-8.
Common Human Mistakes: A Psychological, Social, and Historical Perspective – Medium. https://medium.com/%40machine_learn/from-a-psychological-social-and-historical-perspective-some-commonly-repeated-mistakes-by-bcc3261ee7f6
Everitt, Nicholas. “Why Only Perfection Is Good Enough.” Philosophical Papers, vol. 29 (3), 2000. PhilPapers
Imperfect is Perfect: The Philosophy of WabiSabi – YouTube. https://www.youtube.com/watch?v=TX1pTDEY-6w
Imperfection Quotes – BrainyQuote. https://www.brainyquote.com/topics/imperfection-quotes
One Thing Is Perfectly Clear: Nothingness Is Perfect – LA Times. https://www.latimes.com/archives/la-xpm-2000-dec-14-me-65457-story.html
Perfectionism in Moral and Political Philosophy. https://plato.stanford.edu/entries/perfectionism-moral/
Plato said nothing is perfect but has a perfect form. But are objects more perfect the smaller they are? Could perfection exist in the quantum world? – Quora. https://www.quora.com/Plato-said-nothing-is-perfect-but-has-a-perfect-form-But-are-objects-more-perfect-the-smaller-they-are-Could-perfection-exist-in-the-quantum-world
Quote by Stephen Hawking – Goodreads. https://www.goodreads.com/quotes/363982-one-of-the-basic-rules-of-the-universe-is-that
Sedera, Darshana&Lokuge, Sachithra. “Flaws in Flawlessness: Perfectionism as a New Technology Driven Mental Disorder.” arXiv preprint, 2020. arXiv
The Beauty of Imperfection – Open Horizons. https://www.openhorizons.org/the-beauty-of-imperfection.html
Top 10 Human Mistakes That Changed History Forever – WatchMojo. https://www.watchmojo.com/articles/top-10-human-mistakes-that-changed-history-forever
Wabi-Sabi | A Japanese Philosophy of Perfect Imperfection. https://einzelganger.co/wabi-sabi-a-japanese-philosophy-of-perfect-imperfection/
Walker, Alice. Quotation as cited on “Alice Walker: ‘In nature, nothing is perfect and everything is perfect…’” The Socratic Method website. socratic-method.com