ماتلي ۾ پوليس پينو فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آھي، ڪجھ فقيرن جن ۾ عورتون به شامل ھيون کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ۽ پوءِ رحم کائي ڇڏي به ڏنو، شھر مان ايئن فقير گرفتاري جي خوف سبب لِڪي ويا آھن، اڳ ۾ ماتلي ۾ اھڙي صورتحال ڪڏھن به پيدا نه ٿي ھئي ان ڪري ھِن خبر کي نئون ورتو پيو وڃي ۽ حيراني به ظاھر ڪئي پئي وڃي، در اصل گداگري (پنڻ) قانوني جرم آھي، ان لاءِ جيل جون سزائون به آھن. گداگري قانون ۾ جرم آھي، ان بابت اسپيشل ايڪٽ پاس ۽ لاڳو ٿيل آھن، مگر انھن تي عمل نٿو ٿئي، پنڻ جي قانون ۾ بي رحمي سان سخت منع ٿيل آھي ۽ ان عمل تي جيلن جون سزائون به لاڳو آھن، پر فقيرن لاءِ خاص جيل سرڪار اڃان قائم نه ڪيا آھن نه ئي سڄي سنڌ ۾ ٿاڻن تي ايڪڙ ٻيڪڙ کان سواءِ پنڻ جي ڏوھن جون ڪي ايف آءِ آرون داخل ٿي سگھيون آھن، سنڌ ۾ ھڪ اندازي مطابق 80 لکن کان وڌيڪ فقير آھن، جن مان اڌ کان وڌيڪ پيشاوَر فقير آھن، جن ۾ ٻارن جو تعداد وڏو آھي، نقلي ۽ پيشاور فقيرن جي ڪري اصلي ۽ نقلي فقيرن جو فرق به محسوس نٿو ٿئي،Anti bagar Act پوري ملڪ ۾ لاڳو آھي، ڇو ته ڪنھن به رياست ۾ ڪنھن شھري جي پنڻ سان ان رياست جي دنيا ۾ بدنامي ٿئي ٿي، دنيا کي قانون ٺاھي ٻڌايل آھي ته اسان وٽ ڪابه گداگري نه آھي ۽ گداگري تي سزائون طئي آھن، بينظير انڪم سپورٽ به ھڪ قسم جي خيرات آھي، پر جي ان کي وظيفو تصور ڪريون ته ان ۾ اھي فقير شامل نه آھن جيڪي بازارن ۾ مختلف پبلڪ جائين تي پنن ٿا ۽ ماڻھن اڳيان ھٿ ٽنگين ٿا، انڪم سپورٽ جون رقمون 400 ارب رپين کان وڌيڪ ساليانو سرڪاري خزاني مان نڪرن ٿيون ۽ انھن تائين پھچن ٿيون جن جي آمدني گذاري کان گھٽ آھي، مگر انھن ۾ لکين اھڙا به آھن جن کي انڪم سپورٽ جي ضرورت ئي نه آھي، بلڪه مالدار آھن، وري لکين اھڙا به آھن جن کي انڪم سپورٽ جي ضرورت آھي، پر انھن کي اھڙي سپورٽ نه ملي رھي آھي. آئين 1973ع ۾ آھي ته جيڪو ڪمائي نٿو سگھي، معذور آھي ان جي کاڌي خوراڪ، اٽي، لٽي ڪپڙي ۽ رھائش جو بندوبست رياست جي ذميداري آھي، ان قاعدي تان ئي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو به کنيل آھي، اسان وٽ شھرن ۾ فقيرن جو تعداد تيزي سان وڌي پيو، ان جو سبب مھانگائي به آھي، ھوٽلن تي ويھي نٿو سگھجي ان ڪري جو فقير تنگ ٿا ڪن، فقير ھر ان جائي تي موجود ملن ٿا جتي ماڻھو کيسن ۾ ھٿ وجھي پئسا ڪڍي ڪا شئي خريد ڪن ٿا، فقير به اھڙا چيڙھا ٿي پيا آھن، جو دڙڪي کان سواءِ جان ئي نٿا ڇڏين، معاف ڪرڻ بجاءِ پٽين ٿا. درويشن جي مزارن تي به فقيرن جي وڏي رش نظر اچي ٿي، جھڙوڪر اتي فقيرن کي فقيري جا ٺيڪا ڏنل ھجن، ھر کليل ھوٽلن تي فقيرن جي تمام وڏي رش آھي، جتي جتي کيسن ۾ ھٿ وجھڻ جون جايون آھن اتي فقير ملن ٿا، پيٽرول پمپن، دڪانن، شادي ھالن جي ٻاھران، ھوٽلن تي انھن جو جتي ڪٿي وڏو تعداد ملي ٿو، نه ئي وري انھن کي ھوٽل مالڪن طرفان روڪڻ ۽ گراھڪن کي تنگ نه ڪرڻ کان روڪڻ جا ڪي بندوبست ڪيل آھن. قانون مطابق پوليس ڪنھن کي پندو ڏسي گرفتاري ڪرڻ، ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو قانوني اختيار رکي ٿي.