قائداعظم محمد علي جناح جو 144 هون جنم ڏينهن قومي يڪجهتي سان ملهايو پيو وڃي

قائداعظم محمد علي جناح جو 144 هون جنم ڏينهن اڄ قومي جوش ۽ خروش سان ملهايو پيو وڃي، ڏينهن جو آغاز نماز فجر کانپوءِ خصوصي دعائن سان ڪيو ويو. قائد اعظم محمد علي جناح جي ايثال ثواب لاءِ فاتح خواني ڪئي وئي. اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي جي هنڌن تي 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. قائد جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي، جنهن ۾ اعليٰ حڪومتي عسڪري ۽ سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي.
