سوشل ميڊيا بدران سڌو سنئون سماجي رابطن سان ذهن تي سٺو اثر پوي ٿو
هڪ نئين تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته سڌو سنئون آمهون سامهون سماجي رابطن سان موڊ تي مثبت اثر وڌيڪ ٿين ٿا، بنسبت سوشل ميڊيا تي وقت گذارڻ جي. مطالعي جي مصنفن تازوئي آن لائن شايع ٿيندڙ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته تحقيق جا نتيجا ٻڌائن ٿا ته ماڻهو پنهنجي سمارٽ فون جو استعمال ڪن ٿا ڇو ته هو اڪيلي هجڻ جي ناخوشگوار تجربن کان بچڻ چاهين ٿا يا ان سبب جي ڪري به ته هو سڌو سنئون سماجي رابطن جي فائدي جي ڄاڻ نٿا رکن. جارجيا يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽريڪٽ جي شاگردياڻي ۽ مطالعي جي اڳواڻ مصنف ڪرسٽينا ليڪفور نيوز رليز ۾ چيو ته اسان اها ڳالهه ڄاڻڻ ۾ دلچسپي رکون ٿا ته ماڻهو سماجي رابطن ۾ پنهنجن اختيارن جي ڀيٽ ڪيئن ڪن ٿا، يعني سڌي يا اڻ سڌي طرح سماجي رابطا، ٻنهي لحاظ سان هو ڪيئن محسوس ڪرڻ جي توقع رکن ٿا ۽ پوءِ اهي کين انجام ڏيڻ کانپوءِ حقيقت ۾ ڪيئن محسوس ڪن ٿا.