بلاگنئون

سينيٽر ڪرشنا ڪماريءَ جي زندگي، جدوجھد ۽ تعارف…!

اسان جي ھن پدر شاھي سماج ۾ قبائلي نظام هميشه اسان جي مٿان حاوي رھيو آھي. اوھان کي ياد ھوندو ته بلوچستان ۾ ھڪڙو واقعو پيش آيو ھو، رپورٽ موجب زنده عورتن کي دفن ڪيو ويو ھو ۽ جڏهن ميڊيا ۾ خبر آئي ته سردارن چيو ته اھو اسان جي روايت آھي. اڄ جڏھن اسان سڀ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪريون ٿا ماضي ۾ ته ٽيڪنالاجي وغيره جو تصور ئي ڪونه ھو، پوءِ ڇا اھو به اسان روايت جي ابتڙ ٽيڪنالاجيءَ کي ڇو قبول ڪيو. مطلب ته جتي توهان جي فائدي جي ڳالھه ھجي اتي روايت ياد نٿي اچي باقي ڪمزور طبقي کي دٻائڻو آهي ته روايت کي ھٿيار طور استعمال ڪجي اھو ٻٽو معيار ھاڻي گھڻا ڏينهن هلي ڪونه سگھندو.

ڪارونجهر صرف جبل نه، پر مقامي ماڻهن لاءِ مقدس تيرٿ ڌام آھي، جنهن جي ھنج ۾ آباد ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ڌناگام ۾ جنم وٺندڙ پھرين ڪولهي ۽ اڳوڻي سينيٽر ڪرشنا ڪماري ڪولهي جيڪا ڪنهن به تعارف جي محتاج ناھي، پر جديد دور ۾ صرف ٻن ماڻهن کي سماج ۾ اھميت ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ ھڪڙا اُھي ماڻھو جيڪي پنهنجو پاڻ جدوجھد ڪري تڪليفن سان مهاڏو اٽڪائي منزل ماڻيندا آھن ۽ ٻيا اُھي جيڪي ڏکين حالتن مان گذرندڙ مظلوم ماڻھن جو آواز بڻجي اعليٰ ايوانن تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا آھن. اھڙي طرح، ڪرشنا ڪماري جنھن کي پيار مان گھر ۾ ۽ سهيليون ڪيشو ٻائي جي نالي سڏينديون آھن. ڪرشنا جو جنم سال 1979ع ۾ ھڪ پورھيت پيءُ جي گھر ۾ ٿيو. ڪُل ٽي ڀيڻون ۽ ٻه ڀائر آھن، جنھن ۾ وڏو ڀاءُ ويرجي ڪولهي جيڪو پاڻ ھڪ سياسي، سماجي اڳواڻ ھجڻ سان گڏ ھو ھڪ سٺو ليکڪ ۽ ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل پڻ آھي. ٻيو ننڍو ڀاءُ مولچند ڪولھي ۽ ٽي ڀيڻون جنھن ۾ ٻه ڀيڻون اڄ به مزدوري ڪري گذر سفر ڪنديون آھن. ڪرشنا سڀني کان ننڍي ڀيڻ ھجڻ ڪري سڀني کي پياري آهي. هن پنھنجي محنت لڳن سان ڪم ڪري پنھنجو نالو ٺاھيو. ڪرشنا ننڍي ھوندي ڳوٺ جي سهيلين ۽ ھم عمر ڇوڪرين سان راند ۽ راسوڙو ڊانس ڪرڻ جو وڏو شوق رکندي ھئي، پر ان وقت ڳوٺن ۾ لائيٽ اڻلڀ ھجڻ ڪري فلمون ۽ ڊراما وغيره ڏسڻ جي خواھش ته ڏاڍي ھوندي ھئي، پر سھولتون نه ھئڻ ڪري اھا خواھش ئي رھجي وئي. ڪرشنا پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڌناگام تعلقي ننگر پارڪر مان ئي حاصل ڪئي ۽ مڊل ڪلاس والدين جي لڏپلاڻ جي ڪري ضلعي عمرڪوٽ جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڇھين ڪلاس جي داخلا ورتي ته ڏينهن جو اسڪول ۽ شام جو اسڪول کان واپسي مھل پنھنجي امان ۽ بابا سان گڏجي ٻني ٻاري تي ھٿ ونڊائڻ ۽ رات جو ڳوٺن ۾ لائيٽ جو ايترو عام نه ھجڻ ڪري گاسليٽ تي ٻرندڙ گولا بتي ذريعي ھوم ورڪ لکڻ ياد ڪرڻ وغيره سندس معمول رهيو. بقول علامه آءِ آءِ قاضي جي تعليم اونداهين کان روشنين ڏانهن سفر ڪرڻ جو نالو آهي، جنھن کي حقيقت ۾ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ثابت ڪري ڏيکاريو. ڪرشنا جي چوڏھين ورھين جي ڄمار ۾ سال 1994ع ۾ سندس شادي (پي ايڇ ڊي) ڊاڪٽر لالچند ڪمار مڪواڻا سان ٿي، پر تعليم حاصل ڪرڻ جو جذبو جنون اڃان به ساڳيو ھو ۽ ھن پنھنجي ور سان گڏجي تعليم ريگيولر طور حاصل ڪئي. سال 2007ع ۾ ماسٽرز جي ڊگري سوشيالاجي شعبي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪري پنھنجي پروفيشنل ڪريئر جو آغاز ڪيو. انھيءَ وقت ھن “دامن” نالي  هڪ اين جي او جو بنياد رکيو جيڪو عورتن جي ٽريننگ، ڳوٺاڻين عورتن جا مسئلا ۽ سندن زندگيءَ سان وابسته ٻيا به ڪيترائي اسائيمينٽ ورڪ شروع ڪيا.

ڪرشنا! ھڪ بردبار ۽ بھادر عورت آھي. مون ھن جي قبيلي جا اھڙا به ماڻھو ڏٺا جن جي بدن تي اڻپورو لباس اھو ٿو ٻڌائي ته اسان کي اسان جي غريبي تي فخر آھي. ڇاڪاڻ ته غريبي ۾ اميري آھي، سٺي ڳالھه اھا آھي ته ننڍڙو ڳوٺ ھجي، قديم روايتون ھجن ۽ روايتي خاندان ھجن. انھن ۾ فقط ھڪڙو شخص اھو فيصلو ٿو ڪري ته ڌيئن کي پڙھائڻو آھي. پٽ جي پيدائش جو انتظار ناھي ڪرڻو، جيڪڏهن اھڙي ڪميٽمينٽ ڪرڻ وارو واحد شخص آھي ته اھو ڪرشنا ڪماري جو پيءُ ڀڳت جڳديش ڪولهي آھي، جنھن ڏکن کي پاڻ سليڪٽ ڪيو. ڇاڪاڻ ته اھا ھڪ روايتي ڳالھه آھي ته ڏکن پويان سک ايندا، پر انھن سکن لاءِ به ڪجھه ڪرڻ انسان کي ئي پوندو آھي. ڪرشنا ٻڌايو ته کيس تعليم سان دلچسپي تڏھن گھڻي پيدا ٿي جڏھن ڊاڪٽر فوزيه سعيد سندن ڳوٺ آئي ھئي ھڪڙي عورتن جي ٽريننگ ڪرائڻ، اھا ٽريننگ جڏهن هن اٽينڊ ڪئي ته کيس به رهنمائي ملي تعليم جي حوالي سان ۽ دنيا ۾ پنھنجو نالو ڪيئن متعارف ڪرائجي ۽ ان کانپوءِ هوءَ متحرڪ ٿي ۽ انھيءَ ڏينھن کان سندس چوڻ مطابق هن فيصلو ڪيو ته زندگيءَ ۾ ڪابه شيءِ ناممڪن ناھي سڀ ڪجھه ممڪن آهي.

منھنجي آئيڊيل سياستدان شھيد محترمه بينظير ڀٽو ان ڪري آھي جو پاڪستان جي تاريخ ۾ پھرين عورت وزيراعظم ٿي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت سرانجام ڏني. مزي واري ڳالهه اھا آھي ته آمريڪا ايڏو وڏو طاقتور ملڪ آھي، پر اڄ ڏينهن تائين اتي ڪابه عورت صدر نه بڻجي سگھي آھي، پاڪستان جي سياست ۾ بينظير ڀٽو جي اثرائتي ڪردار کانپوءِ پھرين عورت نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پھرين عورت وزير خارجه به رھي آھي، ڪرشنا سياست 2015ع کان شروع ڪئي، سال 2018ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي سپورٽ سان کيس عورتن جي مخصوص سيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو. سياست کان پھرين هوءَ مايوس لاچار ھئي، ڇو ته جڏهن سندس ڀاءُ ويرجي ڪولهي تي ڪوڙا ڪيس ۽ الزام ھڻي ڏاڍين ڌرين ڪيس داخل ڪرائي عمر قيد جي سزا ڏياري ته ان وقت سندن معاشي حالتون بدتر ھيون، پر هن اڪيلي سر پنھنجي ڀاءُ جي لاءِ جيل ۾ ماني پھچائڻ، وڪيل ۽ پوليس سان آزادي لاءِ پنھنجو اھم فرض ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ته جيئن سندس ڀاءُ آزاد ٿي وڃي. ان وقت پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان پيغام آيو ته کيس سينيٽ جي سيٽ ڏيڻ جو سوچيو پيو وڃي، پر هن پارٽيءَ جي اھڙي فيصلي تي يڪدم ھا نه ڪئي، پر سوچي سڀني گھر ڀاتين کان صلاح مشورو ڪري جواب ڏنو ۽ ائين ڪرشنا ڪماري ملڪ جي اعليٰ ايوان ۾ سينيٽ جي ميمبر بڻجي وئي.

شاگردن لاءِ سياست ڪرڻ ضروري ناھي، پر سياست کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته شاگرد جيڪڏهن سياست ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا ته پورو ڌيان ڏئي پڙھي نه سگھندا. ٿيندو ايئن آھي جو پڙھائي تي ڌيان نه ڏيڻ جي ڪري صرف اھي پاسنگ مارڪون کڻي ڊگريون ڪڍائڻ جي قابل ھوندا آھن باقي ھنن کان ننڍي اسڪيل جي به ڪا ٽيسٽ ناھي نڪرندي. سياست ڪرڻ نوجوانن جو حق آھي، پر تعليم حاصل ڪرڻ واري عمر ۾ ڪوشش ڪري تعليم تي ڌيان ڏين. سندس ڪاميابيءَ ۾ سندس پيءُ سندس لاءِ ِرول ماڊل يا ھيرو آھي، جنھن تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ مطابق کيس ان وقت تمام گهڻي خوشي ٿي جڏھن هوءَ سينيٽر بڻجي پنھنجي جنم ڀومي ڳوٺ ڌناگام پهتي ۽ اتان جي عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين سان ملاقاتون ڪيون ۽ سڀني نوجوان ڇوڪرين کان هن اهو سوال ڪيو ته هو پڙھي لکي ڇا ٿينديون، تڏھن اتان جي ھر ھڪ نياڻي اھو چيو ته اسان سينيٽر ٿي پنھنجي مستقبل جي نياڻين جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجو قومي فرض سمجھي ڪردار ادا ڪنداسين. سندس ماءُ کان جڏهن ميڊيا پڇيو ته ڇا جون خوشيون پيا ملھايو؟ ته سندس ماءُ جواب ڏنو “بينظير جي پُٽ منهنجي ڇوڪريءَ کي وڏي نوڪري ڏني آهي.” سنڌ جي ٻھراڙيءَ واري علائقي جي نياڻين لاءِ منھنجو اھو خواب آھي ته آئون ھنن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جون سھولتون مھيا ڪيان. ھن سان گڏ ھُنر سکيا اسڪول کولرايان، عورتن لاءِ ٽريننگ ۽ ننڍا ننڍا ورڪشاپ وغيره ته جيئن سنڌ جي ھر نياڻي ۾ اڳتي وڌڻ جو حوصلو پيدا ٿي سگھي. پاڻ جنھن سماج جو حصو آھيون اتي مرد کي گھڻي ترجيح ۽ عورت کي اڄ به ڪٿي ڪٿي پير جي جُتي سمجھيو وڃي ٿو. عورت دشمن يا عورت کي پوئتي ڌڪڻ عورت سان ظلم ۽ رويو رڳو اسان وٽ ھتي ناھي، آمريڪا ۾ انساني بنيادي حقن جي گهر ڪندڙ  بلئڪ روزا پارڪ ويچاري کي ٽارچر سيل ۾ ھڻي ڪيترو تشدد ڪيو ويو اھو سڀ ان ڪري جو ھن عورتن جي حقن جي ڳالھه ڪئي ھئي. ڪرشنا جي سينيٽر ٿيڻ سان ننگرپارڪر ۾ وڏي تبديلي اھا به آئي ته اڳي جڏھن به اليڪشن ٿيندي ھئي ته عورتون ھن مھم ۾ گھڻي ڀاڱي حصو نه وٺنديون ھيون، پر ھن دفعي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ھڪڙو سرڪيولر جاري ڪيو ھو ته جيڪڏهن 10 سيڪڙو کان گھٽ عورت ووٽر ٽرن آئوٽ ھوندو ته ان حلقي جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا، پر پوري پاڪستان ۾ صوبي سنڌ مان ضلعي ٿرپارڪر جو رڪارڊ آھي جتي 73 سيڪڙو عورتن جو ووٽر ٽرن آئوٽ رهيو. عورت ھاڻي اسان جي اڳواڻ آھي ھن کي اڳواڻي ڪرڻ ڏني وڃي ته ھوءَ گھر کي، سماج کي، تنظيمن کي ۽ ملڪ کي اڳواڻي ڪري ھلائي سگھي. ھن وقت به سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 21 لک ٻھراڙيءَ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي نالي سان گھر ٺاھي ڏيڻ ۽ پلاٽ جا مالڪاڻا حق ڏيڻ وارو فيصلو ڪيو ويو اھو پاڪستان پيپلز پارٽي محترمه بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو منشور آھي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا جڏھن پئسا ملن ٿا ته اھي به عورتن کي ملن ٿا، ھوءَ انھن پئسن کي استعمال ڪن ٿيون، پر ھاڻي اھو وقت تبديل ٿي چڪو آهي ھاڻي مرد پڙھيو ته فرد پڙھيو ۽ عورت پڙھي ته ڄڻ پورو گھر پڙھيو. جيترو مرد ڪو پڙھي پنھنجي والدين جي لاءِ فخر بڻجي ٿو اوترو ئي وري عورت به پنهنجي ماءُ پي جي لاءِ فخر جو باعث بڻجي سگھي ٿي، جيئن ڪرشنا ڪماري پنھنجي والدين ۽ سڄي سنڌ جي نياڻين لاءِ ھڪ اُتساھ آھي ته اھڙي نموني سان سڀئي پنھنجي نياڻين کي اعلٰيٰ تعليم حاصل ڪرائي آئيڊيل پيءُ بڻجي سگھن ٿا. هن ھڪ سينيٽر ۽ هڪ عورت هئڻ جي ناتي پنھنجو لاجواب ڪردار ادا ڪيو. هن  سينيٽ ۾ ھڪ ڪمزور عورت نه پر ھڪ بھادر ۽ بردبار عورت جي روپ ۾ ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪردار ادا ڪيو. مستقبل جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي سندس پيغام آهي ته هو پنھنجي تعليم تي ڌيان ڏين ۽ اڳتي نڪرڻ جا موقعا تلاش ڪن. جيترو ٿي سگھي پنھنجي والدين جي لاءِ سوسائٽيءَ جي لاءِ ۽ سنڌ جي ھر نياڻي جي لاءِ فخر بڻجو. ڏکيو وقت ھر ماڻھو تي ايندو آھي، پر توھان کي حالتون ڏسي مايوس ناھي ٿيڻو پنھنجي ڪم تي توجهه ڏيندئو ته سڀ شيون بھتر کان بھتر ٿي وينديون. دنيا ۾ ڪابه اھڙي شيءِ مشڪل يا ناممڪن ناھي بس انسان پنھنجي جستجو جاري رکي. جيئن لطيف سرڪار چيو آھي ته؛

ڪَنڊا مون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ؛

آڱُرِ، آڱُوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ؛

ويندي ڏانھن پِرِيَنِ، جُتِي جاتِ نه پائِيان.

***