سنڌو ندي سنڌ جي زراعت، ماحوليات، ۽ معيشت لاءِ زندگيءَ جو اهم سرچشمو رهي آهي. تاريخي طور تي 1835ع کان وٺي، انگريزن ۽ پوءِ پاڪستان جي مختلف حڪومتن جي دور ۾ سنڌو نديءَ تي مختلف ڪئنال ٺاهيا ويا ۽ انهن ڪئنالن ذريعي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪيو ويو.
(پاڻيءَ جي ورڇ ۾ ناانصافي جا تاريخي حوالا)
* 1835ع ۾ انگريزن طرفان پنجاب ۾ بياري نظام جي شروعات ڪئي وئي، جنهن جو وڏو اثر سنڌ تي پيو.
* 1901ع ۾ پنجاب ايگريڪلچر ڪميشن قائم ڪئي وئي، جنهن جي سفارش تي سنڌو نديءَ مان پاڻيءَ جي ورڇ جو رخ پنجاب ڏانهن وڌايو ويو.
* 1945ع ۾ سنڌ-پنجاب معاهدو، جنهن ۾ سنڌ جي موقف کي نظرانداز ڪيو ويو.
* انڊس واٽر ٽريٽي 1960ع، جنهن تحت ٽي نديون (راوي، ستلج، بياس) ڀارت کي وڪڻي ڏنيون ويون، جڏهن ته باقي نديون (جهلم، چناب، سنڌو) پاڪستان لاءِ ڇڏيون ويون، جنهن جو سنڌ تي انتهائي ناڪاري اثر پيو.
* ٿل، چشما، جهلم، تونسا-پنجند ۽ ٻين ڪئنالن جي اڏاوت، جن جي ذريعي پاڻي سنڌ کان اڳ ٻين صوبن کي فراهم ڪيو ويو.
ڪالا باغ ڊيم جهڙن منصوبن تي اعتراض، جن بابت سنڌ کي شڪ ٿيو ته انهن سان سنڌ جي پاڻيءَ جا حق متاثر ٿيندا. ان بنياد تي سنڌ پنهنجو رد عمل ڏيکاريو گلي گلي ۾ نامنظور جا نعره گونجي اٿيا تڏهن مجبور ٿي صرف هلندڙ اڏاوت کي روڪيو ويو، پر نيتن ۾ فرق اڄ تائين به نه اچي سگهيو آهي، اهو اڄ به مسئلو برقرار آهي. سنڌ جا عوامي حلقا، ماهر ۽ سياسي ڌريون مسلسل ان ڳالهه تي 1835ع کان احتجاج ۽ مذمت ڪندا ٿا اچن ان جي باوجود سنڌ کي ان جو جائز حصو نٿو ملي. خاص طور تي خشڪ موسمي حالتن ۾، جڏهن پنجاب ۽ ٻين علائقن لاءِ ڊيم ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شديد ٿي وڃي ٿي، جنهن سان زراعت ۽ زندگيون متاثر ٿين ٿيون. سنڌ کي پاڻيءَ جي حصي بابت پڪ ڏياري وڃي ۽ ڪنهن به نئين ڪئنال يا ڊيم ٺاهڻ کان اڳ سنڌ جي رضامندي حاصل ڪئي وڃي. سنڌو نديءَ جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪرڻ لاءِ ماحولياتي وهڪرن (کي ترجيح ڏني وڃي. ڪالا باغ ڊيم جهڙن تڪراري منصوبن تي وفاقي حڪومت واضح موقف اختيار ڪري ته سنڌ جي خدشن کي ترجيح ڏني ويندي. هي هڪ سنجيده مسئلو آهي، جنهن تي سنڌ واسين کي گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ پاڻيءَ جي ورڇ منصفاڻي طريقي سان ٿئي. سنڌو ندي سنڌ جي تهذيب، معيشت ۽ زراعت لاءِ حياتيءَ جي حيثيت رکي ٿي، پر ان تي غير منصفاڻي طور ٻين علائقن کي فائدو ڏيڻ جي پاليسي سنڌ لاءِ هميشه نقصانڪار ثابت ٿي آهي.
سنڌو تي ٺهيل ڪئنال ۽ انهن جو اثر:
(1) ٿل ڪئنال (1947ع) پنجاب لاءِ پاڻي جي فراهمي.
( 2) چشما جهلم لنڪ ڪئنال (1971ع) پنجاب جي زرعي علائقن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو ۽ اهو چيو ويو ته اهو صرف ان وقت وهايو ويندو، جڏهن ٻوڏ واري صورتحال هوندي، پر هن وقت پورو سال چشما جهلم وهي رهيو آهي.
(3) تونسا- پنجند لنڪ ڪئنال- پنجاب جي واڌو علائقن کي آباد ڪرڻ لاءِ جڙيو.
(4) راوِل ڪئنال- پنجاب لاءِ پاڻي جي ورڇ ۾ اضافو ڪري سنڌ کي پوئتي ڌڪيو ويو.
(6) ڪالا باغ ڊيم جو تجويز ٿيل ڪئنال جيڪو سنڌ جي سخت مخالفت سبب اڃان مڪمل ناهي ٿي سگهيو. وفاقي حڪومت تي الزام لڳندا رهيا آهن ته اهي پنجاب کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌ کي نظرانداز ڪري رهيا آهن.
واٽر پاليسين ۾ پنجاب کي ترجيح ڏيڻ جو تاثر رهيو آهي، خاص ڪري مارشل لا واري دورن ۾، جڏهن بغير سنڌ جي رضامندي جي اهڙن منصوبن تي ڪم ڪيو ويو. ڪجهه گروهه ۽ واٽر بيوروڪريسي، جنهن مخصوص علائقن کي فائدو ڏيڻ لاءِ پاليسيون ٺاهي، سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪئي. سنڌو نديءَ تي هزارين سالن کان سنڌ جو حق رهيو آهي، ڇو ته اهو درياءَ قديم سنڌو تهذيب جو مرڪز رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ سبب ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ لوڻيارو پاڻي وڌي رهيو آهي، جيڪو زراعت لاءِ تباهي آڻي چڪو آهي. اهوئي سبب آهي جو زمينون سم ڪلر جي ور چڙهي زراعت جي قابل ناهن رهيون. سنڌو ندي نه صرف سنڌ جي زراعت لاءِ جيئاپو آهي بلڪه درياءَ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب مڇي مارڻ جو ڪاروبار، ماحوليات، ۽ قدرتي نظام پڻ متاثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن اهڙي پاليسي جاري رهي ته مستقبل ۾ سنڌ لاءِ پاڻي جو بحران شديد ٿي سگهي ٿو، جنهن سان لکين ماڻهو متاثر ٿيندا.
(سنڌين جو موقف ۽ حل)
* ارسا (IRSA) کي سختي سان پابند ڪيو وڃي ته پاڻي ورڇ ۾ انصاف ڪري.
* وفاقي حڪومت کي سنڌ سان واعدن جي پاسداري ڪرڻي پوندي.
* سنڌ اسيمبلي ۽ سياسي پارٽين کي گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي ته پاڻيءَ جي ورڇ ۾ سنڌ سان زيادتي نه ٿئي.
* بين الاقوامي فورمن تي به سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته سنڌ کي ان جو جائز حصو نٿو ملي.
سنڌو ندي صرف پاڻيءَ جو ذريعو نه آهي، بلڪه اها سنڌ جي سڃاڻپ، تمدن ۽ بقا جو سوال به آهي. ان ڪري، سنڌ واسين کي هن مسئلي تي متحد ٿيڻ جي اهم ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ سنڌ کي پاڻيءَ جي حقن کان محروم نه ڪيو وڃي. ڇو ته سنڌو ندي سنڌ جي زندگيءَ جو سرچشمو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ کان ان جو پاڻي کسي ٻين کي ڏنو ويو، ته اهو سنڌين لاءِ حياتي ۽ موت جو سوال بڻجي سگهي ٿو. مسلسل سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ناانصافي خلاف عوامي سطح تي تيزي سان تحريڪ زور وٺي رهي آهي. سياسي پارٽيون، سماجي اڳواڻ ۽ عام ماڻهو گڏجي ان زيادتي خلاف آواز اٿاري رهيا آهن. سنڌ جا هاري، مالهي ۽ مڇي مارڻ وارا ۽ آبادگار طبقو خاص طور تي سخت متاثر ٿيو آهي، ڇو ته پاڻيءَ جي کوٽ سندن روزگار ختم ڪري سگهي ٿي. اڳ ۾ به اهڙي احتجاجن جي نتيجي ۾ ڪالا باغ ڊيم جهڙا منصوبا روڪيا ويا هئا، ۽ هاڻي به سنڌين جو عزم نظر اچي ٿو ته اهي پنهنجي حق تي سوديبازي نه ڪندا. اختيارن کي فيصلو فورن واپس وٺڻ گهرجي، ڇو ته اهڙي عمل سان رڳو سنڌ ۾ بيچيني نه، پر سڄي ملڪ ۾ ناڪاري اثر پوندا. پنجاب کي ناجائز فائدو ڏيڻ بجاءِ پاڻيءَ جي ورڇ لاءِ سنڌ جي تاريخي حقن جو احترام ڪرڻ گهرجي. ارسا (IRSA) کي پنهنجا آئيني فرض نڀائڻا پوندا ۽ سنڌ کي پاڻيءَ جو جائز حصو ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. وفاقي حڪومت کي سنجيدگيءَ سان سنڌ جي خدشن کي ٻڌڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هي احتجاج ملڪ لاءِ وڏي سياسي ۽ انتظامي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن اختيارين هن معاملي کي سنجيده نه ورتو ته پوءِ سنڌ جو عوام هاڻي خاموش ويهڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جو مطلب نه صرف احتجاج وڌي سگهن ٿا، پر سنڌي ماڻهو سر سان ڪفن ٻڌي جستجو ڪندا . جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ جاري رهي، ته سنڌ ۾ زراعت تباهه ٿي ويندي، بيروزگاري وڌندي، ۽ عوام ۾ شديد بيچيني پکڙجندي.
اها صورتحال وفاق لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن به صوبي سان ناانصافي ٿئي ٿي، ته ان جو سڄي ملڪ تي اثر پئجي سگهي ٿو.