هن ملڪ ۾ ڳالهائڻ به ڏوهه آهي، لکڻ، پڙهڻ وارن کي کنڀيو پيو وڃي: اختر مينگل
بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته اسان کي اوڏانهن نه وٺي وڃو جتان ڪڏهن واپس نه اچون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي اختر مينگل چيو ته اسان ڀتين ۽ ڇتين سان ڳالهايون ته اهو ئي صحيح هوندو، بلوچستان ۽ ملتان ۾ لاشن جا ڍير لڳايا ويا، هتي جمهوري حڪومتون به رهيون ۽ غير جمهوري به، مختلف پارٽين جون حڪومتون آيون، آئين ۾ تبديليون آيون، پر بلوچستان تبديل نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جون حالتون تبديل ڇو نه پيون ٿين، ڇا حڪومتن جي هٿ وس ڪجهه نه آهي، سي ٽي ڊي طرفان قتل ڪيلن جي سڃاڻپ ٿي وئي، ٽنهي ڄڻن کي کنڀيو ويو هو. هن چيو ته وسيم تابش شاگرد هو جنهن گم ٿيل ماڻهن جي حق ۾ شعر پڙهيا هئا، هن ملڪ ۾ شاعري به گناهه آهي، جيڪي لکن ٿا ڳالهائين ٿا انهن کي کنڀيو پيو وڃي، جڏهن پي ٽي آءِ جا اتحادي هئاسين ته گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ڏني هئي، انهن مان هڪ شخص جو لاش مليو آهي جنهن کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي اوڏانهن نه وٺي وڃو جتان اسان واپس نه اچي سگهون، بلوچستان جي علائقن ۾ ڪوڙن مقابلن کي روڪيو وڃي.

