ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: گُلوءَ جي مَسيت

مُلي جُمعي جو خُطبو شروع ڪرڻ کان اڳ هلڪي ڪاوڙ ۾ٽڙيل پکڙيل جماعتين کي اڳتي سُري گڏجي ويهڻ جو چيو. علائقي جي جامع مسجد ۾ جُمعي جي ڏينهن پير رکڻ جي جاءِ نه ھوندي آھي. ننڍا وڏا، پوڙها پَڪا توڙي ٻارَ، اصل لَٺ پئي لڳندي. سڄو هفتو مَسيت جو مُنھن نه ڏسڻ وارا به ان ڏينهن پهرين صِف ۾ ويٺا ھوندا. جيئن ئي مُلو ڪو دردناڪ واقعو پيش ڪندو ته مونن ۾ مُنھن وجهي ڏک جو اظهار ڪندا ۽ ڪا ڪرامت ٻُڌي وڏي واڪي سبحان الله سبحان اللہ چوندا. جُمعي تي ڀَت جي ديڳُ لهندي آهي، پر ڀَت ورهائبو آخري دعا تي. ڀَت کي سَٽڪو ڏئي وري اڳئين جُمعي تي گڏ. ڪڏهن ڪڏهن ديڳ وقت تي نه پُڄي سگھي ته فرض کانپوءِ اَڌ مَسيت خالي.

گُلو معمول مطابق سدائين دير، جمائتين کي لتاڙيندي اَچي اڳئين صف ۾ پيش امام جي سامھون ويٺو، فرض پورو ٿيو. مُلي منھن ورائي جمائيتن ڏانھن ڪيو. ذڪر شروع ٿيو: لا اِلهَ اِل اللهُ، لا ِالهَ اِلا للهُ. مسجد گونجي اٿي. مُلي، گُلوءَ کي اِشارو ڪيو. گلوءَ چَندي جي پيتي کنئي. پهرئين کان آخري صِف کي ڦِري آيو. ڏوڪڙن جي ڀَريل پيتي محراب ۾ ويٺل مُلي جي پاسي ۾ رکي پنهنجي جاءِ ورتائين. دُعا لاءِ هٿ کڄيا. دعا پوري ٿي. نمازي سنت پڙهڻ لاءِ اٿڻ لڳا ته گلوءَ مُلي کي مخاطب ٿي رڙ ڪئي: “سائين! مسلمانن جي خير و عافيت لاءِ دعا گهرو.” ايئن بيٺل ويهي رهيا. فرض پڙهي گولي ٿيڻ وارا پوئتي موٽيا. هر جمعي تي ٻه دعائون گهُربيون: هڪ فرض واري ۽ ٻي گُلو گهرائيندو. ڪڏهن چئي، “سائين ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم مسلمانن لاءِ دعا گهرو.” ڪڏهن بيت المُقدس جي آزاديءَ لاءِ دعا گھُرائي ته ڪڏهن پاڪستان جي سلامتي ۽ پاڪستان جي دشمنن جي بربادي لاءِ. آمريڪا مردہ باد… اسرائيل مردہ باد… موديءَ تي…؟ بيشمار..! هڪ ڀيري ته پاڪ فوج زندہ باد جا نعرا به لڳرايائين. پوءِ ته جماعتي جذباتي ٿي پيا. مُٺي ڀِڪوڙي، ڏندن ۾ ڏند ملائي، ھٿ مَٿي ڪري، “نعراءِ تڪبير! اللہُ اڪبر.”

گُلو سَٺ کي اچي لڳو آھي، پر ھَٽو ڪَٽو، جھڙو سانُھ. چاپَھين ڏاڙھي، مُڇون چَٽ. ڪپڙا ٻارهو ئي اڇا پائيندو. گھَر سِنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي. گوڏ ٻَڌي، درياءَ ۾ ٽُٻي ھڻندو. سُرمي جو پاءُ اکين ۾ وجھي، عَطر ھَڻي پوءِ گھران نڪرندو. صوم و صلوات جو پابند. فجر گھر پڙھي، باقي چار نمازون جماعت سان. آذان ۽ تڪبير چوڻ ٻئي کي نه ڏيندو. طبيعت جو خوش مزاج آھي. گُذر سفر ٻَني ٻاري، مزدوري مَڙي تي. ھر ڪم ڪري ڄاڻي. ڪڏھن ڏِس ته ڍَڳا جوٽي نِٽھڻ ۾ زمين پيو کيڙي. ڪڏھن تَگاري تي، ته ڪڏھن مال پيو چاري. فصلن جي گُڏ کان ويندي واپار تائين، تَرَ ۾ ھن جو مَٽُ ڪونھي.

ھِندستاني فِلمن جو وڏو شوقين آهي. ساجهُر ڪم ڪار ڇَڏائي ھوٽل تي اَچي ٺڪاءُ ڪندو. هوٽل واري سان حُجت اٿس. اچڻ سان پنهنجي پسند جي فلم لڳرائيندو. چئي، “ماڌُوري لڳاءِ”. لَڳي ويندي. فلم ۾ گانو ايندو ته سڀ هَڪلون ڪندا، “ڪَٽ ڪَٽ.” گُلو رڙ ڪندو، “متان ڪَٽيئي… هلڻ ڏئي.” ماڌُوريءَ جي رقص تي واڇون ٽيڙي ڄاڙي ھَڻندو، “ھَتي… ها!” ھَڙئي گِراھڪ کِلي پوندا. وڏو ٽھڪ ڏئي، پَن جي ٻِيڙي دُکائي سُوٽو هڻندو. ٻانگ ايندي ته ٽي. وي جو آواز بَند ڪرائي، دُکيل ٻِيڙي ڦِٽي ڪري، مسجد ڏانھن ڀَڄندو. صِفن ۾ ڪاھجي پوندو. جي مُلو نه هوندو ته پيش امام کي قَميص مان ڇِڪي پوئتي ڪندو. نماز پڙهائي، وري سِڌو فلم تي. روزا ٽيهارو رکي. رمضان ۾ ڪم ڪار بَند، سڄو ڏينهن فِلم تي.

گلوءَ کي جامع مسجد جي مُلي جي پيءُ، جنھن کي حاجي سَڏين، سان عقيدت جي حد تائين محبت آھي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو پيرن کي زور ڏيندس. ھٿ مان وٺي اُلڪ مُلڪ گھمائي ايندس. قِصا ڪھاڻيون پيو ٻُڌندس. کيس خليفو اول مقرر ڪيائين. مُلي، يعني سَندي پُٽ جي غير موجودگيءَ ۾گُلو مَسجد جو ڪارونھوار ھلائيندو.

مُلي جو پيءُ نعتن ۽ واعظ جو ديوانو آهي. نه ڏِسي ڏينهن، نه رات. هر نعت خوان ۽ مشھور مولوين جي رِيلن (ڪيسٽن) جا ڍِڳ ڪٻٽ ۾ سَٿيا پيا ھوندا. ظُهر پڙهي، لائوڊ اسپيڪر کولي ڇڏيندو. مائيڪ جي مُنھن ۾ پيل ٽيپ رڪارڊر جو بٽڻ هڻي، ڪُنڊ وٺي سُمهي پوندو. لائوڊ اسپيڪر به اھڙا جو ٽي چار ميل تي مومن گهَران ويهي ٻُڌي سگهن. رمضان جي بابرڪت مهيني جي تياري شعبان کان شروع ڪري ڏيندو. اَڌ رات جو نعت هلائي ڇڏيندو ۽ پاڻ سُمھي پوندو. فجر جو اٿي بند ڪندس. رمضان ۾ رات جو ٽين وڳي اعلان ڪندو، ”روزيدارو، اللہ جا پيارو، ايمان وارو، اُٿو روزي جي تياري ڪريو.” پوءِ نعت ھلائي ڇڏيندو. ھر ڏھن پندرھن منٽن کانپوءِ اعلان ڪندو، “حضرات! روزي رکڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ… باقي پندرھن منٽ… باقي پنج منٽ… روزي رکڻ جو ٽائيم ختم…کائڻ پيئڻ بند ڪريو…” فجر پڙھي، ڪيسٽ ھلائي ڇڏيندو. اڳتي ھلي ڪيسٽ کان ترقي ڪري ميموري ڪارڊ تي آيو. مُحرم جي چنڊ تي ڏينهن رات لائوڊ پيو هلندو. شلَ نه نوحن جو آواز ٻُڌي، آڱريون کڻي ڪَنن ۾ وجهندو. چئي، “استغفرالله استغفرالله.” ڪارن ڪپڙن سان ڪو لَنگھندو ڏسي مُنھن پاسيرو ڪندو. دل ۾ چوندو، “ڪافر.”

هڪ ڀيري جُمعي جي واعظ لاءِ هڪ مشهور مولوي گهرايائين. ڀَت جو انتظام ڪجھ سوايو ڪيو ويو. دعوتون هلي ويون. لَٺ پئي لڳي. مولويءَ تقرير شروع ڪئي. تِلاوَت ۾ ايترو ته مِٺاس ھئس جو جماعتين هر آيت کانپوءِ وڏي آواز سان سبحان الله سبحان اللہ چئي داد ٿي ڏنو. جذباتي منظر هجن. قبر جي عذاب جو ٻُڌي ڪجهه جماعتي روئي پيا. فرض دعا پوري ٿي. سنت لاءِ ماڻھو اٿڻ لڳا ته گلوءَ رڙ ڪئي، “سائين، حاجي صاحب واٽ الله جي خير ڪيو آهي، دعا گهرو.” بيٺل ويهي رهيا. فرض پڙھي گولي ٿيڻ وارا پوئتي موٽيا. مولوي صاحب هٿ کنيا، “يا الله! حاجي صاحب جي عمر دراز فرما. کيس صحت ۽ تندرستي عطا فرما. روزي رزق ۾ برڪت عطا فرما.” آمين، گُلوءَ ڏاڍيان چيو. آلِ اولاد کي نيڪ ۽ صالح ڪر. حاجي صاحب کي دين جي خدمت عيوض دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي عطا فرما. “آمين ثم آمين”، مسجد گونجي اٿي. ايئن مولويءَ، حاجي صاحب جي سڀني پُٽن جا هِڪ هِڪ ڪري نالا کنيا ۽ سندن حق ۾ دعا گھُرائي. هر ڪنهن جي وات تي حاجي صاحب ۽ سندس پٽن جي واکاڻ هُجي. گُلو اُهي جذباتي منظر ڏسي وائڙو ٿي ويو. کيس دل ۾ خيال آيو، “ڪاش! آئون به اهڙي عاليشان مَسيت جوڙائي سگهان. جڳ مشهور مولوي صاحبان گھرائي واعظ ڪرايان. هر ڪنهن جي وات تي منهنجو نالو هجي. دنيا ۾ به عزت، آخرت به روشن.”

جيئن وقت گذرندو ويو، گُلوءَ جي اندر ۾ خواهشن جي ٻوٽي گئونچ ڪڍڻ شروع ڪيا. گئونچن منجھان گئونچ نڪتا. ٽاريون وڌي ڏار ٿي پيا. گُلوءَ جامع مسجد اچڻ گھٽ ڪري ڇڏيو. جي اچي ته جُمعي جي فرض دعا کانپوءِ مسلمانن جي سر بلنديءَ واري ٻي دعا نه گھُرائي. ڀَت کائڻ به ڇڏي ڏِنائين. فرض پڙھي گولي ٿيڻ وارن سان گولي ٿيو وڃي. نيٺ اهو ڏينهن به آيو. گُلوءَ خليفي اول جي دستار مبارڪ لاٿي. پڪو پھ ڪيائين ته پنھنجي مسيت جوڙائيندو. نه ڏَند نه چَڪ، نه گِلا نه مِهڻو. خاموشيءَ سان پاڻ کي الڳ ڪيائين. حاجي صاحب پُٽن سميت گُلوءَ جي رويي تي خفا هو. ڪيترائي ڀيرا پڇڻ باوجود، گلوءَ ڪا وضاحت نه ڏني. اچڻ وڃڻ بند.

مَسيت جوڙائڻ لاءِ ڳوٺائين جي تبليغ شروع ڪري ڏنائين. پنھنجي ذاتي زمين سِڌي ڪري، چَريون کوٽرائي، بنياد رکيائين. چيلھ چِٻي ٿي پيس. هڪ هڪ جي گهر وڃي تعاون جي اپيل ڪيائين. تعاون معنيٰ چَندو. سمجهي ويو ته ڀَت کانسواءِ ڪم نه ٿيندو. هَڙئي ويڙهن کي خيرات جي دعوت ملي وئي. ڦَنڊر کي سِير وجهي، ويهارو ديڳيون لاٿائين. گُلوءَ جي اوتاري تي ڪَٽڪ اچي ٽُٽو. ديڳين جا ڍَڪ لٿا. ڀَت جا پاٽوڙا لڳي ويا. گُلوءَ پوتڙي سان پَٽڪو ٻَڌي، مَجمي منجھان اُٿي بيٺو، “منھنجا ڀائرو ۽ دوستو! هيءَ دنيا فاني آهي. اَڄُ نه ته سڀاڻ پاڻ سڀني کي هيءَ دنيا ڇڏڻي آهي. ڏسو پَنھنجا وڏڙا ڪٿي آھن اَڄ؟ قبرن ۾ پيا آھن، جي چاهيو ٿا توھان جي قبر روشن ٿئي ته ڪجھ اھڙو ڪري وڃو جو اڳتي ڪم اَچي. اسان سڀني جو فرض آهي ته هن ڳوٺ ۾ خدا جو گھر تعمير ڪرايون. زمين مون ڏني آھي. بنياد به پئجي ويو آھي، پر اڳتي ڪم رُڪجي ويو آھي. اڪيلو ماڻھو ڇا ٿو ڪري سَگھي. ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ آهي. توھان کان جيڪو پُڄي تعاون ڪيو. ياد رکو، جيڪي ٻه رپيا خدا جي گھر ۾ خرچ ڪندوَ، اڳئين جھان ۾ ٻيڻا ٽيڻا ٿي ملندا.”

گُلوءَ جي جذباتي تقرير هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ڪَنهن رِڍ ڏني، ڪَنهن ٻَڪر ته ڪنھن ڏاندن جو جوڙو. هِڪڙن سِروُن لهرائي ڏنيون ته ٻين سيمينٽ ۽ بَجري. جِن وٽ ڪجهه نه هو، تن پنهنجو پَگهر ڏنو. رازا ۽ مزدور پنهنجا. ماني ٽِڪي اوڙي پاڙي تي. اَک ڇنڀ ۾ ديوارون کڄي ويون، ڇت ٻڌجي وئي، رنگ روغن ٿي ويو. دَر، دريون، شيشا ۽ لائوڊ اسپيڪر لڳي ويا. خيرن سان مَسيت سڳوري جُڙي راس ٿي. رمضان جو چنڊ بيٺو. گُلوءَ خوشيءَ وچان جلسي جو اعلان ڪيو. حاجي صاحب کي به پُٽن سوڌو دعوت ملي. ڦَنڊر کي سِير گُلوءَ پنهنجي هٿن سان ڏني. ڀَت جون ديڳيون لٿيون. واعظ لاءِ اھو ساڳيو مولوي صاحب سڏايائين جَنھن کي حاجي صاحب جُمعي جي خطبي لاءِ سڏايو ھو. حاجيءَ کي ڪِڙوا پئجي وئي. جلسي جو بائيڪاٽ ڪيائين. گُلوءَ لاءِ چئي، “منافق ڪنهن جاءِ جو.”

واعظ شروع ٿيو. مولوي صاحب جا اُھي ساڳيا جوهر. سورہ رحمان تي اهڙو ته شاندار سُر ٻڌائين جو ٻڌندڙن جي جسم جا وار ڪانڊارجي ويا. هر ڪنهن جي وات تي سبحان الله سبحان الله… واهه واهه… واعظ پورو ٿيو ته گُلو اُٿي بيٺو، “سائين دعا گهرو ته ماني هلايون.” مولويءَ هٿ کنيا. عظيم الشان جلسي ڪرڻ تي ڳوٺائين کي مبارڪ ڏنائين ۽ هر سال اھڙو جلسو ڪرائڻ جو واعدو ورتائين. “انشاءَالله انشاءَ الله”، چئي مجمي واعدو ڏنو. ڪرسيءَ تي ويٺل مولويءَ، گلوءَ کي اشارو ڪيو. پنهنجي ڀرسان بيهاري، هٿ پڪڙي، ماڻھن سان مخاطب ٿي، گلوءَ جي تعريفن جا پُل ٻڌڻ شروع ڪيائين. هر شخص جي وات تي گلوءَ جي واکاڻ هجي. گلوءَ جي چھري جي رونق ڏسڻ وٽان ھئي.

ڪامياب جلسي ۽ گلوءَ جي مشھوري جي خبر حاجيءَ کان برداشت نه ٿي.  لَٺ کڻي پُٽن جي ڪڍ پيو. چئي، “بيغرتو! ڪنھن ڪم جا ناھيو.” گھر ۾ اهڙو ته ڏڦيڙ پيو جو مَسيت سڳوري ويران ٿي پئي. بغاوت پيدا ٿي، پنج وقت نمازي، بي نمازي ٿي پيا. ڪي چور ٿيا ڪي ڌاڙيل، ڪي ڦورو ته ڪي موالي. خدا جي گهر مان پَکا، بَلب، بيٽريون، نُک ۽ لائوڊ اسپيڪر، هِڪ هِڪ ڪري گُم ڪيا ويا.

گلو ڏاڍو خوش آهي. پنهنجي مسيت جو پيش امام پاڻ آهي. عِشا کانپوءِ لائوڊ اسپيڪر تي گھَڙي کن ذِڪر ڪندو. سورہ مُلڪ سُر سان پڙهندو. پِرھ ڦُٽيءَ ٻانگ پاڻ ڏيندو. پاڪ ڪلام جي معنيٰ سان تلاوت ڪندو. اوڙي پاڙي کان ويندي حاجي به گھر ويٺي ٻُڌندو.

گلوءَ جي طبيعت ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي. خليفي اول کان پيش امام تائين جو سفر پڄاڻي تي پهتو. گُلو اهوئي ساڳيو. ٽي نمازون ٻاهر پڙهي. ڪم ڪار ڇڏائي، هوٽل تي اَچي ٺڪاءُ ڪندو. چئي، “مدراسي فِلم لڳاءِ”. ماڌوريءَ جي جاءِ مدراسي اداڪارائن ورتي. رقص تي ايڪشن کي فوقيت ملي. فائٽنگ ڏسي، زوردار ٽهڪ ڏيندو. پن جي ٻيڙي دکائي، نڪ مان دونهين جا لاٽ ڪڍي، ٻيهر ٽهڪ ڏيندو. ڀر ۾ ويٺل همراهه سان تاڙو ملائي، فِلم انجوائي ڪندو.

***