ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: وقت ۽ ويڇا

”امان بهرام ڪونه موٽيو ڇا”؟

“نه جيجان، سويل کان اگھ نه واھ اٿس.” (ڏس پتو)

“مئي ٽڪري لاڪئون رکجيس، سدائين پرائن خفن وچان پيٽ جي ماني به نٿي ياد رھيس.”

“جيجي ادا کي ڪجھ چوين ڇو نٿي، پراين ونگارن ۾ وهي ھڏ ٽوڙي ڇڏيا اٿس، ڪيڏي نه نٽهڻ اس آهي اڄ ته.”

“جڏهن چوندي آهيان، تڏهن خبر اٿئي ڇا چوندو آهي.! رئو پائي گھر ۾ ڪنڊون پاسا جهليو ويٺو رهان، باقي ڪير گهٽيءَ تي اچي سڏ ڪري ته سڏ نه ورنايان، جيجي تون به ٿي ٻاراڻيون خبرون ڪرئين.”

“ماءُ سندس قد ۽ حشمت ڏسيو، منهنجي ته وائي نٿي وري ته کڻي ڪڇان.”

“جيجي ٻي به اڏندي ٻڌي اٿم!”

“ادو وريام سان گڏجي ڪراچيءَ ٿو وڃي مزدوريءَ تي، توسان ڪا پچر ڪئي اٿنئي؟”

“نه مون سان ته اهڙي ڪائي ڳالھ ناهي ڪئي، پر ڪراچي وڃڻ جي ڪهڙي لوڙھ اٿس، ٿئي پيو مرچ ماني تي گذارو. وڏا شهر واڳون اٿئي، ماڻهو ڳڙڪايو وڃن.”

پوڙهيءَ جي پگهريل چهري تي پريشاني پڌري ھئي، ڪارن ۾ اڇن جيان.

“هيڪڙو ڇوتو آھيم، سي به اڻ مڃ. اچي ته ڪيان ٿي جٺ، من ڪو ساڃاھ ٿئيس.” پويون سج به پڇاڙڪن پساھن ۾ هو، ڪلھي تي ڪوڏر لٽڪايو، ٿڪل ٽٽل انداز ۾ کٽ تي ڦان ٿي اچي ڪريو.

“جيجي وٽو پاڻيءَ جو وار، اڃ خطا ڪري ڇڏيو آهي.”

“ڪيترا ڀيرا چيو اٿم، پرايون ونگارون نه وھ.” وٽو هٿ ۾ ڏيندي، خفي ٿيندي چيائين.

تڪ ئي ھڪڙي، وٽو خالي. “باقي جيجان تون به ادي وانگيان شروع ٿي وئين، هتان ٿي ويھ ته هڪڙي ڳالھ اوريان.” ٿورو پرڀرو سرڪندي، جڳھ ٺاهيندي چيائين.

“جيجي ادي جو سڱ وريام گهريو آهي مون کان. ٻن ڏينهن اندر ايندا سندس وڏڙا تنهنجو ۽ ادي جو راضپو معلوم ڪرڻ.”

“بهرام ابا تو کيس ڪهڙي ورندي ڏني؟”

“جيجان بابا کانپوءِ جيئن ته گهر جو وڏو مان آهيان، مون کي ته هر لحاظ کان رشتو مناسب ٿو لڳي. منجھس ظاهري طور ڪابه خرابي ڪونهي، تڏهن به فيصلي ڪرڻ جو حق ۽ اختيار تو وٽ آهي جيئن به ڪرين وس واري آهين. مون وريام کي ڪوبه آسرو ناهي ڏنو، چيم پنهنجي وڏڙن کي موڪل اسان ڏانهن. ها نه جي ورندي پاڻهي جيجي ڏيندي.”

“پٽ آئون زال ضائفان سڱاوتيءَ جو فيصلو ڪيئن ٿي اڪيلي سر ڪري سگهان، وارثن کان ته پڇڻو پوندو.”

بهرام جي ڏاڙهي کي ڏڪڻي وٺي ويئي، اکيون لال.

“جيجي ڏک سور ڏسي پالي وڏا تو ڪيا، تڏهن ڪٿي هئا وارث. منهنجي ڀيڻ جو وارث صرف آئون آهيان، جتي به چاهيان سندس سڱ ڪيان. جڏھن اسين صغير ھئاسين، ڇانو کان محروم، تڏهن اسان جي مٿي تان هٿ کڻي ڇڏيئون، هاڻ جڏهن مچي مڙس ٿيو آهيان ته مون کي به ڪنهن رشتي جي ضرورت ڪونهي.

“پٽ تڏهن وقت اهڙو هو، فاقن ۽ غربت رشتن جو لحاظ وسارائي ڇڏيو، بس هڪٻئي کان ڇڄا هئاسين، ڇني ٽٽي ڌار ته ڪو نه ٿيا آهيون. جي پنھنجي ڀيڻ وريام کي پرڻائڻ ٿو چاهين ته منهنجو هڪڙو شرط آهي، پنهنجي چاچي کي وڃي پاڻ شرڪت ڪرڻ جي ڪوٺ ڏيئي اچ، ان صورت ۾ وريام کي سڱ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، نه ته منهنجي پاران انڪار ڀائنج.”

هو رشتن جي بي رخي تي ڪاوڙيل هو، پر ڳالهين ئي ڳالهين ۾ وريام کي زبان پڻ ڏني هنئين، جنهن تان ڦرڻ سندس شان ڪونه هو. لاچار کيس چاچي جي ڳوٺ طرف وڃڻو پيو.

پاليل خود ساخته غصي سان وڙهندو وڳندو، جيجي جي ڳالهين تي سوچيندو، رشتن جي محرومي تي لڙڪ لاڙيندو ڳوٺ پڳو.

چاچي جي جوان چھري تي وقت وڏي سفاڪي سان وار ڪري، گهنجن جو ڄار وڇائي اڌڙوٽ ڪري ڇڏيو هو. سندس ڀريل ڀريل بت، پهرين جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ۽ نٻل ٿي لڳو.

ماضي بيحد اداس يادگيري آهي، اکين اڳيان تري آئي.

ياد پيس، ڪيڏو نه اڙانگو جانٺو جوان هو.

سدائين پيو تيل مکيل شپھرن کي وٽ ڏيندو هو، سندس اکين جي گهور کان ننڍو وڏو ھيڏو هوڏو پيو لهرائيندو هو. وٽس سواري لاءِ ڀلوڙ گھوڙو هو، بوسڪي جو پٽڪو، هرک جا ڪپڙا، چمڙي جو بوٽ ۽ ڀنڀي ڏاڙهي کيس واجها ٺھندا هئا، جهڙي تهڙي تي مڇ ڪونه ڇنڊيندو هو.

نيٺ هڪ ڏينهن سهيند سان اک جو پيچ لڙيس، جيڪا ناناڻي ڳوٺ جي رھندل هئي. ڪنڌار مڙس ٻن ڏينهن ۾ لهي، صفا ڪک پن ٿي ويو. مرحوم ڀاءُ پيو سندس جهيڙن جهٽن کي منهن ڏيندو هو، ننڍي ڀاءُ جي اها حالت ڏسي، الهو تلهو وڪڻي، سهيند ڪپھ سير ڏيئي ڪري کيس پرڻائين.

تڏهن ڌيءَ لاءِ ڪپھ سير ڏيڻ جو رواج ھو.

شاديءَ کانپوءِ اهڙي ناڪيلي پيس، صفا گز ٿي ويو، ارڏايون هلي چريس. مٿس ذميداريون اچي ويون، جيڪي خوشي الائي مجبوريءَ ۾ کيس کڻڻيون پيون.

سهيند زبان جي تيز ترار عورت هئي، هو هميشه کانئس دٻجي رهندو هو.

تيسين ڏڪار اچي منهن ڪڍيو، مالن جون واڙون خالي ٿيڻ لڳيون. مالوند ماڻهن جي گذاري جون واهون بند ٿي ويون، ماڻهو بک مرڻ لڳا فاقن جي  نوبت اچي ويئي.

شاديءَ جي پنج سالن ۾ ٻارن جي ڇلي، تنهن جي اگھائي سگھائي جو خرچ کاٻاڙو، ڀاءُ جي اڻ مندائتي موت کيس جھوري وڌو. سڄي ڏينهن جي ھڻ ھڻان کانپوءِ به هيڏي ڪٽنب جي ڪفالت نٿي ٿي. هڪڙو ويلو کاڌئون ٿي ته ٻه ويلا لنگهڻ ٿي ڪاٽيئون.

ڀاءُ جا ٻار صغير هئا پنهنجا مس آني مان ڦٽا هئا، ڪمائڻ وارو هڪڙو سر، پيٽ جي پانڌي نٿي پوري ٿي. گهر ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل ھئا، آخر سندس قوت برداشت جواب ڏنو. هڪ ڏينهن ٿڪي ٽٽي گهر پڳو، عورتون وڙهڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيٺيون هيون کيس نهن کان چوٽيءَ تائين باھ وٺي ويئي.

ٻٽي ڌڪ سهيند کي وهائي ڪڍيائين، ڀاڄائي مانديان پلاند وجھي کيس ماٺ ڪرايائين. ادي وڏي هاڻ پنهنجو گڏ گذارو ڪونهي، تون سڀاڻ جي سج ۾ ٽپڙ ٻڌي مائٽن رواني ٿي. مون کان به جيڪو خرچ پکو پڳو سو ات پڄائنيدس، باقي روز جي ڪرھ ڪڪري مان پاڻ جي جان ڇڏائي ۽ منهنجي به جند آجي ڪرائي.

اهو ڏينهن ھي ڏينهن، نه چاچي خرچ موڪليو نه پاڻ پڳو، نه ڪڏهن ڪنهن کان خبر چار ورتئين. غربت شايد انسان کي بيحس بڻايو ڇڏي، وچ ۾ ويھ ورھيه وهامي ويا، وقت دلين مٿان ويڇا وڌائي ڇڏيا.

جڏهن جوان ڀائٽي کي ڏٺئين ته مرحوم ڀاءُ ياد اچي ويس. ڀاڪرن ۾ ڀري، ڍاڍون ڏيڻ ۾ اچي ڇٽو. هڪ عرصي کان مرڪون ۽ لڙڪ کانئس رٺل هئا، مشين جيان پيو سڄو ڏينهن ڪم ڪندو هو، نه ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ جي ساڃاھ، نه بک ۽ آرام جو الڪو.

اڄ ڪنهن پنهنجي جو ڪلھو مليو ته دل ميڻ ٿي وئي، اکين مان پاڻي آب جهلڪي پيو. ڪيتري دير ٻارڙن جيان سندس سيني سان چھٽيل هو، اوڇنگارون ڏيئي ٿي رنو.

بهرام جون رنجشون به لڙڪن سان گڏ وهي ھليون، جيجي جا اکر ياد پيس.

“رت ۽ رشتا پاڻيءَ تي سج جو تئو ته ڪونهي، نه ئي سياري جي ساٽ آهي جا اک پٽ ۾ ڇڻي ۽ لهي وڃي. هو جي نه پڳو ته تون وڃ، ننگ جون پاڙون دوزخ ۾، رت ته دانگيءَ تي به ورندو آهي.”

جيجيءَ سچ ٿي چيو، منهنجي انڪار سان حقيقت بدلبي ته ڪونه، رت ته وري به رت آهي. چاچي جي پنهجائپ ۽ پاٻوھ ڏسي، پاڻ تان ڪي ڳرا گوندر لهندي محسوس ڪيائين. جڏهن بود ۾ ٿيو، تڏهن کيس سانتيڪو ويھاري ٻه ٽي نرڙ تي مٺيون ڏنائين ۽ حال احوال پڇئين.

بهرام اچڻ جو مقصد ۽ جيجي جو رکيل شرط ٻڌايو، هڪ وار وري سندس اکيون ڇلڪي پيون. ھن جي من ۾ سنڌو جيان ٻوڙ ٻوڙان واريون لھرون ٿي اٿيون، جيڪي سندس حال جا بند ٽوڙي ماضيءَ جي ڪپرن سان پي ٽڪراڻيون.

هن جي تصور ۾ مرحيات ڀاءُ تري آيو، جيڪو سندس سڀ انگل آرا کڻندو ھو، سندس ڏنگاين مداين کي پيو منهن ڏيندو هو. جڏھن ھو وڇڙيو ته ڪيڏو نه اڪيلو ٿي ويو هو، کانئس ته پنھنجي پتيءَ جا رھيل ڪم به ڪونه پڳا ھئا.

وقت ڪيئن نه ويڇا وجهي ڇڏيا ھئا، اڄ سندس اندر جهري ڀور ڀور ٿي پيو.

بهرام کي چيائين، “بابل تون خير سان گهر ھل، ڀاڄائي کي چئج آئون تنھنجو معيارو ۽ قرضي آھيان، پر دل جاءِ ڪجان سڀاڻي ڳوٺ ايندس پنھنجي ھٿن سان پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڪندس.”

بھرام چاچي کان موڪلائي روانو ٿيو.

ھن جي ننڊ رشتن جي دوري جي درد کسي ورتي، تان جو ڪڪڙن ٻانگن جا دس ڏنا. ڏور افق مان روشني جا ڪرڻا نروار ٿيڻ لڳا ھئا، ڪائنات ڪاري رات جي چادر کي چيريندي روشن ٿي پئي ھئي. ھن به جتي ڇنڊيندي اچي ڳوٺ جي ڀاڳئي ۽ سريال گلڻ جي اوطاق ۾ ٺڪاءُ ڪيو.

“ادا خير ته آهي، صبح سويل پنڌ ڪيو اٿئي؟”

“گلڻ خان ٽيون ڏينهن تون مون وٽ مينهن لاءِ آيو هئين، گجر تان وڪرو معاف ھو ۽ سندس ڪو ملھ ڪونه ھو، پر اڄ توکي گهر ويٺي ڏيڻ آيو آهيان.

ڀائٽي ٿو پرڻايان ڏاج کپي، پر ڳالھ ٻڌ مينهن جا ڏھ لک وٺندس پورا.”

گلڻ کلي چيو، “ڀلا ڀاڳ اسان جي وٿاڻ جا جو گجر گهر ويٺي ملي، شوق جو ملھ ئي ڪونهي ويھ ته چانھ ۽ پئسا کڻي اچان.”

هن چانھ پي دنگ ڪئي ته گلڻ پئسن جي ھڙ هن حوالي ڪئي.

“ادا ڳڻي ڏس، پورا ڏھ لک آهن.”

هن ڳنڍ کولي، پئسن جي دستين تي اتاڇري نظر وڌي.

“گلڻ خان هي نياڻي جي نصيب جا آهن، پڪ پورا هوندا.”

سٽ ڏيئي اٿيو ۽ شهر ڏانهن رخ رکئين. سئي کان سڳي تائين ڏاج جو سامان وٺي، شهزور ڀرائي روانو ٿيو.

هن جي دل اطمينان سان پر ۽ سوچون مها ساگر وانگي خاموش هيون، هن کي لڳو ڪائنات جون سڀ خوشيون پنهنجي جهول ۾ ميڙي ورتيون ھئائين.

مٿس چڙهيل سڀ قرض لهي ويا آهن، هن جي تصور جي ته خانن ۾ مرھيات ڀاءُ جو چهرو ٻهه ٻهه ٻهڪي رهيو هو. گاڏي گهر جي گهٽي تي پڳي، هن سڏ ڪيو. “بهرام پٽ سامان لهرائي، آئون ڀاڄائي سان ملي سندس ميارون لاهيان.”

ڀاڄائي کي پيرين پئي، “ادي منهنجي اوگڻن کي نه ڏسج، پنهنجي ڳڻن ڏانهن نهارج.”

جيجي جون اکيون آگمجي آيون ۽ مک تي مامتا ڀري مرڪ تري آئي.

آخر اهو ڏينهن آيو، ڳوٺاڻي فضا ۾ ڳيچ ٿي گونجيا. پيءُ ۽ چاچي جو فرض نهايت ايمانداري سان نڀائيندي، ڀائيٽيءَ کي رخصت ڪئين.

بهرام اوطاق مان هنڌ کٽون ديڳون ۽ ڊيڪوريشن جو سامان مالڪن حوالي ڪرائي اچي، جيجي جي هنج ۾ مٿو رکي ستو.

“جيجي سچ ٿي چيئي، مجبوريون ويڇا ته وڌائينديون آهن، پر جدا ناهن ڪري سگهنديون. رشتن جي زنجير ايڏي ته مضبوط هوندي آهي، وقت ڪيڏا ئي ڏار ڇو نه وجهي، پر ٽٽي ناهي سگهندي.

آئون ته پنهنجن جي محرومين بي حسين ۽ پنهنجي پاليل نفرت ۾ ٿي ڪڙهيس، پر جيجي تنهنجي ڏاهپ ۽ صبر مونکي سيکاريو آهي، ماڻهو جي من ۾ رڳو ڪروڌ ۽ ڪٺورتا نٿي وسي، رحم ۽ چڱائي به واسو ڪري ٿي…!

***