طاقت کي ساڃاهه جي ضرورت
طاقت ۽ ساڃاهه جي ميلاپ سان هڪ پرامن معاشرو جڙندو آهي، رياست کي پنهنجي وجود جي حفاظت لاءِ طاقت جي ضرورت پوندي آهي، هڪ ڪمزور رياست پنهنجي بقا کي قائم نه رکي سگهندي آهي. رياست جي طاقت کي پڻ ساڃاهه ۽ عقل جي اثر هيٺ توازن ۾ هلڻو پوندو آهي. انهيءَ توازن ۾ ساڃاهه ۽ عقل جو پاسو ڪجهه ڳرو هوندو آهي. جيڪڏهن طاقت ساڃاهه جي مٿان غالب ٿي وڃي ته پوءِ معاشري ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيندا آهن پوءِ جيڪو ماڻهو ۽ رياست جو رشتو آهي ان ۾ يقين، محبت، احترام گهٽبو ويندو آهي ۽ غير يقيني ۽ نفرت جو بنياد پوڻ شروع ٿيندو آهي، جيڪو ان رياست کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي. اهو پڻ سچ آهي ته طاقت ۽ ساڃاهه جو ٺاهه پڻ گهٽ هوندو آهي.
Read More