نئون

ٽنڊو محمد خان لڳ ٽرڪ ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر عورتن سميت 10 ڄڻا فوت

ٽنڊو محمد خان لڳ ٽرڪ ۽ سوزوڪي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي سبب عورتن سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. خبرن موجب ٽي عورتون زخمي ٿيون آهن، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ڊي ايس پي هوسڙي جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿيا آهن، جن ۾ عورتون به شامل آهن.