“هن دفعي اسين ٽي هئاسين. ٽيون غلام حسين جو سوٽ عبدالرحمان هيو. اسين پهرين غلام حسين جي ڳوٺ وياسين. ست اٺ ڏيهاڙا اُتي رهياسين. غلام حسين چار ٻين همراهن کي ُگهرايو. اسان ٽنهين وٽ رائفلون هنيوسين. جيڪي ٽي همراهه آيا هئا، انهن مان به ٻن وٽ بندوقون هيون. گهوڙا ستن وٽ ئي هئا.
“اسان کي پتو پيو هو ته دولت پور تعلقي جي ڳوٺ منگي جي واڻين وٽ ڌن گهڻو آ. اسان کي اها به خبر پئي هئي ته ڳوٺ وڏو آ، ۽ واڻين جي گهرن کي وڏو پَڪَ سرو ڪوٽ ٻڌل آ.
“اسان الله جو نالو وٺي منگي جو رخ ڪيو. سج اڃان ڪافي بيٺو هو، گرميون ختم ٿي چڪيون هيون، پر سيارو اڃا شروع ڪونه ٿيو هيو. هوا ٿڌي هئي. اسان منگي کان ڪجهه اُوري جهنگ ۾ ترسي پياسين، ته ڀلي سج ڪجهه لڙي، جهنگل کان ٻاهر ٻڪريون چري رهيون هيون. اوچتو ٻڪرين ۾ ٽاهه پيو، ڪجهه ٻڪريون جهنگل ۾ ڀڄي آيون. ٻڪرين جي پٺيان انهن جو ڌنار به جهنگل ۾ گهڙي آيو ۽ اوچتو اچي اسان جي اڳيان بيٺو. اسان کي ڏسي هو ڏڪي ويو. اسان جهٽ ڏئي هن کي قابو ڪري ورتو. سوچيوسين ته: هن کي ڇڏبو ته وڃي ڳوٺ ۾ ڄاڻ ڪندو. تنهنڪري کيس چيوسين: “پٽ ويهي رهه” نوجوان ڇوڪرو هو، ماٺڙي ڪري ويهي رهيو. اسان انتظار پئي ڪيوسين، ته سج هيٺ ٿئي ته منگي تي چڙهائي ڪريون. ڇوڪرو اسان سان ائين رلي ملي ويو. ڄڻ اسان جي ٽوليءَ جو آهي، هن چيو: “ماکي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اوهين ڌاڙيل آهيو، ڪنهن ڌاڙي تي وڃو ٿا. جيڪڏهن اوهان کي ڌاڙي جو شوق آ، ته هڪڙو ڏاڍو سٺو ڌاڙو آ، مان انهيءَ ۾ اوهانجي مدد ڪري سگهان ٿو”.
“اُهو ڇوڪرو اسان کي منگي ۾، سڌو واڻين جي ڪوٽ آڏو وٺي آيو. ڪوٽ کي وڏو ۽ مضبوط در هيو. در کليل هو ۽ پڌر ۾ واڻيا ويٺا هئا. اسان در وٽ پهچي چئني طرفن فائر ڪيا، ۽ هڪلون ڪيونسي ته: جو جتي آ، اُتي چُپ چاپ رهي. اگر ڪوبه ڪڇندو ته مارجي ويندو. اسان جي هڪلن ۽ هوائي فائرن تي هو ڊڄي ويا، ۽ جو جت هيو اُتي ڄمي ويو، ٿورو پريان پنج اُٺ ويٺا هئا ۽ ڀرسان واڻين جون بندوقون پيل هيون، پر انهن ۾ ايتري جرئت ڪونه هئي جو هٿيار کڻي سگهن. اسان يڪدم انهن جي هٿيارن تي قبضو ڪري ورتو.
“اسان سڄي ڪوٽ تي قبضو ڪري ورتوسين، پر اُهو ڳوٺ هو وڏو، سڄي ڳوٺ جي خلق اچي ڪٺي ٿي. زبردست جهيڙو ٿي پيو، هنن اسان تي بندوقون ڇوڙيون، اسان به فائر ڪيا. اسان مان ڇهه اندر هئا، ۽ هڪ در تي بيٺو هو، جهيڙو وڌيو ته اسان مان ٻه ٻيا به در تي ويا ۽ اسان به زبردست فائرنگ ڪئي، نيٺ وڏي ويڙهه کانپوءِ اسان انهن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ گهٽي خالي ٿي وئي، اهي سڀئي مسلم هئا، ۽ ڳوٺ جي واڻين کي بچائڻ لاءِ آيا هئا.
“اسان جڏهن مال ملڪيت ڪٺي ڪرڻ لڳاسين ته: اسانجي ڀَرَ ۾ هڪ مهتي اچي بيهي رهي. نوجوان ڇوڪري هئي، پر شهزادي هئي شهزادي. اهڙي سونهن مان نه اڳ ڪڏهن ڏٺي نه وري ڄمار ۾ ڏٺم. پهرين ته هوءَ اسان کان ڊني پي، پر اسان کيس چيو: “مائي، پٽ، ٻچا تون ڊڄ نه، اسين توکي هٿ نه لائينداسين. اسين ملڪيت جا گهور (گهڙندڙ) آهيون. تون فڪر نه ڪر.“ ڇوڪري ڪجهه دير ته چُپ ڪيو بيٺي رهي، پوءِ اسان کي پاڻ سان وٺي هلي، ۽ هر اُها ڪوٺي، هر اُها جاءِ ڏيکاري جتي ملڪيت هئي.
“هنن وٽ سون، پئسا ۽ ڪپڙو بي انداز هو. اسان ست ئي گهوڙا سامان سان ڀريا، ڪپڙي جون هڙون ٻڌي، چِلهيون ڪندا هئاسين ۽ پوءِ چلهيون کڻي گهوڙن جي مٿان رکندا هئاسين. “اسان اڃا وڃڻ جي پيا ڪريون ته ڳوٺ وارا وري ڦري آيا ۽ اسان تي حملو ڪري ڏنائون. انهيءَ وقت در تي اسان جو فقط هڪڙو ماڻهو هو. ڳوٺ وارن سڄو زور در تي لڳايو ۽ همٿ ڪري در بند ڪري ٻاهرائون تالو ڏيئي ڇڏيائون. در ڏاڍو مضبوط هو. ڀڃڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو. ڪوٽ سان لڳ ڪا جاءِ به نه هئي، جنهن جي مٿي ٽپي ڀڄي سگهون.
“اسان کي اهو فڪر ورائي ويو ته هاڻ نڪرنداسين ڪيئن. اسين در جي ڀَرَ ۾ اچي بيٺاسين. اسان جي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هاڻ ڇا ڪريون. ايتري ۾ اُها شهزادي وري اسان وٽ آئي ۽ چيائين: “ادا، اچو مان اوهانکي ڏاڪڻ ڏيکاريان.” اُها ڇوڪري تکي تکي هڪ پاسي وڃڻ لڳي، اسان کي خيال ٿيو ته متان ڪٿي اها ڇوڪري اسان کي ڦاسائي نه وجهي. اسان پنهنجا ٻه همراهه هن جي ڪڍ ڪياسين. ٿوري دير ۾ اسان ڏٺو، اسان وارا همراهه بانس جي لڪڙن جي هڪ وڏي ڏاڪڻ کنيو پيا اچن، سندس پٺيان اُها شهزادي آئي پي.
“اسان اُها ڏاڪڻ در کي ٽيڪ ڏيئي بيهاري. پوءِ غلام حسين ۽ مان ڏاڪڻ جي رستي مٿي چڙهياسين. اسان آهستي سان ڪنڌ کڻي هيٺ نهار ڪئي. اسان ڏٺو ته ڪوٽ جي ٻاهران ايتري خلق جمع ٿي وئي هئي، جنهن جو شمار ڪونه هو.” اسان هڪلون ڪري وٺي فائر ڪياسين. رڙ ڪري چيوسين: “خبردار، اسين واڻين جو ڌاڙو ٿا ڪريون. اوهين مسلمان ناحق مري ويندا. اوهين هندئن ڪاڻ ڇو ٿا پنهنجي جان ڏيو” هڪڙي نوجوان هڪل ڪري چيو: اُهي واڻيا ڪونه آهن. اسان جا ڀائر آهن. هنن جون زالون اسان جون مائر ۽ ڀينر آهن. اسان جو ابو امان هڪ آهي. توهين چور آهيو. “اسان وري فائر ڪيا، پر انهن مان ڪوبه ڀڳو ڪونه، پوءِ اسان انهن جي پيرن ۾ فائر ڪيا. هرو ڀرو ماڻهو مارڻا به ته ڪونه هئا. پوءِ چار ماڻهو، جن ۾ اهو نوجوان به شامل هو، اچي در جي هيٺيان بيهي رهيا. باقي خلقت ڀڄي وئي.
اسان کي انهن چئن ماڻهن جي سُڌ ڪونه پئي ته ڪي اهي در جي هيٺيان لڪيل بيٺا آهن. اسان سمجهيو ته سڀئي ڀڄي ويا آهن. اسان ڏاڪڻ اندران کڻي، ٻاهرئين پاسي رکي ۽ غلام حسين اُن تان لهڻ لڳو. اوچتو اُهي چارئي اچي ڏاڪڻ جي سامهون بيهي رهيا. هاڻ اسين ڇا ڪريون. غلام حسين ڪجهه ڏاڪا لهي چڪو هيو. انهن اسانکي هڪلون ڏنيون ۽ گاريون ڏيڻ لڳا: جُوءِ جا… هاڻ لهو ته توهانجي خبر وٺون” مان انهن جي پيرن وٽ فائر ڪيا، ۽ چيم: “بابا، اوهين مسلمان آهيو، اسان جو جهيڙو اوهان سان ڪونهي، اوهين ڀڄي وڃو”. پر هن نوجوان هڪل ڏيئي چيو: “گيدي، چور، اسانکي ٿو ڀڄڻ جي صلاح ڏين، ماءُ جا… اسين توهانجو اڄ انت آڻينداسين.” مون کي هن نوجوان جو قدر هيو ۽ مان ڪنهن مسلمان کي مارڻ نٿي گهريو، پر جڏهن هن بندوق اُڀي ڪري، غلام حسين جو نشانو ورتو ته مان يڪدم فائر ڪيو. گولي سڌي وڃي انهيءَ نوجوان جي مٿي ۾ لڳي. هن ٿيڙ کاڌي، پر حوصلو جهلي، در ڏانهن ڀڳو، ٻيا ٽي همراهه به هنجي پٺيان، ڀت جي آڙ ۾ ٿي ويا. هن نوجوان رڙ ڪري چيو: “گٿو آهين جوءِ جا….” ماکي به ڪاوڙ اچي وئي، مون رڙ ڪندي چيو: “ماءُ جا…. گولي ماڻهين جي…. ۾ لڳي اٿئي ڇا. اجهو ٿو لاشو ڪري. وري رڙ ڪري چيم: “چاچو توهانجو مري ويو، هاڻ توهين ڀڄو، نه ته سڀني جا لاشا اتي ڪرندا” ايتري ۾ انهيءَ نوجوان جو لاش ٿيڙ کائي اچي سامهون ڪريو. ٿوري دير کانپوءِ هنن اسان کي چيو: “اسين اوهان تي حملو نٿا ڪريون اسان کي مهلت ڏيو ته اسين پنهنجو هيءُ ماڻهو کڻي وڃون.” اسان کين مهلت ڏني. هو پنهنجي ماڻهوءَ جو لاش کڻي ويا. اسين انهيءَ ڏاڪڻ تان لهي هيٺ آياسين. اسين پاڻ سان رمبا کڻندا هئاسين ته متان ڪٿي ڀتين کي کاٽ هڻڻو پوي اسان اهي رمبا وجهي تالا ڀڳاسين. هنن ٽي چار تالا لڳائي ڇڏيا هئا. مس مس ڪري تالا ٽٽا پوءِ اسان دروازا کولي اندر وياسين. سامهون اُها شهزادي ڇوڪري بيٺي هئي. اسان تي نظر پئي ته مرڪي ڏنائين.
“جڏهن اسان موٽياسين ته جهيڙو ٿي پيو. ڳوٺ وارن اسان تي حملو ڪري ڏنو. هنن اسان تي فائر ڪيا، اسان به انهن تي فائر ڪيا ۽ فائرن جي وچ مان پاڻ بچائي نڪري آياسين، اسان جيڪي فائر ڪيا، انهن مان هڪ گولي نم جي وڻ مان پار ٿي وئي.
“ٻئي ڏينهن اسان کي ڪن ماڻهن اچي ٻڌايو ته ڌاڙي جي جانچ وٺڻ لاءِ ايس پي پاڻ آيو هو. هن جو نِم جو اهو وڻ ڏٺو ته حيران ٿي ويو. چيائين: “خبر نه هي هٿيا ڪهڙي قسم جو آ. جنهن جي گولي وڻ کي چيري وئي آ. هنن جو پوئتون ڪونه هلنداسين. اهي شايد جبل جا ماڻهو هئا. انهن جو پيڇو نه ڪبو. موٽي هلبو.
“اسين ڏهه ٻارنهن ڏينهن ڪنداهه ۾ رهياسي، ملڪيت اسان اڳ ۾ ئي ورهائي ڇڏي هئي. پنهنجي ملڪيت کڻي، گهوڙن تي چڙهي موٽي آياسين. اسان سان جيڪي ٻيا همراهه هلندا هئا، انهن کي ڪڏهن انت نه ڏنوسي ته ڪاٿي رهندڙ آهيون، غلام حسين کي اُهي سڃاڻندا هئا، پر ماکي ڪونه سڃاڻندا هئا. مان اتي گونس بخش (غوث بخش) سڏائيندو هوس.
“پوءِ اسين ٽئي همراهه اڳي وانگر سفر ڪندا، منزلون هڻندا پنهنجي ملڪ رُجهان اچي پهتاسين. غلام حسين وري علي محمد مهر ٿي ويو، ۽ مان گونس بخش مان ڦري ميرو ٿيس.
“بس پوءِ اهڙيءَ ريت رُجهان ۾ سال ڇهه مهينا رهي، وري شونق شڪار تي نڪرندا هئاسين. مان غلام حسين سان پنڌرنهن سورنهن سال ساڻ رهيس. ايتري عرصي ۾ اٽڪل ويهه پنجويهه دفعا ويو هوس. گهڻي ڀاڱي نوابشاهه ضلعي ۾ ڌاڙا هناسين، ڇاڪاڻ ته غلام حسين کي اتان جي پوري خبر هوندي هئي، ٻين ضلعن ۾ تڏهن ويندا هئاسين، جڏهن جاچوسي سٺي ٿيل هوندي هئي. سکر ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ به ڌاڙا هنياسين، ڪيترا دفعا ڌاڙي وقت وڏا جهيڙا ٿي پيا، ڪڏهن ماڻهو به مارجي ويا.
“مختلف هنڌن تي ڌاڙا هڻندا هئاسين، پر جتي رهيل هئاسين يعني رُجهان ۾، يا آس پاس ڪڏهن به ڌاڙا نه هنياسين.”