“اسان اُهو طرف ورتو، جنهن پاسي پوليس اڳ وٺيو بيٺي هئي. اسان پوليس جي ڀرسان پهچي نعرا هنيا ۽ هڪلون ڏنيون. “هٽي وڃو اسان جي گس مان، خبردار جو ڪو سامهون آيو آ. اسين ميدان ڪيو پيا اچون. اسان جي سامهون جيڪو ايندو، اسان هن کي ڀڳڙن وانگر ڀڃي ڇڏينداسين.” ۽ پوءِ اسان زبردست فائرنگ ڪئي. پوليس به اسان تي فائر ڪيا پر پوليس اسان سان مقابلو نه ڪري سگهي. هنن کي جان جو ڊپ هو. اسين ته سر جو سانگو لاهي ويندا هئاسين. پر هو فقط پگهار جي ڪري پنهنجو سر ڏين. سو اُهي پنهنجي سر جو بچاءُ ڪري پوئتي ڀڄي ويا.
“اسان جو رستو صاف ٿي ويو. اسان اڳتي وڃي درياهه جي پاسي لڙي پياسين. پوءِ درياهه پار ڪري، ٻيلي ۾ ڪنداهه ۾ گهڙي پياسين. اِهو ٻيلو اٽڪل ٻه ٽي هزار ايڪڙن ۾ آ. اُتي تمام وڏا ۽ گهاٽا وڻ آهن. ڪٿي ڪٿي ته ڏينهن جو به سج جي روشني پٽ تي نه پوندي آ، اُتي ڀاڻ به آهن. اسين اُتي وڃي رهنداسين. ڀاڻ چوندا آهن ڀاڳين کي جن وٽ پنهنجون مينهون ڍڳيون هونديون آهن. مانيءَ ٽڪيءَ جي جنهن وقت اسان کي ضرورت هئي اُهي تيار ڪري ڏيندا هئا. ڪيترن ڀاڳين سان منهنجي دوستي هئي. اسين ڪنداهه ۾ ٽي ڏينهن رهياسين، پوءِ دولتپور کان روڊ ٽپيوسين ته هڪ ماڻهو اسان کي ٻڌايو ته هتي پوليس جو ڏس پيو آ. پوليس جي ٽرڪ قاضي احمد ڏانهن وئي آ، پوءِ اتان موٽندي. اسان روڊ جي پاسي ۾ ويهي رهياسين ته ڀلي پوليس اچي ته هن سان مقابلو ڪيون.
“اسان کي ويٺي ڪجهه وقت ٿيو ته اسان ڏٺوسين ته سامهون کان هڪ لاري اچي پئي، اسان اوچتو فيصلو ڪيوسين ته لاري کي ڦريون ٿا، ڀلي ته پوليس کي پتو پوي ۽ مقابلي لاءِ اچي. نه ته ٿي سگهي ٿو ته نه به اچي. اسان جو هڪڙو همراهه ڪجهه اڳ ڀرو وڃي بيٺو ۽ لاريءَ کي هٿ ڏنائين لاري جڏهن بيٺي ته اسين به ڊوڙ پائي لاريءَ ۾ چڙهڻ لاءِ ڀڳاسين. ڊرائيور اسان کي ڏسي ورتو ۽ هن لاري تيزيءَ سان هلائي ڇڏي. اسين لاريءَ ۾ چڙهي نه سگهياسين، پر اسان وارو همراهه لاري ۾ چڙهي ويو ۽ هن رائفل اُڀي ڪري ڊرائيور کي چيو ته لاري روڪ پر ڊرائيور لاري نه روڪي. هن ڊرائيور کي ٻانهن ۾ گولي هڻي ڪڍي. لاري ڊرائيور جي قابو کان ٻاهر نڪري وئي، ۽ کامي ۾ وڃي گهڙاٽ ڪري بيهي رهي. اسان ڊوڙي وڃي اتي پهتاسين ۽ سڀني مسافرن جي تلاشي ورتي جنهن وٽ جيڪو ڪجهه هو. اهو سڀ ڪجهه ڪڍرائي ورتوسين. البته عورتن کي هٿ ڪونه لاتوسين. ڦر کانپوءِ ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا ۽ ڪلاڪ کن کانپوءِ ڪي ماڻهو پوليس وٽ پهچي ويا ۽ اطلاع ڪيائون ته لاريءَ کي ڌاڙو لڳو آ.