عمران خان جي خواهش پوري نه ٿي، سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس وزيرآباد جي سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ڪيس قتل جي قدمن، دهشتگردي سوڌو ٻين قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ موقعي تان گرفتار جوابدار نويد کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر کي سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. پوليس ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ ايف آءِ آر کي عام ڪيو ويندو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 3 نومبر تي وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران ٿيندڙ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو هو.

