ٽوئيٽر هاڻي بنا وارننگ جي اڪائونٽ اڏائي ڇڏيندو
ٽوئيٽر جي نئين مالڪ ايلن مسڪ خبردار ڪيو آهي ته اهڙا ٽوئيٽر اڪائونٽ بنا اطلاع معطل ڪيا ويندا جن جي پروفائل ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته هي پيروڊي اڪائونٽس آهن. ان کان پهرين ٽوئيٽر ائين ڪرڻ وارن کي وارننگ ڏيندو هو، ٽوئيٽر جي نئين ارب پتي مالڪ چيو آهي ته هاڻ اڪائونٽ جي معطلي فوري ٿيندي ۽ واهپيدار کي ڪنهن به قسم جي وارننگ نه ڏني ويندي. جڏهن کان ايلن مسڪ ٽوئيٽر خريد ڪيو آهي، ڪيترن ئي واهپيدارن پنهنجن اڪائونٽن جو نالو تبديل ڪري ايلن مسڪ رکي ڇڏيو آهي ۽ سندس مذاق اڏائي رهيا آهن.