سرمائيدراڻي نظام ۽ ڪرپشن جو تعلق نھايت ئي ڳوڙھو ۽ بنيادي رهيو آھي. ھن کي سمجھڻ جي لاءِ ڪجھ نقطن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
نفعي جو پهريون مقصد: سرمائيدراڻي نظام ۾ رياست ۽ معشيت جو بنيادي سبب وڌ کان وڌ نفعو ڪمائڻ ھوندو آھي. جڏھن نفعو ھر قيمت تي پھريون نشانو بڻجي وڃي ته قانون، اخلاقيات ۽ عوامي مفاد پوئتي ھليو وڃي ٿو ۽ ڪرپشن ان کي حاصل ڪرڻ جو شاٽ ڪٽ بڻجي وڃي ٿي.
رياسي ادارن تي سرمائيدار طبقي جو اثر: سرمائيدار، سياستدان، بيورو ڪريسي ۽ عدليه تي ناڻو خرچ ڪن ٿا ته جيئن انهن کان پنهنجا من پسند فيصلا ڪرائي سگهن، جنهن جو نتيجو اهو وڃي نڪري ٿو ته قانون ڪمزور ۽ طاقتور جي وچ ۾ ورهائجي وڃي ٿو ۽ اهائي ڪرپشن جي سڀ کان وڏي بدترين شڪست آهي.
چند فردن جو دولت ۽ نظام تي قبضو: سرمائيداراڻي نظام ۾ دولت چند فردن جي ڪنٽرول ۾ اچي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري جيڪو غريب طبقو بيوس ٿي وڃي ٿو، اهو مجبورن پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ رشوت ڏيڻ ۽ غيرقانوني رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ۽ ائين ئي مٿان کان وٺي هيٺ تائين پورو سماج ڪرپشن جي لعنت ۾ جڪڙجي وڃي ٿو.
نجڪاري ۽ ڪميشن جي راند: سرمائيداري نظام ۾ وڏا وڏا منصوبا ۽ ادارا پرائيويٽ سيڪٽر جي حوالي ڪيا وڃن ٿا ۽ اهڙن قسمن جي سودن سبب اهو ٿئي ٿو ته وڏي پيماني تي ڪميشن، ڪڪ بيڪ ۽ اوور انوائسنگ شامل ٿئي ٿي، جنهن سان ڪرپشن هڪ باقاعدي ڪاروبار بڻجي وڃي ٿي.
ڪرپشن جو خاتمو ڪئين ٿئي؟
جيستائين سرمائيداراڻو ڍانچو قائم آهي، ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ناهي. نظام کي بدلائي اهڙو ماڊل آڻڻو پوندو جنهن ۾ معيشت عوامي ملڪيت ۾ هجي يعني صنعت، زراعت ۽ وسيلن تي گڏيل ڪنٽرول هجي. جهموري عوامي ڪنٽرول فيصلا ڪجھ سرمائيدارن يا بيوروڪريسي بجاءِ مزدور، ھاري ۽ عام شھرين جي نمائندگي چونڊيل ڪائونسلر ڪن. ان سان شفافيت وڌندي ۽ ذاتي مفاد جي بجاءِ گڏيل مفاد غالب ٿي ويندو. جيڪڏھن دولت منصفاڻي طريقي سان ورهائجي وڃي ۽ تعليم، صحت، روزگار سڀني کي برابر ميسر ھجي ته رشوت وٺڻ يا ڏيڻ جي ضرورت گھٽ ٿي ويندي. عدالتون، پوليس ۽ بيوروڪريسي، عوامي ڪميٽين جي سامھون جواب ڏيندڙ ھجن. جيڪڏھن نگراني مٿان کان نه بلڪه ھيٺان کان يعني عوام ڪري ته ڪرپشن جا امڪان گھٽ ٿي ويندا. ڪرپشن اصل ۾ انھيءَ نظام جي پيداوار آھي جتي دولت پرائيويٽ نفعي جي لاءِ گڏ ڪئي ويندي آھي. جڏھن معيشت گڏيل فلاح جي بنياد تي جڙي ويندي ته ڪرپشن جو سبب پاڻ ئي پاڻ ختم ٿي ويندو. يعني ڪرپشن ڪا الڳ بيماري ناھي بلڪه سرمائيداري جي اندرين ٽڪراءَ جي نشاني آھي. جيستائين سرمائيداري مختلف شڪلين ۾ زنده آھي. ان جي خاتمي جو اڪيلو رستو ھڪ اھڙي سماجي ۽ معاشي نظام جي تعمير آھي، جتي انسانيت نفعي تي نه بلڪه برابري ۽ انصاف تي بيٺل ھجي.