بلاگنئون

تڪليف ۽ ڏک ۾ فرق…

اسان جي معاشري ۾ عام طور تي غربت ۽ اميري کي هڪ ئي پيماني تي ماپيو وڃي ٿو، حالانڪه انساني زندگي جي اصل تڪليف ان کان ڪافي اڳتي آهي. جيڪڏهن ٿورو ڳوڙهائي سان ڏٺو وڃي ته اندازو ٿئي ٿو ته غريب ۽ امير ٻنهيءَ جون زندگيون مشڪل آهن، پر انهن جي مشڪلات جو نمونو بلڪل مختلف آهي ۽ اهوئي فرق اصل ۾ تڪليف ۽ ڏک جي وچ ۾ آهي. غريب ماڻهو عام طور تڪليف ۾ هوندو آهي، ڏک ۾ نه، ان جي پريشاني ڪنهن فلسفياڻي مونجهاري يا ذهني بي آرامي جو نتيجو ناهي هوندي، بلڪه زندگي جي روزمره حيقتن سان جڙيل هوندي آهي. بک، علاج جي کوٽ، ڇت جو نه هئڻ، ٻارڙن جي تعليم جو مسئلو اهي سڀ اهڙيون محروميون آهن، جيڪي جسم کي ٿڪائين ٿيون ۽ زندگيءَ کي محنت ۾ بدلائي ڇڏين ٿيون. اها تڪليف مادي آهي، نظر اچڻ واري آهي ۽ جيڪڏهن وسيلا ميسر ٿي وڃن ته گهٽ ٿي سگهي ٿي يا ختم به ٿي سگهي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ امير ماڻهو اڪثر ڏک ۾ مبتلا نظر اچي ٿو. هن وٽ وسيلا هوندا آهن، سهولتون هونديون آهن، پر پوءِ به دل جي اطمينان کان محروم هوندا آهن. اهو ڏک ڪنهن کوٽ جو ناهي بلڪه ڪنهن احساس جو نانءُ آهي. اڪيلائي، عدم تحفظ، مقصد جو وڃائجي وڃڻ، رشتن جي کوکلاهٽ… اهي سڀ اهڙا سبب آهن جيڪي دولت جي هوندي سوندي انسان کي اندر کان خالي ڪري ڇڏين ٿا. اهو ڏک اهڙي اذيت آهي، جنهن جو علاج بازار ۾ دستياب ناهي.

ائين چئي سگهجي ٿو ته تڪليف ٻاهرين حالتن کان جنم وٺي ٿي، جڏهن ته ڏک انسان جي اندر کان پيدا  ٿئي ٿو، تڪليف جو تعلق جسم سان آهي ۽ ڏک جو تعلق دل سان آهي. هڪ کي ماني، دوا ۽ ڇت گهٽ ڪري سگهي ٿي، ٻئي کي صرف شعور، تعلق ۽ معنيٰ. اصل الميو اهو آهي ته اسان اڪثر تڪليف کي ڏک سمجهي ويٺا آهيون ۽ ڏک کي تڪليف، اسان غريب کي اهو چئي ڪري آٿت ڏيون ٿا ته “بس صبر ڪر” ۽ امير جي ڏک کي بي معنيٰ قرار ڏئي ڪري نظرانداز ڪري ڇڏيون ٿا. حالانڪه ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي حقيقي آهن، پر هڪجهڙا ناهن. زندگيءَ جي سچائي اها آهي ته غربت انسان کي جسماني طور تي ٿڪائي وجهي ٿي ۽ اميري انسان کي اندر کان سوالن ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي. اصل ڪاميابي شايد نه مڪمل دولت ۾ آهي ۽ نه مڪمل فڪر ۾، ان توازن ۾ آهي جتي تڪليف گهٽ ٿئي ۽ دل ڏک کان آزاد هجي. اهو فرق سمجهي ڇڏڻ ئي شايد شعور جو پهريون ڏاڪو آهي.