بلاگنئون

ايران جنگ ۽ عرب رياستن جي حالت

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل يلغار کي هڪ مهيني کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. ھن جنگ جي پھرين ڏينهن ئي ايراني اعليٰ قيادت امام خامنائي سميت شهيد ٿي ويئي ھئي ۽ پوءِ علي لاريجاني سميت وڌيڪ شھادتن تقريبن سڄي ايراني قيادت کي شھيد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي سرزمين تي تاريخ جي بدترين بمباري ٿي آهي. ھزاري ٽن بارود ايران جي انفرا اسٽريڪچر کي تباهه ڪيو آهي. هزارين معصوم ٻارڙن سميت افراد اجل جو شڪار بڻيا آهن. ايران ۾ ھر طرف تباهي ئي تباھي ٿيل آهي. ايران مٿان باھه مينهن وانگر وسي رهي آهي. پر پوءِ به ايران پوري قوت سان، همت ۽  جرئت سان وڙھي رھيو آھي. ايران رڳو اسرائيل ۽ آمريڪا سان نه، پر سندس پاڙي جي عرب ۽ گلف رياستن تي موجود آمريڪي اڏن، عرب رياستن جي بي پناهه دولت، غداري ۽ پنهنجي ديس ۾ لڪيل جاسوسن ابن وطن غدار ايجنٽن سان گهڻ رخي جنگ جوٽيل آهي. ايران پهريون ڀيرو آمريڪا ۽ اسرائيل جي سپرميسي کي ڪاپاري ڌڪ هڻي چڪناچور ڪيو آهي. ايران آمريڪا جي اجگر جهڙي بحري طاقت کي نه رڳو روڪيو آهي، پر ابراهم لنڪن بحري ٻيڙي کي ڌڪي زخمي ڪري پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. نه رڳو اهو، پر گرين لينڊ کان روانو ٿيندڙ يو ايس جيرالڊ فورڊ پڻ ايران کي ويجهو اچڻ جي جرئت نه پيو ڪري. اهي ڳالهيون آمريڪن صدر ۽ انٽرنيشنل ميڊيا خود ڪري رهيا آهن. ايران جي سڀني جديد ويڙهاڪ جهازن جهڙوڪ: f15,f18, f 35 کي ڪيرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جنهن آمريڪن ايئر فورس جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي تنهن کي ڪاپاري ڌڪ پهچايو آهي. لاڪ هيڊ مارٽن جيڪا اهي جهاز ٺاهيندڙ فيڪٽري آهي ان جي شيئرز کي ڪيرائي ڇڏيو آهي.

ايران سستي ٽيڪنالاجي جي مدد سان تيار ڪيل ڊرون ۽ ميزائلن سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي مهانگي دفاعي نظام کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو آهي. ٿاڊ، پيٽرياٽ ۽ ايرون ڊرون جي حصار مان نڪري اسرائيل کي ٽارگيٽ ڪيو آهي. اسرائيل جي هر ايريا ۾ ايراني ميزائل يا ڊرون تباهي مچائي ڇڏي آهي. جنهن جو اقرار اسرائيل جو آرمي چيف پڻ ڪري رهيو آهي. ڊيمونا ايٽمي پلانٽ تائين ايران ميزائل ٽارگيٽ ڪيا آهن. قطر، ڪويت، بحرين ۾ اربين رپين جا آمريڪي ريڊار ايران تباهه ڪري آمريڪا کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. ھن جنگ عالمي معيشت کي گوڏن تي هٿ رکرائي ڇڏيا آهن. توانائيءَ جي دنيا ۾ شديد کوٽ تيزي سان ٿي رهي آهي. آبناءِ  هرمز تي عملي طور ايران ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، جتان ايران جي مرضي بغير هڪ شپ به گذري نٿو سگهي. عملي طور ايران وٽ وڃائڻ لاءِ ھاڻ ڪجهه بچيو ئي ناهي. ايران پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. آمريڪا دنيا ۾ اڪيلو ۽ تنها ٿي چڪو آهي. هيل ساڻس نڪو يو اين اي آهي نڪو وري نيٽو الائنس. ساڳي طريقي سان اسرائيل خلاف پڻ سڄي دنيا اندر نفرت وڌي وئي آهي. ايران جي هن ڌڪ جيترو اسرائيل کي نقصان پهچايو آهي ايترو ٽي چار جنگين ۾ عرب نه پهچائي سگهيا هئا. ڪاش عراق اندر صدام حسين لڪڻ بجاءِ ايران وانگر آمريڪا سان وڙهي ها ته شايد نتيجا الڳ هجن ها، پر آمريڪا اڪيلو ڪري صدام، قذافي، اسد کي مارايو. اڄ اھي ئي عرب پس پرده ايران خلاف سازشن ۾ رڌل آهن. خليجي ملڪ جيڪي ريت تي ماڙيون اڏيو ويٺا آهن، سي پنهنجي ئي افعالن جي ڪري تباهي ڏانهن گامزن آهن. سندن ملڪن مان سرمايو ھاڻ اڏامي ويندو. ايران آمريڪي اڏن کي تباهه ڪري انهن واپاري شيخن جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو آهي. سو جنگ جي خاتمي کانپوءِ جتي نه رڳو آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجا زخم سالن تائين چٽيندا، پر عرب شيخ ۽ دبئي جهڙا عشرت ڪده پڻ ويران ٿيندي نظر پيا اچن.