بلاگنئون

مطالعي جي اڻاٺ ۽ سياسي موڳائپ جو سبب

منهنجو هڪ اڻ ڇپيل خيال يا قول ته: “سٺي اڳواڻ ۽ سٺي پوئلڳ لاءِ اڀياس لازم آهي.” اهڙيءَ طرح ساڀ پيو آھي جو هڪ عالمي مخزن “دي ايڪنامسٽ” ۾ هڪ مضمون شايع ٿيو، جنهن جو عنوان آھي: “دي ڊيڪلائن آف ريڊنگ ميڪنگ پوليٽڪس ڊمر؟” جنهن جو مرڪزي خيال منهنجي هن قول سان بنھھ ٺهڪي ٿو اچي. مضمون ۽ منھنجي خيال موجب: مطالعي جو زوال ئي سياسي موڳائپ جو عروج آهي. ڇاڪاڻ ته جنھن سماج جو مطالعي تان ارواح کڄي ٿو وڃي، اهو بلڪل اهڙا ئي اڳواڻ ۽ اهڙا ئي پوئلڳ ڀوڳي ٿو، جھڙا اھو لھڻي ٿو  يا جھڙا اسان جي سماج ۾ اڄ گهمندا ڦرندا پيا وتن!

اھڙو چتاءُ هاڻي رڳو نظرياتي ڪونھي رهيو، جن ملڪن مان سنجيده مطالعي جو شوق ختم ۽ نظام تباهه ٿي ويو آهي، اتي سياست سطحي ٿيندي پئي وڃي، ليڊر ڪمزور ٿيندا پيا وڃن ۽ شهري وڌ کان وڌ ٺڳن لاءِ سڻڀو گرھ بڻجي رهيا آهن. سبب سادا ۽ سفاڪ آهن.

مطالعو دماغ کي لاڳيتي ڌيان ڌرڻ، ڳوڙھي ويچارن، زمان ۽ مڪان کان ٻاهر سڄڻ ۽ دشمن کي سڃاڻڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو، پر جڏهن مطالعو گهٽجي وڃي ٿو ته اهي دماغي مشڪون اڳواڻن ۽ پوئلڳن ٻنهي ۾ سسي وڃن ٿيون. نتيجو اهو آهي جنهن کي اسان بلڪل درست نموني “سياسي موڳائپ” سڏي سگهون ٿا.

الف.  نعريبازيءَ کان اڳتي سوچڻ جي اڻاٺ.

ب. ثبوت ۽ جذبات ۾ فرق ڪرڻ جي اڻاٺ.

ج. هڪ نيوز سائيڪل کان اڳتي نتيجا سوچڻ جي اڻاٺ.

گڏيل قومن جي اقتصادي سھڪار ۽ اوسر واري تنظيم (OECD) جي تازو بالغ خواندگيءَ واري سروي ٻڌائي ٿي ته آمريڪا، برطانيه ۽ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ اهي بالغ جيڪي هفتي ۾ ٻه ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪتاب پڙهن ٿا، انهن جو تناسب 15 سيڪڙو کان به گهٽ وڃي رھيو آهي، جيڪو تاريخي طور تي سڀ کان گهٽ آهي. نيشنل اينڊومينٽ فار دي آرٽس (2024ع) موجب رڳو 48 سيڪڙو آمريڪي بالغن گذريل سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب (ڪنهن به موضوع تي) پڙهيو، جيڪو 2002ع ۾ 57 سيڪڙو هو.

2025ع واري پيو (PEO) ريسرچ موجب 30 سالن کان گهٽ عمر وارن 31 سيڪڙو بالغن کي سموري سياسي ڄاڻ تقريبن سڄي مختصر وڊيو پليٽ فارمن (جهڙوڪ: ٽڪ ٽاڪ وغيره) تان ملي ٿي، جتي سراسري ڪلپ 60 سيڪنڊن کان به گهٽ هوندي آهي. ڀارت ۾ نيشنل يوٿ ريڊرشپ سروي 2024ع موجب 15-35 سالن جي نوجوانن ۾ عادي ڪتاب پڙهڻ 2015ع جي ڀيٽ ۾ 42 سيڪڙو گهٽجي ويو.

جڏهن ته پاڪستان ۾ مطالعي جو زوال هڪ سنگين بحران آهي. مجموعي خواندگي جي شرح 60 سيڪڙو تائين محدود آهي، جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ افغانستان کانپوءِ سڀني کان گهٽ آهي، پر اصل مسئلو بنيادي خواندگيءَ کان به اڳتي آهي: 75 سيڪڙو پاڪستاني (پڙهيل لکيل هجڻ باوجود) ڪوبه ڪتاب نٿا پڙهن، شهري نوجوانن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي شرح 15-20 سيڪڙو ۽ ڳوٺن ۾ 5 سيڪڙو کان به گهٽ رهجي وئي آهي.

ھتي پاڪستان جي ھٿ ٺوڪي 60 سيڪڙو خواندگي شرح جي حقيقت کي به ڌيان ۾ رکجي ته ان ۾ اھڙن ماڻھن کي به لکيل پڙهيل ليکيو وڃي ٿو جنھن کي رڳو پنھنجو نالو لکڻ يا صحيح ڪرڻ ئي اچي ٿي. مطالعو دماغي مزاحمتي تربيت آهي. نيورو سائنسدانن ميري اين وولف، اسٽينسلاوس ڊيهين ثابت ڪيو آهي ته ڳوڙھو اڀياس يعني ڊگهو نثري مواد ھنئين سان ھنڊائڻ، دماغ کي اهڙيءَ طرح ٻيهر تيار ڪري ٿو جيئن سرسري پڙهڻ ۽ اسڪرولنگ نٿا ڪري سگهن:

الف. اهو ڊورسل ليٽرل پريفرنٽل ڪورٽيڪس (انتظامي لڇڻن/صلاحيتن ۽ تنقيدي سوچ) کي مضبوط بڻائي ٿو.

 ب. “ٿيوري آف مائنڊ” (من مت) نيٽ ورڪ (تاڃي پيٽي) کي ترقي ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو پڙهندڙ کي پنهنجي خيالن کان بلڪل مختلف نقطهءِ نظر بابت ويچارڻ واري دڳ لائي ٿو.

ج. مرحليوار دليلن ۽ اندرين تضادن کي سمجهڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائي ٿو.

اهڙيون صلاحيتون ٽڪ ٽاڪ يا شارٽ وڊيوز ڏسڻ سان پيدا نٿيون ٿين ۽ بنھھ بيڪار آهن ۽ پارليامينٽ جي مباحثن ۾ به اڻ لڀ ٿينديون پيون وڃن. جڏهن ڪا آبادي اھڙي روزمره واري مشق ڇڏي ڏيندي آهي ته ھڪ پورو سماج دماغي لچڪ وڃائي ويھندو آهي، جيڪي ليڊر پڙهن ڪونه ٿا، جن ڪڏهن به ٿيوسڊائيڊيز (Thucydides)، ابن خلدون، امبيڊڪر، Hannah Arendt جيڪا 1906ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڄائي هئي، جنهن جو خيال هو ته آزادي رڳو گهر ۾ ويهي سوچڻ جو نالو ناهي، پر آزادي تڏهن آهي جڏهن ماڻهو ٻاهر نڪري گڏجي سياست ۾ حصو وٺن ۽ هڪٻئي سان گفتگو ڪن يا جارج اورويل جو نالو ئي ڪونھي ٻڌو يا نه ئي ان کي پڙهيو آهي، اهي ھر ھر ورجايل حماقتن جي خلاف اڪيلي اعتبار جوڳي اپاءُ کان وانجها رهجي وڃن ٿا. تاريخي جھالت اڻٽر ٿي پوندي آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ اهي ئي تباهيون ھر ھر ورجايون وينديون آهن جن بابت سڀني قسم کاڌا آھن ته “ائين ھاڻي ڪڏھن به نه ٿيندو.”

عالمي ليڊرن جي پڙهڻ جي عادت بابت تازا مطالعا ڏاڍا پريشان ڪندڙ آھن. 2024ع ۾ 42 مملڪتي سربراهن/ حڪومتي سربراھن جي تجزيي مان معلوم ٿيو ته رڳو 9 ڄڻا ئي ٽن کان وڌيڪ تاريخ يا فلسفي جي ڪتابن جا نالا ٻڌائي سگهيا، جيڪي حقيقت ۾ انهن جي سوچ تي اثر وجهندڙ هئا. ڪيترائي عوامي ليڊر کلئي عام فخر ڪن ٿا ته “پڙهڻ جو وقت ئي ڪونهي” يا “سڀ ڪجهه بريفنگز ۽ ڳالهين مان ملي ويندو آهي.” نتيجو اهڙي پاليسي آهي جيڪا 45 سيڪنڊن جي لٻاڙ ۾ جوڳي لڳي ٿي، پر پنج منٽن جي جاچ ۾ بيڪار ٿي وڃي ٿي، جيڪو پوئلڳ سرخين کان اڳتي نٿو پڙهي، اهو سوچڻ بدران رد عمل تي مجبور ٿي وڃي ٿو. اهو عوامي ليڊرن لاءِ بهترين خام مال بڻجي وڃي ٿو. جذباتي طور تي مڇريل، تاريخي طور تي ويسارو ۽ فڪري طور بي ھٿيار.

ڊينئل ڪاھنمين ۽ ايموس ٽورسڪيءَ جي ڊگهي تحقيق ٻڌائي ٿي ته سوشل ميڊيا جي مواد جي وھڪري سان ھلڻ واري تکي ۽ وجداني (پاڻ ھرتو) سوچ  يعني ترت ۽ پاڻمرادو سوچڻ وارو طريقو پيشڪش جي انداز جي اثرن، ياد ايندڙ شين جي لھر (جنھن ۾ ھڪ خيال تڪڙو ڦھلجي وڃي ٿو) ۽ بنيادي انگن اکرن ڏانھن ڌيان نھ ڌرڻ واري غلطي جي سامھون بنھه ھيڻي ٿي پوي ٿي. ڳوڙھو ۽ سنجيده مطالعو ئي انھن ڪجھه طريقن مان ھڪ آھي جيڪو ڌيرج، سوچ ويچار سان ڀرپور ۽ شعوري سوچ کي باقاعدگي سان ڪتب آڻي ٿو. سو جڏھن شھرين جو وڏو تعداد مطالعو ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو تھ پورو ووٽر بيس دماغي طور لاچار ۽ بي ھٿيار ٿي پوندو آھي. جنھنڪري ھڪ شيطاني چڪر شروع ٿئي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ سطحي شهري پيدا ٿين ٿا، جيڪي سطحي ليڊر چونڊين ٿا، اهي ليڊر عوامي مڪالمي کي وڌيڪ خراب ڪن ٿا، گهٽ کان گهٽ ماڻهو پڙهڻ جي تڪليف ڪن ٿا، وڌيڪ سطحي شهري پيدا ٿين ٿا.

هي چڪر هاڻي ڪيترين ئي ملڪن ۾ پڌرو نظر اچي رهيو آهي، جيڪي رڳو 20 سال اڳ پڙهيل لکيل ۽ دليل ڏيندڙ عوام طور مشهور ھئا.

مطالعي جو ڪو متبادل ناهي: صوتي ڪتاب ۽ ڊگها پاڊڪاسٽ مدد ڪن ٿا، پر انهن جا دماغي فائدا پرنٽ يا اي انڪ پڙهڻ کان واضح طور گهٽ آهن. ڇاڪاڻ ته اهي دماغ جي فعال مڪاني ۽ بصري نقشي سازي کي ختم ڪري ڇڏين ٿا، جيڪا پيچيده معلومات کي ترتيب ڏيڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. ويڊيو وضاحت ڪندڙ ته اڃان به وڌيڪ خراب آهن، اهي ذهني آدرشن جي اڏاوت کي ڪنهن ٻئي جي ايڊيٽنگ جي مرضيءَ تي ڇڏي ڏين ٿا. سادو نسخو اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو سماج پاڻ ڀرائپ جي صلاحيت برقرار رکڻ چاهي ٿو ته کيس سوچي سمجهي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻيون پونديون، جن ۾ سٺا اڳواڻ ۽ سٺا پوئلڳ پيدا ٿين. انهن جي شروعات هڪ اڻٽر عادت سان ٿئي ٿي، گهڻي کان گهڻو، باقاعده، سنجيده اڀياس.

سياسي موڳائپ کان بچڻ لاءِ ڏاھن ۽ موڳن وٽ شايد ٿورڙو ئي وقت بچيو آھي. ڇا اسان ان ٿورڙي مھلت مان فائدو وٺڻ لاءِ تيار آھيون؟ مطالعي جو زوال ڪا ثقافتي ڪوتاھي ناهي؛ اهو سياسي موڳائپ پکيڙڻ جو بنيادي ذريعو آهي. جيستائين اسان ان کي کليل دل سان تهذيبي ۽ تمدني ايمرجنسي نه سمجهنداسين، تيستائين اسان کي اهڙا ئي اڳواڻ ۽ پوئلڳ ملندا رهندا، جن سان نبيرڻ جي صلاحيت اسان وڃائي ويٺا آهيون.